آن لائين ڌنڌو ڪري وڏا واپاري بڻجو...

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    توهان اڪثر دوستن سان ڪچهري دوران ٻين ملڪن جي ڏوڪڙن ۽ انهن جي ريٽن تي گفتگو ٻڌي هوندي۔۔ ڪو آمريڪا جي ڊالر جي ڳالهه ڪندو هوندو ته ڪو وري انگلينڊ جي پائونڊ جو ۔۔۔ ڪي يورپ جي يورو ۾ دلچسپي رکندا آهن ته ڪي وري ڪويت جي دينارن ۾ ۔۔۔۔ اسان جو دوست علي علي ته هميشه ڊالر ڊالر پيو ڪندو آهي۔۔۔ جڏهن به پاڪستان اچي ته ڊالر جي قيمت گهٽ هجڻ جو روئڻ روئي ۽ وري جڏهن به ٻاهر وڃي ته ڊالر جي قيمت وڌڻ جا نعرا پيو لڳائيندو آهي۔۔۔ اهڙي طرح ڪافي دوست پنهنجي پئسن کي ٻاهرين ملڪن جي ڪرنسيء ۾ تبديل ڪري رکندا آهن۔۔ ته جيئن ان ملڪ جي سڪي جي قيمت چڙهندي ئي ان ڪرنسيء کي روپين ۾ تبديل ڪري فائدو حاصل ڪن۔۔۔ اهڙا اڪثر دوست صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ان ڪري ڪڏهن گهاٽي جو سودو ئي نه ڪن۔۔۔ پر جي اسان جهڙا اناڙي هن ميدان ۾ اچن ته اصل ڪلاڪن ۾ ئي پنهنجي ملڪيت وڃايو ويهي رهن۔۔۔
    ڏوڪڙن جي مٽاسٽا واري اهڙي ڌنڌي کي فاريڪس ٽريڊنگ چيو ويندو آهي۔۔ يعني هن ڌنڌي ۾ هڪ ملڪ جي ڏوڪڙن جي بدلي ۾ ٻئي ملڪ جا ڏوڪڙ خريد ڪيا ويندا آهن۔۔۔ عالمي منڊيء ۾ هر ملڪ جي ڏوڪڙن (ڪرنسي) جي قيمت ٻئي ملڪ جي ڏوڪڙن (ڪرنسي) کان مختلف ٿيندي آهي۔۔ ۽ وقت سان گڏو گڏ ان ۾ وڌ گهٽائي ايندي رهندي آهي۔۔۔
    جيڪڏهن توهان به گهر ويٺي پنهنجي بچت جي ڪمائي کي ڪنهن اهڙي ڌنڌي ۾ آڻي تڪڙا امير ٿيڻ جا خواب پيا ڏسو يا وري هن ڌنڌي کي سمجهڻ ٿا چاهيو ته منهنجو مشورو آهي ته پهريان وڏن جوارين وانگر پئسن بجاءِ ٺڪرن ۽ ڀترن سان کيڏو۔۔ :)
    جي ها منهنجي صلاح آهي ته توهان آن لائين فاريڪس ٽريڊنگ آزمايو ۽ ان لاءِ انتهائي مددگار ۽ آسان ترين ويب سائيٽ آهي ”اي ٽورو“۔۔ (ياد رهي ته هتي ٻنهي لفظن کي گڏي پڙهو۔۔ الڳ الڳ ڪري يا وقفي سان پڙهڻ دوران دوستن سان بدمزگي جو خدشو موجود آهي۔۔:))

    [​IMG]

    هن سائيٽ تي اچي کاتو بڻايو ۽ پوءِ پريڪٽس ڪرڻ يا ٽريڊنگ سکڻ لاءِ توهان اصل پئسن بجاءِ ورچوئل پئسن (ٺڪر ڀتر) سان به ٽريڊنگ ڪري سگهو ٿا۔۔۔ هن ويب سائيٽ جو ٽريڊنگ سسٽم ويب بيسڊ آهي ۽ اينڊروائيڊ جي لاءِ ايپليڪيشن پڻ ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهون هن سائيٽ کي استعمال ڪري رهيا آهن۔۔ جيڪو هن ويب سائيٽ جي ڪاميابي جو ثبوت آهي۔۔ ٽريڊنگ لاءِ بهترين فيچرس هن سائيٽ کي ٻين ويب سائيٽس کان ممتاز بڻائين ٿا۔۔۔ ڇو ته هتي آٽو آرڊر سيٽ ڪري سگهجي ٿو۔۔ ته جيئن فلاڻي ڪرنسي جڏهن فلاڻي جڳهه تي اچي ته آرڊر شروع ٿي وڃي۔۔۔ ان کان علاوه هتي ٻين يوزرس جا آرڊر به ڏسي سگهجن ٿا جنهن سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ٽريڊنگ ڪيئن ڪجي۔۔۔
    ان کان علاوه هن سايئٽ جو سڀ کان بهترين آپشن اهو آهي ته جيڪڏهن ڏسندا هجو ته ڪو سليمان وساڻ جهڙو تيز واپاري بهترين ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي ته توهان بس ان کي فالو ڪرڻ شروع ڪريو۔۔۔ هو جيڪو ڌنڌو (ٽريڊ) اوپن ڪري توهان به اهو ئي ڌنڌو شروع ڪريو۔۔۔ ان طرح ڏسندي ڏسندي ئي فاريڪس ٽريڊنگ جو تجربو نه هجڻ باوجود توهان ٻين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندي امير ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔۔۔;)
    ڏوڪڙن کان علاوه توهان هتي سون، چاندي، ۽ تيل سان پڻ ڌنڌو شروع ڪري سگهو ٿا۔۔۔ وقت آهر اي ٽورو ويب سائيٽ طرفان توهان لاءِ ڪئي انعام ۽ پروموشنز پڻ ڏنا ويندا آهن۔۔۔ ته پوءِ وک وڌايو هي آهي ”اي ٽورو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو سڀ ايڏو سولو به ناهي۔ جڏهن مان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪم شروع ڪيو هو ته شروع ۾ فائدو ٿيو ۽ پوء لاڳيتو نقصان۔ پر وقت سان گڏ سمجهه اچي وئي ۽ هاڻ محتطاط رهي ڪم ڪندا رهون ٿا۔

    پر فاريڪس ٽريڊنگ سان الائي ڇو گهڻي ڪانه پئي ۽ دوستن جي اسرار باوجود به اوڏانهن نه ويس۔ هاڻي ڏسون ته هي ويب ڪيڏانهن ٿي وٺي وڃي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واپار ۾ نفعو يا نقصان برابر هوندو آهي ۽ ڪجھ حاصل ڪرڻ لا ڪجھ وڃائڻو به پوندو آهي، جيڪو رڳي فائدي جو سوچي اهو اهڙن ڪمن کان پري رهي! باقي ادا علي علي جي لا ته ڊالرن جي راند کٻي هٿ جي راند آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    مون ڪافي سائيٽن تي ڊيمو اڪائونٽ ٺاهي ان ڪاروبار جي پريڪٽس ڪئي۔ڪافي رسڪي ڪم آهي۔سيڙايل پئسن تان هٿ کڻي پو ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ کپي۔ ميٽا ٽريڊر 4 تي اهو ڪم ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي۔گذريل سال هينٽيڪ وارن طرفان هڪ ڪامپيٽيشن ۾ به حصو ورتو هئم،جيڪو انڊيا جي هڪ ڇوڪري کٽيو هو۔ انسٽا فاريڪس ۔ڪام تي هر هفتي ڪامپٽيشن ۾ حصو وٺي سًگهجي ٿو۔مون ٿوري سيڙپ سان اهو ڪم ڪرڻ جو سوچيو پر پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هتان اتي جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪلڻ ڏاڍا مشڪل آهن،ان جو ڪو طريقو هجي ته ان کان آگاه ڪندا۔
     
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مونکي اهي ٺڪر ڀتر سمجهه ۾ ڪو نه آيا آهن۔۔ مطلب اصلي پيسن سان واپار ڪبو يا نقلي پيسن سان۔۔؟ :)
    معاف ڪجو۔۔مونکي انهي باري ۾ الف بي جي به خبر ناهي۔۔آن لائين بزنس بابت رڳو ٻڌو اٿم۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    eToro.com بهترين آهي۔ مان پاڻ پريڪٽس ڪريان پيو، اڃان پريڪٽس پڪي نه ٿي آهي جو اصل پئسن سان ڪم ڪجي، مان سمجهان ٿو گهٽ ۾ گهٽ هڪ کان ٽي مهينن تائين پريڪٽس ڪجي پو اصل آغاز ڪجي۔ جيڪي جيڪي دوست انهن تي ڪم ڪرن ٿا اهي هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪندا رهن ته اسين هن سائيٽ تي اهڙي رهنمائي حاصل ڪري سگهون ۽ اهو ڪم ڪريون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسان ته آهيون ئي فقير نصورو سادا

    اسان کي به ڪو بزنس ڪرڻ سيکاري

    معلومات ونڊ ڪري
     
  8. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    فقير سائين اسان اوهان کي چڱي طرح سڃاڻو۔ ڪافي پراڻي واقفيت آهي،
    اوهان ته نالي جا فقير آهيو، اصل ۾ املهه آهيو، اوهان کي انهن ڪاغذي ڪرنسي جي ڪهڙي گهرج۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    مهنجي خيال ۾ ته هي ويب سايٽ ٽريڊ جي لاء دوستن جي لاء ڪافي موثر ثآبت ٿيندي
    www.youtradefx.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين گل صاحب هن دنيا ۾ ڪاغذي ڪرنسي جي وڏي اهميت آهي بس جيئن لا۽ هٿ پير ته هڻڻو آهي نه ادا

    بهرحال ادا توهان مون کي ڪافي پراڻو سڄاڻو ٿا پر مون کي ذهن ۾ نه پيو اچي جيڪڏهن مهرباني ڪري پرسنل ميسيج ۾ ياد دهاني رائيندو ته مهرباني ٿيندي ۔

    سدائين گڏ

    فقير
     
  11. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    مون سڀني جون لکيل تحريرون پڙهيون پر مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي ته ڇا اهو ممڪن آهي ته بينڪ اڪائونٽ جو هجڻ لازمي آهي ڇا جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به بينڪ ۾ هجي ۽ اڪائونٽ ۾ ڪيترا پيسا هجن جو ان کانپوء اهو ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو۔
     
  12. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان

    ادابئنڪ ۾ اڪائونٽ هجڻ ته اڄڪلهه جي اهم ضرورت آهي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڪائونٽ ته يقينا سڀني جو هوندو، باقي اگر نيٽ بينڪنگ  اي ٽي ايم ڪارڊ ويزا انيبل هجي ته ڪهڙي به ملڪ جي فاريڪس اداري کي پيمنٽ ڪري سگهجي ٿي۔
    يو يو بي ايل، سٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ الحبيب جا اي ٽي ايم ڪارڊ ويزا انيبلڊ آهن، باقي بي ڪافي بينڪن جا هوندا، مون وٽ يو بي ايل، سمت بئنڪ ۽ بئنڪ الفلاح جا اڪائونٽ آهن مگر انهن مان صرف يوبي ايل ويزا انيبلڊ آهي۔
    باقي پئسا ڪيترا هجن، ان لا سائين جيترا زياده هوندا اوترو گهڻو فائدو ۽ گهڻو نقصان ٿي سگهندو آهي،
    منهنجي را آهي ته 10 کان 25 هزار تائين ڪم اسٽارٽ ڪجي، پر 50 سيڪڙو تي ڪم ڪجي ۽ 50 سيڪڙو بيڪ اپ رکجي ته اگر ڪنهن ڪرنسي جو ريٽ ڪجهه زياده ئي گهٽ ٿيڻ لڳي ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ٽريڊ پئسن نه هجڻ ڪري بند نه ٿي سگهي۔
    ان کان علاوه جيترا پئسا ان بزنس ۾ لڳائجن، جڏهن اوترو فائدو رسي ته مول واپس ڪڍي وٺجي ۽ پو پرافٽ سان ڪم ڪجي ته انشاالله الله ڀلائي ڪندو۔
    اڪثر دوست هن بزنس کي جوا وانگر سمجهندا آهن ائين بالڪل نه آهي هن بزنس کي ڏاڍو سوچي سمجهي دنيا جي معاشي سياسي حالات تي نظر رکي ڪري ئي ڪري سگهبو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو