آواران ۾ زلزلي جي تباهي ۽ بيوس رهواسي

'تعارف' فورم ۾ عبدالله بروهي طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2013۔

  1. عبدالله بروهي

    عبدالله بروهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    آواران ۾ زلزلي جي تباهي ۽ بيوس رهواسي
    .............................................................................................................

    (رپورٽ عبدالله خدراني)

    جبلن جي وچ۾آباد۽ هر دور ۾ حڪمرانن ڪا وسيريل شهر آواران 3تعلقن تي مشتمل ضلعو آهي.جهنن ۾ مشڪي،آواران،جهاو شامل آهن.هتي مختلف قبايل سان تعلق رڪندڙ آبادي سدين ڪان آباد آهن.11نومبر 1992 ۾ آواران ڪي ضلعو بڻايو ويو.ڻوٽل ايريا 21,630 km2(8,350 sq mi) تي مشتمل آهي.آوارانمٿان زمين وارن جون ڏاڍايون ته ان ڏينهن کان وٺي جاري آهن، جڏهن هي ملڪ وجود ۾ آيو پر گذريل ڏينهن آسمان واري جو ڏمر به مٿن اچي ڪڙڪيو.قدرتي آفتن جو اچڻ فطري عمل هوندو آهي جنهن کي روڪڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي پر ترقي يافته ملڪن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ لاءِ جديد اوزار ضرور ٺاهيا ويا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جهڙن ترقي پزير ملڪن ۾ قدرتي آفتن جي تباهي کانپوءِ به فوري طور رليف جو ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪي اپاءُ نه ورتا ويندا آهن. جهڙي نموني تازو زلزلو وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي. زلزلو، ٻوڏون، طوفان، پهاڙن جو ڦاٽڻ ۽ تيز برساتون قدرتي آفتون آهن ۽ جڏهن اهي اينديون آهن ته انتهائي خطرناڪ انساني الميو جنم وٺندو آهي .بلوچستان جي آواران واري علايقي ۾ هيلوڪين زلزلوانسانن کي گاهه کائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيوآهي. ماڻهن جي موت جو ڪارڻ زوردار زلزلي سبب گهرن جو ڊهڻ پڻ آهي. هڪ اندازي موجب 1 لک کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. زلزلي سبب آواران جا 96 سيڪڙو ايريامتاثر ٿيو آهي 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هيستائين لڳ ڀڳ 800 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ زخمين جو تعداد ڳاڻيٽي کان مٿي آهي. زلزلي سٽيل علائقن سان منسلڪ اسپتالن ۾ مريضن کي داخل ڪرڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي،جيڪڏهن متاثر ماڻهن جي تڪڙي امداد ٿي نه سگهي ته انهن جون زندگيون بُک ۽ بدحاليءَ جي ڌُٻڻ جو شڪار بڻجي سگهن ٿيون. جيڪي اڃان تائين رليف نه ملڻ سبب روڊن تي ڪکاوان جهوپڙا اڏي کليل اسمان هيٺ ويٺل آهن. آواران ضلع جي صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي. جتي خاص طور تي خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي .مختلف علائقن ۾ متاثر واهي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر انتظاميه مٿن لٺيون وسائڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي. حڪومت اڃا تائين ته متاثرن جي بحالي توڙي واهي لاءِ سکڻا اعلان ئي ڪيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن متاثر علائقي ۾ هڪ اڌ راشن جي ٽرڪ پهتي آهي ته من پسندن جي اوطاق تي ئي پهتي آهي ۽ متاثر بکن ۾ بي ساهه ٿي رهيا آهنبلوچستان ۾ زلزلي جي تباهيءَ کانپوءِ خاص طور تي حڪومت لاءِ متاثرن جي بحالي وڏو چئلنج آهي. متاثرن ماڻهن جا لکين گهر ڊٺا آهن ڇا حڪومت اهي ٻيهر تعمير ڪرائي ڏيندي. بحالي واري ڪم ۾ ته الائي ڪيترا سال لڳندا .متاثرن لاءِ اجهي، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيهر آباد ڪاري جو بندوبست حڪومت لاءِ وڏو چئلنج آهي....................................................................؟؟؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو