علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ڏانهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل خط

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG] [​IMG]



    خط موءرخ حيدر آباد 11،12،1957، جناب قبله ڊاڪٽر صاحب
    وعليڪم السلام و رحمت الله و برڪات و بعد ،
    اوهان جو خط موءرخ 8 فيبروري پهتو. اوهان جي پهرين خط جو جواب نه ڏيئي سگهيو آهيان. تنهن لاء معافي طلب آهيان. پنج ڇهه ڏينهن موڪل تي رهيس ۽ ان بعد ڪاليجن جي انسپيڪشن جي سلسلي ۽ مشغولي سبب هيء ڪوتاهي ٿئي وئي. اوهان جا احسان جو سراج المصله بابت گڏيل معلمات موڪليو. ان مدد جو شڪريو ادا ڪيو ويندو. سنڌي لغت کي پريس ۾ موڪلڻ توڙي پروف پڙهڻ وقت، ڪيترائي دفعا ڏسڻو پوي ٿو. لغت جي سلسلي ۾ جيتري ڌڻي توفيق ڏني هئي اوتري محنت ڪئي وئي آهي.البته ڪارڪن ۽ ڪاتب پنهنجي معيار موجب ئي ڳهن وهن ٿا. توهان ڪنهن بهتر ڪاتب رکڻ جو مشورو ڏنو آهي.مگر ماڻهو ملڻ مشڪل آهن.ڪتابت جون غلطيون به درست ٿي سگهنديون.اوهان اصولي طور جيڪي اضافا ڪندا سيئي خاص طور مفيد ٿيندا.اوهان ڪافي تنبيهون ۽ ڏوراپا لکيا آهن. مون کي اوهان سان ڪدورت ڪانهي باقي ــــــــــــــــــــــــــــ من يوسوس في صدورالناس ـ جو علاج ئي ڪونهي. علامه قاضي صاحب جن سان محبت ـــ الحب الله ـــ جي جذبي تي مبني آهي نه ذاتي غرض جي بنياد تي. مون تي قاضي صاحب جن جا اوترائي احسان آهن، جيترا اوهان يا ٻين بزرگن جا آهن. منهنجي ناقص خيال ۾ علانه صاحب جن انهن ٿورن شخصن مان آهن جي فيورس جي قطعن خلاف آهن
    قاضي احمد پنهنجي ڪئي جو پاڻ مالڪ آهي. آء نيڪ نيتي سان تسليم ڪريان ٿو ته علامه قاضي صاحب جن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ هن يونيورسٽي جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ هن يونيورسٽي اڃان سندن خدمتن جي محتاج آهي. انهيء جذبي جو اهو مقصد نه آهي ته آء ڪنهن بزرگ جي خلاف آهيان.جاء خالي هجي ته ٻئي بزرگ لاء به ڪوشش ڪجي ها. اوهان اسان کان وڏا آهيو ۽ استاد جي حيثيت رکو ٿا. مگر ڪافي اهي ماڻهو جن توهان جي خوشامد ڪئي يا دلاسا ڏنا سي منافق آهن. سندن محبت توهان سان نه هئي پر سندن پنهنجي ذاتي غرضن سان هئي. سنڌين جا پاڻ ۾ نفاق اسا جي حقيقي مقام توڙي وقار جو خاتمو ڪندا.انهي حال تي البته افسوس ٿئي ٿو . ذاتي طور منهنجي طرف کان ڪنهن به زيادتي جو اوهان کي احساس هجي ته ان لاء تهدل سان بخشائيندس.باقي وچ وارن ماڻهن جون نيتون صاف نه آهن. انهن جي شر کان شل ڌڻي پناه ۾ رکي.


    مخلص نبي بخش
    (علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ )



    ڪتاب سڄڻ ساريندي ( ڊاڪٽر بلوچ جا لکيل خط) تان کنيل
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو