ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن. اسان جي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جائزو ورتو وڃي ته هتي بيشمار ۽ قيمتي ڪتبخانا موجود آهن. جيئن سنڌولاجي ريسرچ لائبريري، سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري، مهراڻ يونيورسٽي لائبريري، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي لائبريري ان کان علاوه سنڌ جي ٻين يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ قائم ٿيل ڪتب خانا آهن، جن ۾ انتهائي قيمتي ۽ انمول ڪتاب موجود آهن پر افسوس سان ڪيترائي شاگرد انهن جي اهميت کان غافل آهن. شاگرد ڪتب خانن ۾ وڃن ته ٿا پر اهو لاڀ نٿا پرائين جيڪو پرائڻ گھرجي ۽ نتيجو اهو نڪري ٿو ته اڃايل ماڻهو درياءَ جي ويجھو ته وڃي ٿو پر پاڻي پيئڻ بغير واپس اچي ٿو. ڪتبخانن جو اصل مقصد ئي اهو آهي ته شاگرد جيڪي مهانگا ڪتاب بازار مان نٿا خريد ڪري سگھن، انهن جو مطالعو ڪتبخانن ۾ ڪن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ ڪتب خانن جي اهميت ختم ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جي ڪيترن ئي ڪتب خانن ۾ انمول ڪتاب سڙي رهيا آهن. انهن جي مٽي ڇنڊڻ وارو ڪو ناهي. هي هڪ وڏو بحث آهي. سوال هي آهي ته شاگردن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي محبت ڪيئن پيدا ڪئي وڃي؟ هي ڪم صرف ۽ صرف اسان جي معاشري جا استاد صاحبان ۽ والدين ڪري سگھن ٿا. استاد پنهنجي تعليمي قابليت ذريعي تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جي دوران ڪجھه وقت هن طرف به ڏين ۽ پنهنجي ادارن ۾ اهڙا پروگرام ترتيب ڏين جن ۾ ڪتابن جي طرف شاگردن جو رجحان پيدا ٿئي. والدين گھرن ۾ پنهنجي ٻارن تي خصوصي توجه جي ذريعي هي ڪم سرانجام ڏئي سگھن ٿا. ياد رهي ته شاگرد قوم جو مستقبل آهن هنن کي آئنده ملڪ جو واڳون سنڀالڻيون آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته هنن کي تعليم ۽ ڪتاب پڙهڻ تي پوري توجهه ڏيڻ کپي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪتب خانا اصل ۾ علم خانا آهن، بس ڪو هجي جو ان علم کي پاڻ ۾ سمائي۔ اسان وٽ لائبريرين جو قدر گهٽ آهي، جي آهي ته پڙهڻ وارا گهٽ آهن، جتي ٻئي آهن اتي ڪتابن ۽ سهولتن جي کوٽ آهي۔ مان شروع ۾ ڪراچي آيس ته اڪثر ڪري لياقت نيشنل لائبريري ويندو هيس، ڇا ته رش هوندي هئي؟ ڪتب خانن سان گڏ هاڻي جيڪڏهن اي بوڪ جي افاديت کي سمجهي ان تي به ڪم ٿئي ته جيڪر ڪافي آسانيون ٿي وڃن۔ اوهان جو سهڻو ليک، اوهان سدائين علم ۽ ڪتابن جي ڳالهه ڪندا آهيو ۔۔۔ سدا خوش هجو۔
جڏهن قومن جو سفر پستي ۾ هوندو آهي ته ان قوم جي هر قدر پستي ڏانهن سفر ڪندي آهي۔ ان ۾ ڪو هڪ ادارو ڪو هڪ اصول پستي ۾ ناهي ڪرندو پر هر قدر پستي ڏانهن هوندو آهي۔ جڏهن قومون بلندي ڏانهن سفر ڪنديون آهن ته انهن ۾ هر قدر پلندي ڏانهن سفر ندي آهي ۔ هاڻي سوال هي آهي ته اسان جو سفر ڪهڙي طرف هلي رهيو آهي اها سمت ڏسڻ جي ضرورت آهي ۔ اوهان بهترين نشاندهي ڪئي آهي ۔ اوهان جا لفظ قابلِ تحسين آهن۔ وسلام