• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ سنڌيءِ ۾ سکون

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اچو ته ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ سنڌيءِ ۾ سکون

اڪثر دوست سوال ڪندا آهن ته توهان سنڌيءَ ۾ ڪيئن ٿا لکو ۽ دوستن کي ٻُڌائندا به آهيون، پر تنهن هوندي به وري وري پُڇندا آهن ۽ اهو اسان مٿان سندن حق به آهي، ان ڪري جو اسانجو مَتو به آهي ته ”پُڇڻا نه مُنجھڻان“. دوستو ان ڪري اڄ اسان توهان کي هيءِ وڊيو ڏيکاريون ٿا جنهن تي عمل ڪرڻ سان توهان نه صرف ايم. بي سنڌي ءَ جا فانٽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ لوڊ ڪري سگھو ٿي بلڪه هر اُها زبان جنهن کي توهان لکڻ چاهيو ٿي. جي توهان جو ڪم ٿي وڃي ته مهرباني ڪري پنهنجي هر دوست کان صرف ڏهه رُپيه جمع ڪري اسان جي ٻن فنڪارن جي مالي مدد ڪريو جيڪي ڪئنسر جي مُوذي مرض ۾ جڪڙيل آهن ۽ توهان تي تمام لازم آهي، جي توهان سنڌي ٽيلنٽ اهيو، اديب آهيو، ليکڪ آهيو ، پروڊيوسر، گُلوڪار، ڊائريڪٽر، اداڪار، اداڪاره، يا ڪنهن به ڪئٽاگيريءَ جا فنڪار مدد ڪريو ميڊم قمرالنساءِ هڪڙي جي جنهن کي بريسٽ ڪئنسر آهي ۽ عبدالحُسين سارئي جي جنهن کي ڦڦڙن جي هڪ قسم جو ڪئنسر آهي.
ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ
 
جواب: اچو ته ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ سنڌيءِ ۾ سکون

ادا عبدالرزاق، مهرباني اوهان ڪجهه جدت سان سنڌي انسٽال ڪرڻ سيکاري آهي، جنهن ۾ اوهان پنهنجي آواز ۾سنڌيءَ ۾ سمجهائي، قيمتي ڪم ڪيو آهي ۔۔۔

ساڳي وڊيو اسانجي دوست مگسي صاحب پڻ هن اڱڻ تي ڪجهه عرصو اڳ ونڊ ڪئي هئي ۔۔۔

هاڻ اسانجا دوست اهو چئي نه سگهندا ته هو سنڌي لکي نه ٿا سگهن ۔۔۔
 
جواب: اچو ته ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ سنڌيءِ ۾ سکون

جن دوستن جي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي انسٽال ٿيل ناهي، سي دوست هن ٽيوٽرل وڊيو کي چڱي طرح ڏسي ذهن نشين ڪن ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي انسٽال ڪري آرام سان سنڌي لکن۔۔۔
 
جواب: اچو ته ايم بي سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪرڻ سنڌيءِ ۾ سکون

واھ سائين تمام سٺي ونڊ.
 
Back
Top