هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,669
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هوٽل جو مالڪ، مينيجر ۽ بيرو هڪ دفعي سٽور کي چيڪ ڪري رهيا هئا ته سندن نظر هڪ پراڻي ڏئي نما بتي تي پئي۔۔۔ بيري ان کي مٽي کان صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته بتي مان هڪ ديو نڪري آيو۔۔۔ جنهن چيو ۔۔۔ ”توهان جي مهرباني جو توهان مون کي هن پراڻي بتي مان آزاد ڪيو ۔۔۔ ان خوشي ۾ مان توهان ٽنهي جي هڪ هڪ خواهش پوري ڪري سگهان ٿو ۔۔۔ حڪم ڪيو منهنجا آقا۔۔۔؟“
    مينيجر چيو ۔۔۔”پهريون مان پهريون مان۔۔۔۔ منهنجي خواهش آهي ته مان پنهنجي سون واري ڪار ۾ دبئي جي روڊن تي بغيرن ڪنهن پريشاني جي گهمان۔۔۔“
    پفففففففففففف۔۔۔۔۔۔۔ ۽ مينيجر گم ٿي ويو۔۔۔
    بيري چيو۔۔۔ ”هاڻي مان هاڻي مان۔۔۔ منهنجي خواهش آهي ته مان ڪويت جي شهزادي جي خواهش تي ساڻس ملڻ لاءِ پنهنجي هيرن سان جڙيل ڪار تي وڃان ۔۔۔۔“
    پففففففف۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ بيرو گم ٿي ويو۔۔۔
    ديو هوٽل جي مالڪ کي چيو۔۔۔۔ ”آقا هاڻي توهان جو وارو آهي۔۔۔“
    مالڪ ڪجهه سوچيو ۽ آفيس ويندي چيائين ۔۔۔۔ ”هممممم۔۔۔ ٻن منٽن جي اندر هي ٻئي بيوقوف واپس منهنجي آفيس ۾ هجن۔۔۔۔“
     
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔

    تمام سٺو۔۔
    اهڙن موقعن تي پنهنجو نمبر پوئتي ئي رکجي ته ڀلو۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔

    ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ ۔۔۔ هر ڪم ۾ اٻهرائي ڪرڻ به چڱي ناهي ۔۔۔ نه ته ائين ئي ٿيندو جيئن ادي رشيد واري ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ ٿيو ۔۔۔ هڪ ٻي به سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي“

    کل ڀوڳ جي پويان هڪ سٺو سبق آهي ۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هميشه پهريان صاحب کي ڳالهائڻ ڏيو۔۔۔۔

    بهترين ڪوشش آهي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو