ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪتب خانا اصل ۾ علم خانا آهن، بس ڪو هجي جو ان علم کي پاڻ ۾ سمائي۔ اسان وٽ لائبريرين جو قدر گهٽ آهي، جي آهي ته پڙهڻ وارا گهٽ آهن، جتي ٻئي آهن اتي ڪتابن ۽ سهولتن جي کوٽ آهي۔
مان شروع ۾ ڪراچي آيس ته اڪثر ڪري لياقت نيشنل لائبريري ويندو هيس، ڇا ته رش هوندي هئي؟ ڪتب خانن سان گڏ هاڻي جيڪڏهن اي بوڪ جي افاديت کي سمجهي ان تي به ڪم ٿئي ته جيڪر ڪافي آسانيون ٿي وڃن۔
اوهان جو سهڻو ليک، اوهان سدائين علم ۽ ڪتابن جي ڳالهه ڪندا آهيو ۔۔۔ سدا خوش هجو۔