محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي ​


    [​IMG]

    صبر توڪل ته لازمي ڳالهيون آهن مگر اهيا به حقيقت آهي ته محنت کانسواء به ڪجهه ناهي، (قرآن ۾ رب ڪائنات جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي فرمائي ٿو جنهن جو مفهوم هي آهي ته جيڪو جيتري محنت ڪندو، ان کي اوترو ملندو ) ان ۾ نه رنگ جو ذڪر نه نسل جو نه قوم جو ادا مون کي ڏک ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جا سنڌي ڪجهه سسست آهن۽ ڪم کان نٽائيندا آهن۔ اهيو منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي، مون ڪجهه دوستن کي مختلف ڪمپنين ۾ نوڪرين سان به لڳرايو مگر ڪم ۽* ٽائيم وڍيڪ ڏسي ڪراچي ڇڏي ويا. جڏهن ته هت ڪراچي ۾ پٺاڻ اچي ٿو ۽ ڪراچي ۾ هر اهو ڪم ڪري ٿو جيڪو ڪم سنڌي نه ٿو ڪري.
    هت پٺاڻ هڪ ڪمري ۾ اچي 20،20 ڄڻا رهندا ۽ پنهنجا پيسا بچائيندا ، آرام ۽ سڪون کي ڪونه ڏسندا، جڏهن ته اسان جو سنڌي چوندو آرام ۽ سڪون کپي. ۽ اچي چوندا آهن ته ادا اسان کي نوڪري ته کپي مگر پگهار سٺي هجي ۽ ڪم ۽ ٽائيم ٿورو هجي۔ جڏهن ته پٺاڻ شروع ۾ پراڻا پنا ڪچرو ميڙڻ کان ڪم شروع ڪندو (مان ائين به ڪو نه ٿو چوان ته ڪو سنڌي ڪراچي اچن ۽ اچي ڪراچي ۾ پنا ميڙين پر محنت ڪن پوء اهو ڪم ڇو نه ننڊو کڻي هجي. ) ۽ پوء هوٽل تي بيري جو ڪم ڪندو ، پوء چانهه ٺاهڻ جو ڪم ڪندو ، پوء هوٽل جو مالڪ ٿي ويهندو. ۽ اڄ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ کانپوء هت پٺاڻن جو اثر آهي ۽ اڪثريت آهي. ڪراچي جي هر ڪنڊ ۾ توهان کي پٺاڻ جو ڪاروبار ملندو هر قسم جي دڪان کان وٺي ٻيو ته ٻيو جهوپڙا ئي سهي پر هوٽل توهان کي پٺاڻ جو ضرور ملندو۔ پوء اتي به جتي اڃان صحيح طريقي سان آبادي به آباد نه ٿئي هجي.
    ان کان علاوه ٽرنسپورٽ ٽوٽل پٺاڻن جي قبضي ۾ آهي ۽ ڪراچي جو هر فرد ٽرانسپورٽ جي ڪري مجبور ٿيو پوي. ڪراچي سبزي منڊي پڻ پٺاڻ جي قبضي ۾ آهي. ڪراچي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪراچي کان ٻاهر نڪرڻ جا تمام رستا جهڙوڪ سهراب ڳوٺ، قائدآباد وغيره پڻ پٺاڻن جي قبضي ۾ آهن . افسوس ته اسان جو سنڌي اڃان به ان انظار ۾ آهي ته اسان کي جيسيتائين ڦرڻ واري ڪرسي نه ملندي تيسيتائين گهران نه نڪرنداسيين.
    منهنجا ڀاء انسان جيسيتائين پاڻ نه ڪوشش ڪندو تيسيتائين ڪجهه به نه ٿيندو. الله به ان جي مدد ڪندو آهي جو پنهنجي مدد پاڻ ڪندو آهي. هاڻ اسان جي سنڌين کي اٿڻو پوندو بغير ڪنهن ڪرامت جي. انتظار جي.
    توهان ڏٺو هوندو ته جڏهن امريڪا عراق ۾ روضن مٿان پئي بم ڪرايا تڏهن به ڪا ڪرامت نازل نه ٿئي، ته پوء هت سنڌ ۾ ڇو نازل ٿيندي. ڀائرو اٿو ۽ سجاڳي پيدا ڪريو
    توهان پوري دنيا گهمي ڏسو توهان کي اگر ننڊ ۽ سستي جو سخت دشمن نظر ايندو ته اهو به توهان کي هن سهڻي سوهاري سنڌڙي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي صاحب ئي ملندو پر پوء به افسوس جو اسان سنڌي اڃان ننڊ ۾ پيا آهيون. شاه صاحب جو پورو رسالو سجاڳي ۽ محنت جو سبق ڏئي ٿو سو اسان کي سجاڳي
    ڪرڻي پوندي ۽ سخت ،پسند نه ايندڙ به محنت ڪرڻي پوندي


    ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛
    • ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛
    ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي.​



    پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
    پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
    واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: محنت، ڪراچي جو شهر ۽ اسان جو سنڌي

    سائين بلڪل صحيح ٿا چئو
    پر مون ته اهو نوٽ ڪيو آهي ته صرف ڪراچي ۾ نه بلڪه
    توهان ڪشمور کان جيئن ئي سنڌ ۾ داخل ٿيندا ته هر طرف ڪراچي تائين اوهان کي
    1 اڪثر پيٽرول پمپ
    2 رستن ۾ لائن وارا هوٽل
    3 شهرن جي اندر نندا هجن توڻي وڏا انهن ۾ پٺاڻن جون ڪميونٽيون
    ڪاروبار
    قسطن جا دڪان جنهن ۾ هي هڪ ماڻهو کي قسط تي سامان ڏئي سالانه ڪروڙين رپيا ڪمائن ٿا
    اسان سان گڏ ان ۾ سنڌ حڪومت به برابر ڏوهاري آهي
    واقعي به اسان کي هاڻي اکيون کولڻيون پونديون ۽ پنهنجي ڌرتي ماء جي مالڪي ڪرڻ لاء اڳتي وڌڻو پوندو
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو