مون سان ملو

'تعارف' فورم ۾ احسان لغاري ”جان“ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2010۔

  1. احسان لغاري ”جان“

    احسان لغاري ”جان“
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ سلامت واسيو السلام عليڪم!

    منهنجونالو احسان علي لغاري آهي، منهنجو اصل تعلق ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ عطامحمد لغاري سان آهي. حال حيدرآباد ۾ رهائش اٿم. علم ادب سان چاهه اٿم، علم جي انهيءَ شوق جي ڪري ڪمپيوٽر فيلڊ سان پڻ لاڳاپيل آهيان. ڪمپيوٽر سان گڏ ڪجهه پرنٽنگ جي ڪم سان پڻ وابسته اهيان. ڪنهن دوست کي ”سنڌ سلامت“ استعمال ڪندي ڏٺم، ڏاڍي خوشي ٿي ته سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪارائتون سائيٽون به آهن.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مون سان ملو

    سهڻي ضلعي سانگهڙ جا دوست سائين محترم احسان لغاري صاحب ”جان“ ۔۔۔ اوهان سان ملي خوشي ٿي، اوهانجا چاه به سٺا ته شوق به پسنديده ۽ ڪم به ڀلا ۔۔۔ اوهان جهڙا دوست اسانجي ساٿ ۾ هجن ته اسانجي خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ هي اڱڻ سنڌ سڄڻن جو آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي، ثقافت، سياحت، مذهب ۽ سياست مطلب ته سنڌ سان لاڳاپيل سڀ موضوع اسانجي هن اڱڻ تي بحث ڪيا وڃنٿا ۔۔۔ اوهانکي به دعوت آهي ته سنڌ جي هن اڱڻ تي ڀيرو ڪري ۔۔۔ ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ ۔۔۔ ڪجهه ٻڌڻ ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي بنياد تي اسان سان ڪچهريون ڪندا رهندا ۔۔۔

    ٻه ته ٻارنهن ۔۔۔ جيترا دوست گهڻا اوترو ميلو مچندو، مطلب بيان ٿيندا ۽ سجاڳيءَ جا نوان باب کلندا ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي ڪوسي واءُ کان بچائي ۽ ترقيءَ جون منزلون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
    shal judy hujeen
    sindhsalamatsaathsal
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: مون سان ملو

    ادا سائين، سنڌ سلامت جي محبتن چاهتن، ۽ مسرتن ڀري اڱڻ تي، ڀيلڪار ٿو چوان۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مون سان ملو

    ادا احسان توهان جا احسان جو فورم تي ڦيرو ڀريو۔۔۔ ڏسو دوستن توهان جي اچڻ کي ڪيڏو نه ڀلو محسوس ڪيو۔۔۔ مون کي به خوشي ٿي ته اسان جي قابل دوستن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي۔۔۔ حيدرآباد منجهان ئي اسان جا قابل ۽ محنتي دوست موجود آهن ۔۔۔ اميد ته پنهنجي لکڻين جي سلسلي کي جاري رکندا۔۔۔ ۽ ٻين دوستن کي به سنڌ سلامت ڏانهن راغب ڪندا۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو