مائڪروسافٽ ورڊ جون ڪجهه دلچسپ ٽپس...

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مائڪروسافٽ جو ورڊ پروگرام ڪمپوزيشن ۽ ڊرافٽنگ لاءِ انتهائي آسان ۽ پنهنجي شاندار فيچرس جي ڪري انتهائي مشهور پروگرام آهي۔۔ ونڊوز تي ڪم ڪندڙ تقريبن 99 سيڪڙو يوزرس اهو پروگرام استعمال ڪندا آهن۔۔۔ هن پروگرام جو ليٽيسٽ ورشن آفيس 2013 ۾ شامل آهي۔۔ جنهن ۾ کوڙ سارا فيچرس شامل آهن۔۔۔ جنهن مان هڪ ته مون کي به ڪافي پسند آهي ۔۔۔ سو آهي اينيميٽڊ جف تصويرون ٺاهڻ۔۔۔
    خير هتي مان توهان کي ورڊ پروگرام جون ڪجهه دلچسپ ٽپس ونڊ ڪندس جيڪي نه رڳو ورڊ 2013 لاءِ ڪارآمد آهن پر پراڻي ورشنس تي پڻ اپلائي ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔

    *********​

    لکائي کي تڪڙو چونڊڻ
    هوئن ته توهان کي خبر ئي هوندي ته پيراگراف تي مائوس سان ٽرپل ڪلڪ ڪري توهان مڪمل پيراگراف چونڊي سگهو ٿا۔۔۔ يا وري ڪنٽرول بٽڻ پريس ڪري جملي تي ڪاٿي به ڪلڪ ڪري مڪمل جملو چونڊي سگهو ٿا۔۔ پر ڇا توهان پيراگراف ۾ ڪاٿي به ريڪٽينگيولر بلاڪ طور لکائي کي چونڊڻ ڄاڻو ٿا۔۔۔؟ بلڪل ائين جيئن ڦوٽوشاپ ۾ مرڪي ٽول سان چونڊ ڪئي ويندي آهي۔۔۔ نه نه۔۔۔ ته پوءِ مان توهان کي ڏسيان ٿو۔۔۔
    سڀ کان پهريان ڪيبورڊ تان الٽر ڪي دٻايو ۽ مائوس ذريعي پيراگراف مان ريڪٽينگيولر حصو ڊريگ ڪريو۔۔۔ اڙي هي ڇا ۔۔ توهان ڏسندو ته رڳو اهو حصو جيڪو توهان جي ڊريگنگ سان گرفت ۾ آيو هوندو چونڊجي ويندو ۔۔۔ هاڻي چاهيو ته چونڊيل حصي تي فارميٽنگ اپلائي ڪريو۔۔۔ بلڪل هن جف تصوير وانگر۔۔۔

     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ کان وڌيڪ مواد ڪلپبورڊ ۾ ڪاپي ڪرڻ
    هوئن ته ورڊ جي ڪنهن به فائيل ۾ موجود ٽيڪسٽ، تصويرن يا آبجيڪٽ کي ڪٽ ڪري ٻئي فائيل ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان هڪ ئي وقت ڪئي تصويرن، آبجيڪٽ يا لکائي کي مختلف جڳهين تان کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ٿا ڪرڻ چاهيو ته بار بار ڪٽ ڪرڻ بجاءِ مائڪروسافٽ ورڊ جي بهترين فيچر Spike کي استعمال ڪريو۔۔۔ جنهن جي شارٽ ڪٽ ڪمانڊ CTRL+F3 آهي۔۔
    ان لاءِ توهان لکائي ۽ تصوير يا آبجيڪٽ کي پهريان چونڊيو ۽ ڪيبورڊ تان CTRL+F3 دٻايو۔۔۔ وري ٻي تصوير ۽ لکائي کي چونڊيو ۽ CTRL+F3 دٻايو۔۔ اهڙي طرح جيتريون تصويرون يا لکائي منتقل ڪرڻيون هجن کي چونڊيو ۽ ڪمانڊ وارو عمل دهرايو۔۔۔ ان کانپوءِ جنهن هنڌ منتقل ڪرڻيون هجن اتي پهچي سپائيڪ يا ٻين لفظن ۾ پيسٽ ڪريو جنهن جي شارٽ ڪمانڊ Ctrl+Shift+F3 آهي۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪم ڪرڻ واري هنڌ کي تڪڙو ڳوليو
    جيڪڏهن توهان ڪنهن وڏي فائيل تي ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ ڪنهن ڪم سبب توهان کي ڪنهن وقت ساڳي فائيل تي هيٺ يا مٿي بار بار اسڪرول ڪرڻو ٿو پوي يا وري ساڳي فائيل ۾ ڪو مواد ڳولڻو ٿو پوي ۽ پوءِ توهان واپس ان ساڳي جڳهه تي وڃڻ ٿا چاهيو جتي توهان ڪم ڪري رهيا هيو ته بجاءِ سڪرولنگ ڪرڻ جي توهان کي گهرجي ته پنهنجي ڪم ڪرڻ واري جڳهه تي Shift+F5 پريس ڪري هڪ سائڪلنگ سپاٽ شارٽ ڪٽ بڻايو ان کان پوءِ اوچتو آيل ڪم کي نمٽايو ۽ پوءِ ٻيهر Shift+F5 پريس ڪريو۔۔۔ ته توهان ان ساڳي هنڌ واپس پهچي ويندو جنهن هنڌ توهان ڪم ڪري رهيا هيو۔۔ يا جنهن هنڌ توهان سائڪلنگ سپارٽ شارٽ ڪٽ بڻايو هو۔۔۔
    اهڙي طرح توهان ساڳيو شارٽ ڪٽ بڻائي فائيل بند ڪريو وري جڏهن به ٻيهر فائيل کوليندو ته فائيل کلندي ئي توهان کي ان هنڌ تي پهچايو ويندو جنهن هنڌ توهان اهڙو شارٽ بڻايو هو۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لکو جتي توهان چاهيو
    ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان ورڊ ڊاڪومينٽ فائيل کي وائيٽ بورڊ طور پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔؟ ۽ جتي چاهيو اتي لکي سگهو ٿا۔۔؟
    نه۔۔۔ نه۔۔۔ ته پوءِ مان توهان کي ڏسيان ٿو۔۔۔ بس رڳو جتي لکڻ چاهيو اتي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ لکڻ شروع ڪريو ۔۔ بلڪل هن جف تصوير وانگر۔۔۔:)

     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سادي لکائي ۾ تبديل ڪرڻ
    مائڪروسافٽ ورڊ ويب سائيٽس تان مواد کي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ لاءِ پڻ بهترين ايڊيٽر آهي۔۔۔ پر اڪثر ويب سائيٽ تان مواد ڪاپي پيسٽ ڪرڻ ڪري ويب سائيٽ جو اسٽائيل ۽ فارميٽنگ برقرار رهندو آهي۔۔۔ ۽ ڪافي مواد ٽيڪسٽ باڪسز ۾ اچي ويندو آهي۔۔۔ اهڙي مواد کي ٽيڪسٽ باڪسز مان آزاد ڪرڻ لاءِ ٽيڪسٽ باڪس چونڊيو ۽ ڪيبورڊ تان Ctrl+Space Bar دٻايو جنهن سان مواد ٽيڪسٽ باڪس مان آزاد ٿي سادي لکائي ۾ تبديل ٿي ويندو۔۔۔
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لکائي کي ڪاپي پيسٽ بنا ئي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪريو
    گهڻا ماڻهون فائيل ۾ موجود لکائي کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪٽ پيسٽ استعمال ڪندا آهن ڪي وري ساڳي مقصد لاءِ لکائي کي چونڊي مائوس سان ڊريگ ڊراپ ڪندا آهن۔۔۔ پر جيڪڏهن فائيل وڏي هجي ته پريشاني وڌي سگهي ٿي۔۔۔ اهڙي صورت ۾ هڪ بهترين حل اهو آهي ته لکائي کي چونڊيو ۽ ڪيبورڊ تان F2 دٻايو۔۔ هاڻي ڪرسر کي ان هنڌ رکي ڪيبورڊ تان انٽر دٻايو جتي چونڊيل لکائي کي منتقل ڪرڻو هجي۔۔۔ توهان جي لکائي منتقل ٿي ويندي۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    لڪيل ڪلڪيوليٽر
    توهان کي خبر آهي ته مائڪروسافٽ ورڊ ۾ هڪ لڪيل ڪلڪيوليٽر به ٿيندو آهي۔۔۔؟ ۽ توهان جيڪڏهن چاهيو ته ورڊ ۾ به ايڪسل پروگرام وانگر حسابن جون نشانيون استعمال ڪندي انگ لکو ۽ ان کي سليڪٽ ڪري ڪلڪيوليٽر آئڪان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اسٽيٽس بار تي نتيجو ڏسي سگهو ٿا۔۔۔
    اهڙي آئڪان کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آفيس بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ورڊ آپشن کوليو ۽ ڪسٽمائيز تي اچو​
    [​IMG]
    هتي ساڄي پاسي ڏانهن آل ڪمانڊ چونڊي ڪلڪيوليٽ آئڪان تي اچو ۽ ان کي ڪوئيڪ ايڪسيس ٽولبار ۾ ايڊ ڪريو۔۔​
    [​IMG]
    هاڻي 2+2 لکي ان کي سليڪٽ ڪريو ۽ ڪلڪيوليٽر آئڪان تي ڪلڪ ڪريو۔۔ نتيجو سٽيٽس بار تي ڏسو۔۔۔​
    [​IMG]
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فونٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ پيراگراف انسرٽ ڪريو
    ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪو فونٽ چيڪ ڪرڻ لاءِ مائڪروسافٽ ورڊ ۾ ڪو پيراگراف ٽائيپ ڪري ان تي فونٽ اپلائي ڪري ڏسندا آهيون۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ته جملي ٽائيپ ڪرڻ بجاءِ Lorem Ipsum فلٽر اپلائي ڪري وقت بچائي سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ بس رڳو ()lorem= لکو ۽ انٽر پريس ڪريو۔۔ پيراگراف پاڻهي لکجي ويندو۔۔۔

     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين سائين
    ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
    پر سائين اهيو فوٽو واري سمجهاڻي ڪيئن ٺاهبي آهي۔۔۔؟ٿورو ٻڌايو
     
  10. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين تمام بهترين ونڊ آهي۔ الله پاڪ توهان کي خوش رکي۔ آمين
     
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واهه.! حيرت انگيز ٽپس . آئون ته ايم ايس ورڊ کي روزانه استعمال ڪندو آهيان پر اهي ٽپس اڄ ڏٺيون آهن. هاڻ ته اسان جو اڌ مسئلو حل ٿي ويو.
     
  12. ارشد

    ارشد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سچل سرمست ڪالوني ڪوٽڙي
    تمام زبردست معلومات آهي سائين
     
  13. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو