هاله ڪنڊي (هالا)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    شمس العماء مرزا قليچ بيگ​

    هالن جو شهر مشهور قديم شهر آهي. پراڻا هالا، جنهن جو نالو مرتضى آباد هو، سو مخدوم مير محمد جو ٻڌايل هو. درياھ جي پائڻ ڪري پوءِ نئون شهر آڻي ٻڌائون ڪوه کن پنڌ تي. منجھس گھڻائي بزرگ تي گذريا جنن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    (1 مخدوم اسحاق ڀٽي (2 مخدوم ابراهيم ولد عمر (3 مخدوم عربي ديانه (4* مخدوم نوح ولد نعت الله صديقي (5 مخدوم صدر الدين راهوتي.
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهين سنگھار سمو سندن سردار هو، تڏهين هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هاله ڪنديءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908ھ : 1502ع ڌاري جڏهين مرزا شاه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهين ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 998ھ : سنه 1589ع ۾ اڪبر بادشاه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گھرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 117ھ : سنه 1782ع ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهين هو هاله ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهين مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاھ تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرافراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201ھ : 1612ع ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري هاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قندهار وٺي ويس. سنه 1259ھ :ۡ 1843ع ۾ جڏهين سرچارلس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهين نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين. پوءِ 18 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 18 تاريخ فبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻي وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.
     
  2. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    واه سائين واه جهانداد ڇاته شيئرنگ آهي
     
  3. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    تمام زبردست ادا جهانداد،
    ڇا ڳالھ ڪجي توهان جي
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا جهانداد تمام بهترين شيئرنگ آهي،
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا سمون صاحب توهان جو هي تاريخي مضمون پڙهي تمام گهڻي ڄاڻ ملي، اهڙا معلوماتي مضمون سنڌ سلامت کي سُهڻو بلڪه تمام سُهڻو بنائي سگهن ٿا. ان کان علاوه توهان هن پوسٽ جو عنوان ته ڏنو آهي هالا ڪُنڊي پر پوسٽ جي مُهاڙ تي توهان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو عنوان وڏن اکرن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسان جهڙا ڪيئن ٻيا موڳا اهوئي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هن عنوان جو نالو ئي مرزا قليچ بيگ آهي، حالانڪه ان مضمون جو ليکڪ مرزا قليچ بيگ آهي، هڪڙي ٻي گُذارش اها ڪرڻي آهي ته جنهن ڪتاب تان توهان اهو مضمون ورتو آهي، براءِ مهرباني اُن ڪتاب جو ريفرنس مطلب حوالو ڏنو وڃي ته تمام گهڻي مهرباني ٿيندي ۽ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو پڻ ٿيندو، ان کان علاوه ٿي سگهي ٿو ته اسان اُهو ڪتاب تلاش ڪري خريد ڪريون ته جيئن گڏو گڏ ڪتاب جي پبلسٽي پڻ ٿئي توهان کي خبر آهي ته اسان سنڌي ماڻهو ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪنجوسي ته ڪندا آهيون ئي آهيون پر ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ ته بلڪل ڪورا آهيون، اسان توهان کي هڪ ٻي پڻ گُذارش ٿا ڪريون ته اهڙا ناياب مضمون ضرور ضرور سنڌ سلامت تي موڪليندا ڪريو ته جيئن اسان جي سنڌي ساروڻيون جن تي وقت جي ستم ظريفيءَ جي ڪري دز لڳي چُڪي آهي ان ماضيءَ جي ورثي کي وري اُجاگر ڪري سگهون. مهرباني​
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا جهانداد تمام پياري شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو .
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار اڄڪلهه اسان نوجوان نسل جو تعليم طرف تمام گهٽ لاڙو آهي، پڙهڻ سان ته اسان جي لڳي ئي ڪانه ٿي، رڳو ٽي وي گيمون، ۽ ڪمپيوٽر جي بي مقصد ويهڻ، آخر نئين نسل کي ڪهڙي طرح تعليم ڏانهن ۽ با مقصد زندگي ڏانهن لاڙجي،......?
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور


    هن موضوع تي جيڪڏهن هڪ الڳ ٿريڊ اسٽارٽ ڪجي ته ڪيئن رهندو سنڌ سلامت جا دوستو
    پنهنجي را۽ ضرور ڏيجو shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  9. Mozmil

    Mozmil
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2023
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    مزو۔۔۔نہ۔۔۔رھیو۔۔۔شھر۔۔مین۔۔مرشد۔ امیں۔۔فھیم۔رح۔جی۔۔وصال۔۔۔کان۔۔پوء۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو