اڄوڪو ڏينهن 17 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

'آڪٽوبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 17 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    17 آڪٽوبر 1857ع ناليواري سماج سڌارڪ سيد الهندو شاهه (ڊڀرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1935ع صحافي جهانگير قريشي (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1937ع شاعر ياديشتر پاگل (ڏيپارجا / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1940ع شاعر واسق ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1959ع گلوڪار پون ڪمار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1973ع شاعر غلام حسين غمگين جو جنم ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1974ع صحافي حامد ناز سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    17 آڪٽوبر 1980ع ڪرڪيٽر محمد حفيظ جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    17 آڪٽوبر 1998ع اسڪالر، حڪيم ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر حڪيم محمد سعيد کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.


    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو:

    هيءُ واقعو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ پيش آيو، جنهن 1977ع ۾ پ.پ.پ جي عوامي حڪومت کي سازش سان ختم ڪري، آمريت مڙهي ۽ ساڳئي وقت مزاحمت ڪندڙ هر طبقي کي تشدد ۽ جبر جو نشانو بڻايو ويو. انهيءَ ئي دور ۾ سازش تحت سنڌ جا تعليمي ادارا تباهي ڪناري آندا ويا، ڪلاشنڪوف ڪلچر عام ٿيو، ڌاڙيل پئدا ٿيا ۽ ڳجها هٿ وطن دوست نوجوانن کي به نشانو بڻائڻ ۾ مصروف هئا. -ان- جو وڏو ثبوت -ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو- آهي، جيڪو 17 -آڪٽوبر- 1984ع تي سنڌي شاگردن سان پيش آيو. علم جي سرزمين ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽيءَ، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽي) جا ڳڀرو شاگرد جڏهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نون شاگردن کي ڏنل آجياڻي تقريب ۾ شرڪت لاءِ يونيورسٽيءَ جي بسن ۾ نڪتا ته رستي ۾ مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ -بند- هئڻ سبب کين ترسڻو پيو. اوچتو ورديءَ ۾ هڪ آفيسر آيو، جنهن بسن کي ٽوڙهي واري ميدان ۾ لاهڻ جو حڪم ڏنو، شاگردن -ان- آفيسر کان سبب پڇيو، پر -ان- دوران اوچتو اوسي پاسي ۾ لڪل قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن شاگردن جي بسن تي شديد فائرنگ ڪري ڏني، -ان- قهري ڪارروائيءَ ۾ ٻئي بسون تباهه ٿيون ۽ گهٻراهٽ مان زخمي ٿيل شاگرد هڪ ٻئي مٿان سٿجي ڪري پيا، پر فائرنگ جاري رهي، نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد -انور عباسي-، امان -الله- وسطڙو، مهراڻ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد عبدالمالڪ خشڪ ۽ ذڪريا ميمڻ شهيد ٿي ويا. انهن چئني شاگردن سان گڏ -بس- جو ڊرائيور مٺو -بليدي- پڻ شهيد ٿيو ۽ ٻين سڀني شاگردن کي جسم تي گولين ۽ شيشن جا زخم رسيا. اهو منجهند جو ٽائيم هو، پر وحشي سوچ رکندڙ انهن اهلڪارن طبي امداد ڏيارڻ بجاءِ ڪجهه شاگرد اڳواڻن کي پٽ تي زخمي حالت ۾ اونڌو سمهاري وڌيڪ تشدد ڪيو ۽ شهيدن جا لاش شام تائين اتي ئي پيل هئا ۽ اسپتال بجاءِ ڪيترن ئي زخمي شاگردن کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو. افسوس ته اهو جو -ان- قيامت خيز واقعي کي ڪوڙو رنگ ڏيئي سرڪاري ٽي. ويءَ تي خبر نشر ڪئي وئي ته انهن بسن ۾ ڏوهاري هئا، جن ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ بيٺل پوليس تي -بلا- جواز فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ سان گڏ پنهنجي فائرنگ ۾ سندن پنج ساٿي مارجي ويا! پر اهو ڪوڙ جٽادار ثابت نه ٿي سگهيو ۽ صبح سان ئي اصل حقيقت سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي وئي ته اهي ڏوهاري نه پر سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽين جا شاگرد هئا. -ان- واقعي خلاف غم ۽ غصي ۾ عام ماڻهو به مزاحمت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ ڪيترائي ڏينهن سوڳ ۾ تعليمي ادارا -بند- رهيا. -ان- ردعمل ۽ عوامي دٻاءَ سبب -بس- مان گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪيو ويو، -تن- مان گل محمد جکراڻي، ستار موريو، اقبال تنيو، ڊاڪٽر دودو مهيري، عمر زرداري، نذير تنيو ۽ سڪندر ميراڻيءَ کي قيد رکيو ويو. هي مشهور ڪيس، نامياري جسٽس (ر) عبدالسلام -ٿهيم- هلايو هو. ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي ۾ شهيد ٿيل شاگردن کي اڄ به عوامي توڙي سياسي ڌرين ۾ ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ سندن هر سال ورسي پڻ ملهائي ويندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو