
ڏوڪڙن جي مٽاسٽا واري اهڙي ڌنڌي کي فاريڪس ٽريڊنگ چيو ويندو آهي۔۔ يعني هن ڌنڌي ۾ هڪ ملڪ جي ڏوڪڙن جي بدلي ۾ ٻئي ملڪ جا ڏوڪڙ خريد ڪيا ويندا آهن۔۔۔ عالمي منڊيء ۾ هر ملڪ جي ڏوڪڙن (ڪرنسي) جي قيمت ٻئي ملڪ جي ڏوڪڙن (ڪرنسي) کان مختلف ٿيندي آهي۔۔ ۽ وقت سان گڏو گڏ ان ۾ وڌ گهٽائي ايندي رهندي آهي۔۔۔
جيڪڏهن توهان به گهر ويٺي پنهنجي بچت جي ڪمائي کي ڪنهن اهڙي ڌنڌي ۾ آڻي تڪڙا امير ٿيڻ جا خواب پيا ڏسو يا وري هن ڌنڌي کي سمجهڻ ٿا چاهيو ته منهنجو مشورو آهي ته پهريان وڏن جوارين وانگر پئسن بجاءِ ٺڪرن ۽ ڀترن سان کيڏو۔۔

جي ها منهنجي صلاح آهي ته توهان آن لائين فاريڪس ٽريڊنگ آزمايو ۽ ان لاءِ انتهائي مددگار ۽ آسان ترين ويب سائيٽ آهي ”اي ٽورو“۔۔ (ياد رهي ته هتي ٻنهي لفظن کي گڏي پڙهو۔۔ الڳ الڳ ڪري يا وقفي سان پڙهڻ دوران دوستن سان بدمزگي جو خدشو موجود آهي۔۔


هن سائيٽ تي اچي کاتو بڻايو ۽ پوءِ پريڪٽس ڪرڻ يا ٽريڊنگ سکڻ لاءِ توهان اصل پئسن بجاءِ ورچوئل پئسن (ٺڪر ڀتر) سان به ٽريڊنگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هن ويب سائيٽ جو ٽريڊنگ سسٽم ويب بيسڊ آهي ۽ اينڊروائيڊ جي لاءِ ايپليڪيشن پڻ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهون هن سائيٽ کي استعمال ڪري رهيا آهن۔۔ جيڪو هن ويب سائيٽ جي ڪاميابي جو ثبوت آهي۔۔ ٽريڊنگ لاءِ بهترين فيچرس هن سائيٽ کي ٻين ويب سائيٽس کان ممتاز بڻائين ٿا۔۔۔ ڇو ته هتي آٽو آرڊر سيٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔ ته جيئن فلاڻي ڪرنسي جڏهن فلاڻي جڳهه تي اچي ته آرڊر شروع ٿي وڃي۔۔۔ ان کان علاوه هتي ٻين يوزرس جا آرڊر به ڏسي سگهجن ٿا جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ٽريڊنگ ڪيئن ڪجي۔۔۔
ان کان علاوه هن سايئٽ جو سڀ کان بهترين آپشن اهو آهي ته جيڪڏهن ڏسندا هجو ته ڪو سليمان وساڻ جهڙو تيز واپاري بهترين ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي ته توهان بس ان کي فالو ڪرڻ شروع ڪريو۔۔۔ هو جيڪو ڌنڌو (ٽريڊ) اوپن ڪري توهان به اهو ئي ڌنڌو شروع ڪريو۔۔۔ ان طرح ڏسندي ڏسندي ئي فاريڪس ٽريڊنگ جو تجربو نه هجڻ باوجود توهان ٻين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندي امير ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔۔۔

ڏوڪڙن کان علاوه توهان هتي سون، چاندي، ۽ تيل سان پڻ ڌنڌو شروع ڪري سگهو ٿا۔۔۔ وقت آهر اي ٽورو ويب سائيٽ طرفان توهان لاءِ ڪئي انعام ۽ پروموشنز پڻ ڏنا ويندا آهن۔۔۔ ته پوءِ وک وڌايو هي آهي ”اي ٽورو“