اڄوڪو ڏينهن 12 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

'آڪٽوبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 12 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    12 آڪٽوبر 1897ع سماج سڌارڪ گهنشام داس بالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1900ع شاعر سيد باغ علي شاهه باغ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1912ع سياستدان علي گوهر لاهوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1935ع ليکڪ لکمي ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1939ع نامياري افسانا نگار ۽ ليکڪ حميد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1941ع ليکڪ رضا گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ ۽ صحافي مدد علي سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1962ع شاعر علي احمد اعجاز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1965ع نامياري ڪالم نگار ۽ ليکڪ اعجاز منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    12 آڪٽوبر 1972ع صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    12 آڪٽوبر 1918ع شاعر علي بخش ڪمتر جو انتقال ٿيو.
    12 آڪٽوبر 1939ع صوفي شاعر ۽ بزرگ ٻڍل فقير جي وفات ٿي.
    12 آڪٽوبر 1952ع بزرگ هستي سوامي رامانند جي ديهانت ٿي.
    12 آڪٽوبر 1959ع شاعر نواز علي نياز جو انتقال ٿيو.
    12 آڪٽوبر 1996ع شاعر، نقاد ۽ ليکڪ امير علي چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    سائين امير علي جي وفات تي سليم چنا جو لکيل تاثر

    ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﭼﺎﻧڊﺋﻲ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ
    ﭘﮭﺮﻳﻦ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺳﻨﺪﺱ ﺁﻓﻴﺲ ۾
    ﭤﻲ، ﺟﺘﻲ ﭘﺎﮠ ﺍﻳﺲ . ﭘﻲ . ٽﺮﺋﻔڪ ﮬﻮ. ﻣﺎﻥ
    ڪڏﮬﻦ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺗﺎﺝ ﺑﻠﻮﭺ ﺳﺎﻥ ﺗﻪ ڪڏﮬﻦ
    ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺭﻭﺷﻦ ﺳﻨﺪﺭ ﭼﺎﻧڊﺋﻲ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺗﻪ
    ڪڏﮬﻦ ﺍڪﻴﻠﻮ ﺋﻲ ﻭٽﺲ ﺣﺎﺿﺮﻱ ﭜﺮﻱ،
    ﻋﻠﻢ ،ﺍﺩﺏ، ﺗﺎﺭﻳﺦ، ﻓﻠﺴﻔﻲ، ﺟﻨﺮﻝ ﻧﺎﻟﻴﺞ ۽
    ﻣﺬﮬﺒﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺩﻝ ﮐﻲ ﮀُﮭﻨﺪڙ ﮘﺎﻟﮭﻴﻮﻥ
    ﭔﺪﻧﺪﻭ ﮬُﺌﺲ. ﺳﻨﺪﺱ ﮬڪ ﮔﻬﺎٽﻮ ﺩﻭﺳﺖ
    ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺦ ﻣﻨﮭﻨﺠﻮ ﺑﺎﻻ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﮬﻮ، ﭘﺮ
    ﻣﻮﻥ ڪڏﮬﻦ ﺑﻪ ﮐﻴﺲ ﺍﮬﻮ ڪﻮﻧﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ
    ﮬﻮ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﻔﺎﺭﺵ ڪﺮﻱ، ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ڪﺎ
    ﺳُﭡﻲ ﭘﻮﺳٽﻨﮓ ﻭﭠﺮﺍﺋﻲ ڏﺋﻲ. ﺍﻥ ﺟﻮ ﻭڏﻱ ۾
    ﻭڏﻭ ﺳﺒﺐ ﺍﮬﻮ ﮬﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﭼﮝﻲﺀَ ﺭﻳﺖ
    ﭴﺎﺗﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﮬِﻦ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭘﻴﺎﺳﻲ
    ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ ﺟﻴڪﺎ ﭼﮝﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻲ
    ﺧﻮﺷﺒﻮﺀِ ﺍﭼﻲ ﺭﮬﻲ ﺁﮬﻲ، ﺍﻥ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ
    ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻪ ﻣﻌﻄﺮ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻮ ﺁﮬﻲ، ﺟﻮ ﻣﻮﻥ
    ﻻﺀِ ﭘﺌﺴﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎﻥ ڊﻭڙﮠ ﮬڪ ﺧﺴﻴﺲ
    ﮘﺎﻟﮭﻪ ﭤﻲ ﭘﻴﺌﻲ ۽ ﺍﭲ ﺳﻮﮄﻭ ﻣﺎﻥ ﺍﻧﮭﻲﺀَ
    ﮘﺎﻟﮭﻪ ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﺁﮬﻴﺎﻥ ﺗﻪ ﻧﻴﻨﮭﻦ ﻧﭝﺎﺋﻴﻨﺪڙ
    ﻣﺎﮢﮭﻮ ﻧﺎﮢﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ڪﻮ ﺭﺍﮢﻮ ﮘﻮﻟﻴﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ،
    ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻣﻞ ﺟﻲ ﻣﺠﺎﺯ ﮐﻲ ﻣﺎﮢﻲ ﺳﮕﻬﻦ.
    ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﻓﺨﺮ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﺍﭲ ﺳﻮﮄﻭ ﺍﮬڙﻥ
    ڪﻴﺘﺮﻥ ﺋﻲ ﺭﺍﮢﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﮬﺎﮢﻴﻮﻥ ڪﻴﻮﻥ
    ﺁﮬﻦ، ﺟﻦ ﻭٽ ﺳﻨﺪﻥ ﻣﻮﻣﻞ ” ﻋﻠﻢ، ۽ ﭴﺎﮠ “
    ﮬُﺌﻲ ۽ ﺁﮬﻲ.
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ
    ﮬڪ ﺍُﺗﻢ ﺭﺍﮢﻮ ﮬﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺟﺬﺑﺎ ﮬﻤﻴﺸﻪ
    ﺟﻮﺍﻥ ﮬﺌﺎ. ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺫﺍﺗﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﮬﻮ
    ﮬڪ ﻭڏﻭ ﺟﺎﮐﻮڙﻱ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮬﻮ. ﭘﺎﮠ ﮬڪ ﺍﻋﻠﻲٰ
    ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﭤﻲ ڪﺮﻱ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ
    ﺍﺩﻳﺒﻦ ﺳﺎﻥ ﮔڏﺟﻲ ﮬﻠﮡ ۾ ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮﺱ
    ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺑﻲ ﺳﻨﮕﺖ ﺟﻲ
    ڪﻼﺳﻦ ۾ ﺷﺮڪﺖ ڪﺮﻱ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮﻥ ﻧڪﻮﺭ
    ﻟﮑﮣﻴﻮﻥ ﭘڙﮬﻨﺪﻭ ﮬﻮ ۽ ﭔﻴﻦ ﺟﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﺗﻲ
    ﺩﻟﻴﻠﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﺎ ﺭﺍﻳﺎ ڏﻳﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﺫﺍﺗﻲ
    ﻃﺮﺡ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬٽ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﻭٽ ﻣﻠﮡ ﻻﺀِ
    ﻭﻳﻨﺪﻭ ﮬﻮ، ﮀﻮ ﺟﻮ ﮬﻮ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻭﻗﺖ
    ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﮐﻲ ڏﻳﻨﺪﻭ ﮬﻮ.
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ ﮘﻮﭞ ﺷﺎﮬﻪ ﻣﺤﻤﺪ
    ﭼﺎﻧڊﺋﻲ ﺗﻌﻠﻘﻲ ﻗﻤﺒﺮ ﺿﻠﻌﻲ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ۾
    ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧڊﺋﻲ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﺍﭲ ﮐﺎﻥ
    ﺍٽڪﻞ ﭘﻨﺠﻴﺘﺎﻟﻴﮭﻪ ﺳﺎﻝ ﺍﮖ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ ﮬﻮ.
    ﻧﻨﮃﻱ ﮬﻮﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺣﺴﺎﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﻮ
    ﻣﺎﻟڪ ﮬﻮ. ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﻭﺍﻟﺪﻳﻦ ﺟﻮ ﮬﻲ
    ﺳﺘﻮﻥ ﻧﻤﺒﺮﭔﺎﺭﮬﻮ. ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ
    ﭘڙﮬﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻮ ڏﺍﮂﻭ ﺷﻮﻕ ﮬﺌﺲ ۽ ﮬﻮﺷﻴﺎﺭ
    ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ۾ ﺷﻤﺎﺭ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﻧﻨﮃﻱ ﮬﻮﻧﺪﻱ
    ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﺟﺎﻳﻮ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮﮠ ﻳﺎ
    ﺭﺍﻧﺪﻳﻮﻥ ڪﺮﮠ ﺳﻨﺪﺱ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﻲ ﺍﺑﺘڙ
    ﮬﻮ، ﺗﻨﮭﻨڪﺮﻱ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺋﻲ
    ﺟڏﮬﻦ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﻭﻳﺠﮭﺎ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﮬﺌﺲ، ﺗڏﮬﻦ
    ﮘﻮﭞ ﺁﺑﺎﺩ ﺟﻲ ﻣُﻼﻥ ﺍﺳڪﻮﻝ ۾ ﮐٽ ﮐﮣﻲ
    ﻭﭸﻲ ﺭﮬﻨﺪﻭ ﺋﻲ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻣﻨﺠﮭﻪ ﮬﻮ. ﺍﻥ
    ﻣﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻﺀِ ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﻣﺤﺒﺖ
    ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ.
    ﭘﺎﮠ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﻞ ﮬﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺳﺎﻥ
    ﻣﺌٽﺮڪ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﺑﻲ. ﺍﻱ.ﺁﻧﺮﺯ ڪﺮﻱ ﺍﻳﻢ. ﺍﻱ. ﺍﻧﮕﻠﺶ ﺳﻨﮅ
    ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ﻣﺎﻥ 1972 ﻉ ۾ ﭘﺎﺱ
    ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﭘﺮﺍﺋﻤﺮﻱ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻃﻮﺭ
    ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﭘﮭﺮﻳﻦ ﻧﻮڪﺮﻱ ﺟﻲ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ
    ڪﺌﻲ ﮬﺌﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻭﮄﻳڪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻪ ﺟﺎﺭﻱ
    ﺭﮐﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺍﻳﻢ . ﺍﻱ . ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ڪﺮﺍﭼﻲ
    ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ۾ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱﺀَ ﺟﻮ ﻟﻴڪﭽﺮﺍﺭ
    ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ1974. ﻉ ۾ ﺟڏﮬﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻤﺮ
    ﺍٽڪﻞ 33ﺳﺎﻝ ﮐﻦ ﻣﺲ ﮬﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻲ .ﺍﻳﺲ.
    ﺍﻳﺲ. ۾ ڊﻱ ﺍﻳﻢ. ﺟﻲ. ﮔﺮﻭﭖ ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻮﺍﮢﻲ ﺗﻪ ڪﻨﮭﻦ ’ﺳﻔﺎﺭﺷﻲﺀَ ‘ ﮐﻲ
    ﮬﻦ ﺟﻲ ﺟﺎﺀِ ﺗﻲ ﺭﮐﻲ ﮐﻴﺲ ”ﭘﻮﻟﻴﺲ
    ﮔﺮﻭﭖ “ ڏﻧﻮ ﻭﻳﻮ. ﭘﺎﮠ ﺩﻟﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ
    ﮐﺎﺗﻲ ۾ ﺍﭼﮡ ﻻﺀِ ﺭﺍﺿﻲ ﻧﻪ ﮬﻮ.
    ﺑﮭﺮﺣﺎﻝ ﮬﻮ ﺍﺋڊﻳﺸﻨﻞ ﺳﭙﺮﻧٽﻴﻨڊﻧٽ ﭘﻮﻟﻴﺲ
    ﻃﻮﺭ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ، ﮐﭙﺮﻱ، ﻋﻤﺮڪﻮٽ، ﺟﻴڪﺐ
    ﺁﺑﺎﺩ، ﻣﻮﺭﻱ ۽ ٽﻨڊﻱ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ ۾ ﺭﮬﻴﻮ.
    1981 ﻉ ۾ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﺟﻮ ﺍﻳﺲ. ﭘﻲ . ﭤﻴﻮ. ﭘﻮﺀِ
    ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ ﺟﻮ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺍﮂﺍﺋﻲ ﺳﺎﻝ
    ﺍﻳﺲ . ﭘﻲ . ﭤﻲ ﺭﮬﻴﻮ، ﺟﺘﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ
    ﺑﺪﻟﻲ ﭤﻲ ﺁﻳﻮ. 1986 ﻉ ۾ ﺍﻳﺲ . ﭘﻲ. ٽﺮﺋﻔڪ
    ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﭤﻴﻮ، ﭘﻮﺀِ ﺍﻳﺲ . ﭘﻲ . ﺍﺳﭙﻴﺸﻞ
    ﺑﺮﺍﻧﭻ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ۾ ﺍﺋڊﻳﺸﻨﻞ ڊﻱ.ﺁﺀِ. ﺟﻲ.
    ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﻣﻘﺮﺭ ﭤﻴﻮ. ﭘﻮﺀِ ﺍﻳﺲ. ﭘﻲ .
    ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﭤﻴﻮ. ﺍﻳڊﻳﺸﻨﻞ ڊﻱ.ﺁﺀِ. ﺟﻲ. ﺳﮑﺮ ﺑﻪ
    ﭤﻴﻮ. ﻭﺭﻱ ﺍﻳﺲ . ﭘﻲ . ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ ﭤﻴﻮ،
    ﺟﺘﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ڊﭘٽﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﺍﻳﻒ .ﺁﺀِ .
    ﺍﻱ . ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﭤﻲ ﺭﮬﻴﻮ. ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ
    ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ۾ ڊﭘٽﻲ ڊﺍﺋﺮﻳڪٽﺮ ﺍﻳﻒ، ﺁﺀِ . ﺍﻱ ،
    ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻭﻓﺎﺕ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺭﮬﻴﻮ.
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ ﮬڪ ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻮ
    ﺍﻭﻻﺩ ﭤﻲ ڪﺮﻱ ﺑﻪ ﻭڏﻱ ﭼﺎﮬﻪ ﺳﺎﻥ ﭘڙﮬﻴﻮ
    ۽ ﺍﺳڪﺎﻟﺮﺷﭙﻦ ﺟﺎ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻨﺪﻭ
    ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻧﺪﻭ ﺭﮬﻴﻮ. ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﻋﻠﻢ ﺍﺩﺏ
    ﺟﻲ ڪﻢ ﻻﺀِ ٽﺎﺋﻴﭗ ﮬﻮ ﭘﺎﮠ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ ﺗﻪ
    ڪﻤﭙﻴﻮٽﺮ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﻱ ﺍﮬﻮ ﺑﻪ ﺳﮑﻲ ﻭﺭﺗﻮ
    ﮬﺌﺎﺋﻴﻦ. ﺷﺎﮬﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻮ ﻭڏﻭ ﻣﻌﺘﻘﺪ ﮬﻮ ﺗﻪ
    ﺳﻘﺮﺍﻁ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﺎﭸﺎﮬﻪ ۽ ﺳﺎﮬﻪ ۾
    ﺳﻤﺎﻳﻞ ﮬﻮ. ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﻋﻠﻢ ﻋﺮﻭﺽ ﺟﻮ
    ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻏﺰﻝ ﺟﻮ ﺗﻤﺎﻡ ﭘﺨﺘﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﮬﻮ. ﻧﻈﻢ
    ۽ ﻭﺍﻳﻮﻥ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻧﺘﮭﺎﺋﻲ ﺍﮬﻢ
    ﻋﻠﻤﻲ ڪﻢ ﺳﻨﮅﻱ ڪﮭﺎﮢﻲﺀَ ﺗﻲ ﻓﻨﻲ
    ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺗﺎﺝ ﺑﻠﻮﭺ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺗﻲ
    ﭜﺮﭘﻮﺭ ﺟﺎﺋﺰﻭ ﺁﮬﻲ. ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻪ ﮬﻼﻝ
    ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ﭜٽﺎﺋﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﻴﺘﻦ ﺟﻮ
    ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱﺀَ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﻨﻈﻮﻡ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺷﺎﻳﻊ
    ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺭﮬﻴﻮ، ﺟﻨﮭﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﮠ ﻭڏﻱﺀَ ﻣﺤﻨﺖ
    ﺳﺎﻥ ﻣڪﻤﻞ ڪﺮﮠ ﭘﺌﻲ ﭼﺎﮬﻴﺎﺋﻮﻥ. ﺳﭛ ﮐﺎﻥ
    ﺍﮬﻢ ڪﻢ ” ﺳﮭﮣﻲ “ ﺭﺳﺎﻟﻲ ﺟﻲ ”ﺷﻴﺦ ﺍﻳﺎﺯ
    ﻧﻤﺒﺮ“ (ﺣﺼﻮ ﭘﮭﺮﻳﻮﻥ) ۾ ﭘﺎﮠ ﺟﻴڪﻮ ﺍﻳﺎﺯ
    ﺟﻲ ﻓﻦ ﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻴﻮ ﺍﭤﺲ، ﺍﮬﻮ ﻋﻠﻤﻲ
    ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺣﻠﻘﻦ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﺭﺍﮬﻴﻮ ﻭﻳﻮ
    ﺁﮬﻲ، ﺟﻨﮭﻦ ﻣﺎﻥ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺎﮠ ﮬڪ
    ﻭﺳﻴﻊ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﺭﮐﻨﺪڙ، ﺑﻴﻦ ﺍﻻﻗﻮﻣﻲ ﻋﻠﻢ،
    ﺍﺩﺏ ۽ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻮ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﻓﻦ ﭴﺎﮢﻴﻨﺪڙ ﮬﻮ.
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊ ﺷﺎﻋﺮﻥ ۾ ﻟﻴﮑڪﻦ
    ﺟﺎ ﺷﻌﺮ ﺑﻪ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱﺀَ ۾ ﻭڏﻱ ﻣﮭﺎﺭﺕ ﺳﺎﻥ
    ﺗﺮﺟﻤﻮ ڪﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﮐﻴﺲ ﮬﻤﻴﺸﻪ ﺳﭡﻦ
    ڪﺘﺎﺑﻦ ﮘﻮﻟﮡ، ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﮠ ۽ ﭘڙﮬﮡ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ
    ﮬﻮﻧﺪﻭ ﮬﻮ.
    ﭘﺎﮠ ڊﺍڪٽﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺷﻴﺦ ﺳﺎﻥ
    ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﺻﻼﺡ ﻣﻮﺟﺐ ﻓﻘﻂ ﺍﻧﮭﻲﺀَ ڪﺮﻱ
    ﺩﻭﺳﺘﻲ ﺭﮐﻲ ﮬﺌﺎﺋﻮﻥ، ﺟﻴﺌﻦ ﮬﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ
    ﻻﺀِ ﺳُﭡﻦ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ ڏﻱ ﻭﭞ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻦ
    ۽ ﺍﻧﮭﻦ ﺗﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺑﺤﺚ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻦ. ﺁﺀُ ﺗﻦ
    ڏﻳﻨﮭﻦ ۾ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ڊﺍڪٽﺮ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺷﻴﺦ
    ﺟﻲ ڪﻠﻴﻨڪ ﺗﻲ ڪﻤﭙﺎﺋﻮﻧڊﺭﻱ ڪﻨﺪﻭ
    ﮬُﺌﺲ، ﺟﺘﻲ ﭘﮡ ﻣﻮﻥ ﮐﻲ ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ
    ﭼﺎﻧڊﺋﻲ ﮐﻲ ﭔﮅﮠ ۽ ﺳﻤﺠﮭﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ
    ﻣﻠﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﭘﺎﮠ ﺟﻴڪﻲ ﻧﺎﻳﺎﺏ ۽ ﻧﻮﺍﻥ
    ڪﺘﺎﺏ ﺧﺮﻳﺪ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ، ﺍﻧﮭﻦ ﻣﺎﻥ
    ﺍﻧﺴﺎﺋﻴڪﻠﻮﭘﻴڊﻳﺎ، ﺟﻨﺮﻝ ﻧﺎﻟﻴﺞ، ﺗﺎﺭﻳﺦ،
    ﻓﻠﺴﻔﻮ، ﮬﺮﻣﺬﮬﺐ ﺟﺎ ڪﺘﺎﺏ، ﻣﻴڊﻳڪﻞ ﺟﺎ
    ڪﺘﺎﺏ، ﻃﺒﻴﻪ ڪﺎﻟﻴﺠﻦ ﺟﺎ ڪﺘﺎﺏ،
    ﮬﻮﻣﻴﻮﭘﻴﭥﻲ ۽ ﺁﻳﺮﻭﻳﺪڪ ﻋﻼﺝ ﺟﺎ ڪﺘﺎﺏ،
    ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ۽ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﺩﻭﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﭴﺎﮠ ﺟﺎ
    ڪﺘﺎﺑﭽﺎ ۽ ڪﺘﺎﺏ، ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊ ﺷﺎﻋﺮﻱ
    ۽ ﺍﺩﺏ ﺟﺎ ڪﺘﺎﺏ، ﺍﺳﻼﻡ ۽ ﻟﻄﻴﻒ ﺗﻲ ﮀﭙﻴﻞ
    ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﺎ ڪﺘﺎﺏ ﺍﭲ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ
    ﻟﺌﺒﺮﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﺯﻳﻨﺖ ﺁﮬﻦ. ﺁﻣﺮﻳڪﺎ ، ﺍﻧﮕﻠﻴﻨڊ
    ﻳﺎ ڪﻨﮭﻦ ﭔﺌﻲ ﻳﻮﺭﭘﻲ ﻣﻠڪ ۾ ﺟﻴڪڏﮬﻦ
    ڪﻮ ﻧﺌﻮﻥ ڪﺘﺎﺏ ﺍﮬﻤﻴﺖ ﻭﺍﺭﻭ ﮀﭙﺒﻮ ﮬﻮ ﺗﻪ
    ﺍﮬﻮ ﭘﮡ ﮔﻬﺮﺍﺋﻲ ﻭﭠﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﭔﻪ
    ﺧﻮﺍﮬﺸﻮﻥ ﺭﮬﺠﻲ ﻭﻳﻮﻥ، ﮬڪ ﺗﻪ ﻟﻄﻴﻒ
    ﺟﻲ ﻣڪﻤﻞ ﺭﺳﺎﻟﻲ ﮐﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱﺀَ ۾
    ﻣﻨﻈﻮﻡ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﮬﻴﭟ ﺁﮢﮡ ۽ ﭔﻴﻮ ﺍﺳﻼﻣﻴﺎﺕ ۾
    ﭘﻲ . ﺍﻳﭿ . ڊﻱ . ڪﺮﮠ. ﭘﺮ ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺟﻮ ﻋﻠﻢ
    ﺟﻮ ﮬﻲ ﮔﻮﮬﺮ ﺗﻤﺎﻡ ﺟﻠﺪ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﺟﺪﺍ ﭤﻲ
    ﻭﻳﻮ !
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ
    ﺍﻧﻘﻼﺑﻲ ﻻڙﺍ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺟﺪﻳﺪ ﺷﺎﻋﺮﻥ ﺟﻮ ﻭﺳﻴﻊ
    ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﺭﮐﻨﺪڙ ﮬﻮ. ﺑﻴﻦ ﺍﻻﻗﻮﺍﻣﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ
    ﻣﺴﺘﻘﻞ ﭘڙﮬﻨﺪڙ ﮬﻮ. ﺍﮬﻮ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﺋﻲ
    ﮬﻮ، ﺟﻨﮭﻦ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺳﭝﻨﻲ
    ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺁﻓﻴﺴﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﺍﻧﺘﮭﺎﺋﻲ ﻣﻨﻔﺮﺩ ﺑﻨﺎﺋﻲ
    ﺭﮐﻴﻮ ﮬﻮ. ﮬُﻦ ﺟﻮﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺫﺍﺕ ۾ ﻣڪﻤﻞ
    ﭜﺮﻭﺳﻮ ﮬﻮ، ﺗﻨﮭﻨڪﺮﻱ ﭘﺎﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻳﺎ
    ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺗﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮔﺎﺭڊ ﺟﻮ ﭘﮭﺮﻭ
    ﭘﺴﻨﺪ ﻧﻪ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ ۽ ﺍﺳﺎﻥ ڪڏﮬﻦ ﺑﻪ
    ﺳﻨﺪﺱ ﺩﺭ ﺗﻲ ڪﻮ ﺳﭙﺎﮬﻲ ڪﻮﻧﻪ ڏﭠﻮ.
    ﺍڪﺜﺮ ﺳﻔﻴﺪ ﺳﻠﻮﺍﺭ ﻗﻤﻴﺺ ﭘﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﮬﻲ
    ﺷﺨﺺ ﺍﻧﺘﮭﺎﺋﻲ ﺑﻠﻨﺪ ﺍﺧﻼﻕ ﺑﻪ ﮬﻮ. ﺳﮕﺮﻳٽ،
    ﺷﺮﺍﺏ ۽ ﭔﻴﻦ ﺧﺮﺍﺏ ﻋﺎﺩﺗﻦ ﮐﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ
    ﮬﻤﻴﺸﻪ ﺑﭽﺎﺋﻲ ﺭﮐﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ، ﺁﺳٽﺮﻳﻠﻴﺎ،
    ﺳﻴﻨﮕﺎﭘﻮﺭ، ﮬﺎﻧﮓ ڪﺎﻧﮓ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻮ
    ﺳﻔﺮ ڪﺠﮭﻪ ﺳﺮڪﺎﺭﻱ ﻃﺮﺡ ۽ ڪﺠﮭﻪ
    ﻧﺠﻲ ﻃﺮﺡ ڪﺮﻱ ﭼڪﻮ ﮬﻮ. ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻠﻤﻲ
    ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺩﻭﺳﺖ، ﻣﺴٽﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺦ
    ڪﺴٽﻢ ڪﻠﻴڪٽﺮ ۽ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﻋﺒﺪﺍﻟﻐﻔﺎﺭ
    ﺳﻮﻣﺮﻭ ﺍﮘﻮﮢﻮ ڪﻤﺸﻨﺮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ.
    ﭘﺎﮠ ڪﻨﮭﻦ ٽﺮﻳﻨﻨﮓ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺁﺳٽﺮﻳﻠﻴﺎ ۽
    ﺳﻴﻨﮕﺎﭘﻮﺭ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﺠﻲ ﻃﺮﺡ ﭔﻪ ﺩﻓﻌﺎ
    ﺍﻧﮕﻠﻴﻨڊ ﺑﻪ ﻭﻳﻮ، ﺟﺘﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﺍﻋﻠﻲٰ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ
    ﺧﺮﻳﺪﺍﺭﻱ ڪﺮﮠ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﻧﻮﻥ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ ﮬڪ
    ﻭڏﻭ ﺫﺧﻴﺮﻭ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﻱ ﺁﻳﻮ.
    ﭘﺎﮠ ﺭﻭﺯﻱ ﻧﻤﺎﺯ ﺟﻮ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﮬﻮ ۽ ﺧﻴﺮ ﺧﻴﺮﺍﺕ
    ﺑﻪ ﺩﻝ ﮐﻮﻟﻲ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ. ﺷڪﺎﺭﭘﻮﺭ _
    ﺟﻴڪﺐ ﺁﺑﺎﺩ ﺭﻭڊ ﺗﻲ ﭘﺎﮠ ﮬڪ ﻋﺎﻟﻴﺸﺎﻥ
    ﻣﺴﺠﺪ ﺑﻪ ﺗﻌﻤﻴﺮ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻴﻦ ، ﺟﻨﮭﻦ ﺗﻲ ﺍﭲ
    ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻧﺎﻟﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺗﺨﺘﻲ ﻟﮙﻞ ﺁﮬﻲ.
    ﺍﻧﮭﻲﺀَ ﻣﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﺩﻳﻨﺪﺍﺭ ﮬﺠﮡ ﺟﺎ ﺛﺒﻮﺕ
    ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.
    ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ڪﺎﭘﻲ ڪﻠﭽﺮ ﺟﻲ ﺳﺨﺖ
    ﺧﻼﻑ ﮬﻮ. ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﺳﺨﺘﻲﺀَ
    ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻊ ڪﻨﺪﻭ ﮬﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻥ ﮐﺎﻥ ﺳﻔﺎﺭﺵ
    ڪﺎﻧﻪ ﭘُﭵﻨﺪﻱ، ﭜﻠﻲ ﻓﻴﻞ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻓﻴﻞ ﭤﻴﻮ،
    ﻧﻪ ﺗﻪ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮬﻤﺖ ﭘﺎﮠ ڪﺮﻳﻮ ۽ ﻣﺤﻨﺖ
    ڪﺮﻱ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﺮﻳﻮ. ﮬﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ
    ﻭڏﻱ ﭘٽ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪﻭ ﮬﻮ ﺗﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﭔﮭﺮﺍڙﻱﺀَ
    ﺟﺎ ﻣﺎﮢﮭﻮ ڪﭽﻦ ﮔﻬﺮﻥ ۾ ڏﻳﺌﻦ ۽ ﻻﻟٽﻴﻨﻦ
    ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲﺀَ ۾ ﭘڙﮬﻴﺎ ﺁﮬﻴﻮﻥ .ﺗﻮﮬﺎﻥ ﮐﻲ
    ﺗﻪ ﮬﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺳﺎﺭﻳﻮﻥ ﺳﮭﻮﻟﻴﺘﻮﻥ ڏﻧﻴﻮﻥ
    ﺍﭤﺌﻮﻥ، ﭘﻮﺀِ ﺑﻪ ﺗﻮﮬﺎﻥ ڪﻮﻧﻪ ﭤﺎ ﭘڙﮬﻮ.
    ﻣﻮﻥ ﮬﻦ ﺍِﮬﻞ ﺩﻝ ۽ ﺟﺎﮐﻮڙﻱ ﺷﺨﺺ ﺟﻲ
    ﺣﻴﺎﺗﻲ ۽ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﺟﺎ ﭼﻨﺪ ﻧﻘﻄﺎ ﭘﻴﺶ ڪﻴﺎ
    ﺁﮬﻦ، ﺟﻨﮭﻦ ﺳﺨﺖ ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﻻﮘﻴﺘﻲ ﺟﺎﮐﻮڙ
    ﺳﺎﻥ ﮬڪ ﺍﻋﻠﻲٰ ﻣﻨﺼﺐ ﻣﺎﮢﻴﻮ ۽ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ
    ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻭﺟﻮﺩ
    ﻣﺎﻥ ﺩﻧﻴﺎﺩﺍﺭﻱﺀَ ﺟﻲ ﺗڪﺒﺮ ۽ ﻏﺮﻭﺭ، ﻻﻟﭻ ۽
    ﻟﻮﭚ ﮐﻲ ﺗڙﻱ ڪﮃﻳﻮ. ﻋﻠﻢ ﺳﺎﻥ ﻟﻮﻥﺀَ ﺗﺎﺋﻴﻦ
    ۽ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﺧﻮﻑ ﺳﺎﻥ ﮬڪ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ
    ﺑﺴﺮ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ.
    ﺳﻨﺪﺱ ﮀﭙﻴﻞ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﻣﺎﻥ
    ڪﮭﺎﮢﻲﺀَ ﺟﻲ ﻓﻦ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ﻣﻀﻤﻮﻥ،
    ﺷﻴﺦ ﺍﻳﺎﺯ ۽ ﺗﺎﺝ ﺑﻠﻮﭺ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﺎ
    ﻓﻨﻲ ﺍﭜﻴﺎﺱ ۽ ﻣﻨﻈﻮﻡ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﺗﺮﺟﻤﺎﻥ ﺍﮬﻢ
    ﺁﮬﻦ.
    ﻋﻠﻤﻲ ﻃﺮﺡ ﻣﺎﻳﻪ ﺩﺍﺭ ۽ ﭔﺎﺟﮭﺎﺭﻭ ﺍﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ
    ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، _12 ﺁڪٽﻮﺑﺮ 1996 ﻉ ﺗﻲ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ
    ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ، ﺟڏﮬﻦ ﺗﻪ ﺍﭸﺎ ﺳﻨﺪﺱ
    ﻭﭸﮡ ﺟﻲ ﻭﻳﻞ ڪﺎﻧﻪ ﮬﺌﻲ.
    _ ﺳﻠﻴﻢ ﭼﻨﺎ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو