هوٽل جو مالڪ، مينيجر ۽ بيرو هڪ دفعي سٽور کي چيڪ ڪري رهيا هئا ته سندن نظر هڪ پراڻي ڏئي نما بتي تي پئي۔۔۔ بيري ان کي مٽي کان صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بتي مان هڪ ديو نڪري آيو۔۔۔ جنهن چيو ۔۔۔ ”توهان جي مهرباني جو توهان مون کي هن پراڻي بتي مان آزاد ڪيو ۔۔۔ ان خوشي ۾ مان توهان ٽنهي جي هڪ هڪ خواهش پوري ڪري سگهان ٿو ۔۔۔ حڪم ڪيو منهنجا آقا۔۔۔؟“ مينيجر چيو ۔۔۔”پهريون مان پهريون مان۔۔۔۔ منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي سون واري ڪار ۾ دبئي جي روڊن تي بغيرن ڪنهن پريشاني جي گهمان۔۔۔“ پفففففففففففف۔۔۔۔۔۔۔ ۽ مينيجر گم ٿي ويو۔۔۔ بيري چيو۔۔۔ ”هاڻي مان هاڻي مان۔۔۔ منهنجي خواهش آهي ته مان ڪويت جي شهزادي جي خواهش تي ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي هيرن سان جڙيل ڪار تي وڃان ۔۔۔۔“ پففففففف۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ بيرو گم ٿي ويو۔۔۔ ديو هوٽل جي مالڪ کي چيو۔۔۔۔ ”آقا هاڻي توهان جو وارو آهي۔۔۔“ مالڪ ڪجهه سوچيو ۽ آفيس ويندي چيائين ۔۔۔۔ ”هممممم۔۔۔ ٻن منٽن جي اندر هي ٻئي بيوقوف واپس منهنجي آفيس ۾ هجن۔۔۔۔“
جواب: هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔ تمام سٺو۔۔ اهڙن موقعن تي پنهنجو نمبر پوئتي ئي رکجي ته ڀلو۔۔
جواب: هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔ ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ ۔۔۔ هر ڪم ۾ اٻهرائي ڪرڻ به چڱي ناهي ۔۔۔ نه ته ائين ئي ٿيندو جيئن ادي رشيد واري ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ ٿيو ۔۔۔ هڪ ٻي به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي“ کل ڀوڳ جي پويان هڪ سٺو سبق آهي ۔۔۔۔