عقل وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي...!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دنيا ۾ موجوده دور ۾ جنگيون يا آپريشن ڪرڻ ايترو آسان ناهي۔۔۔ عوام کي اهڙين جنگين لاءِ راضي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي۔۔ دوستن کي ياد هوندو جڏهن اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار بنائڻ طور هڪ وڊيو ڏيکاري وئي جنهن ۾ هڪ ٻه طالبان ٽائيپ ماڻهن کي هڪ عورت کي ست پتلا هڻندي ڏيکاريو ويو هو۔۔۔ ڏسندي ڏسندي اها وڊيو ايترو ته عام ٿي وئي ۽ اهڙو ته ذهنن ۾ ويهي وئي جو جيڪي طالبان جا حمايتي هئا سي به اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ لاءِ ڳالهائڻ لڳا۔۔۔ جڏهن ته اڳتي هلي ان وڊيو جو ڪوڙو هجڻ ثابت ٿيو هو۔۔۔
    ساڳي طرح دنيا ۾ مختلف جنگيون ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان هڪ خاص قسم جي ميڊيا پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته جيئن انهي جنگ لاءِ حمايتون حاصل ڪيون وڃن۔۔۔ ان جو هڪ ٻيو بدترين مثال نيره الصباح نالي ڇوڪري جو ميڊيا ۽ ڪانگريسي ڪميشن آڏو وڊيو بيان آهي جنهن کانپوءِ آمريڪا ۽ اقوامِ متحده طرفان عراق تي جنگ ڪرڻ لاءِ حمايتون حاصل ڪيون ويون۔۔۔ اچو ته توهان کي نيره الصباح جي ڪهاڻي ڏسيون۔۔۔

    [​IMG]

    عراق تي آمريڪا جي حملي کان پهريان يعني جنگِ خليج کان پهريان آڪٽوبر 1990 ۾ هڪ ڪويتي ڇوڪري نيره آمريڪي ڪانگريس جي انساني حقن جي ڪميشن جي روبرو هڪ بيان ڏنو هو۔۔۔ جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪويت جي هڪ اسپتال تي حملي دوران عراقي فوجين انڪيوبيٽرز مان ٻارن کي ڪڍي انهن کي فرش تي اڇلي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو۔۔ ۽ انڪيوبيٽرز پاڻ سان گڏ کڻي ويا هيا۔۔۔
    نيره نالي ان ڇوڪري جو انداز، ڏڪندڙ آواز، اکين مان ٽمندڙ ڳوڙها ۽ انسانيت سوز داستان آمريڪا ئي نه پر سموري جي دنيا ۾ هڪ تهلڪو مچائي ڏنو هو۔۔۔ ڪويت کي بچائڻ لاءِ عراق تي حملو ڪري کيس سبق سيکارڻ جون صدائون بلند ٿيڻ لڳيون۔۔۔ ڇوڪري جي ان جذباتي بيان کي ڪانگريس جي ڪيترن ئي رڪنن ايسيتائين جو خود آمريڪا جي صدر پنهنجي تقرير ۾ گواهي طور پيش ڪيو هو۔۔۔
    پر جڏهن عراق تي حملو ٿي چڪو، هزارين نه پر لکين گهر لٽجي چڪا، ملڪ تي اقوامِ متحده جون پابنديون لڳي چڪيون۔۔ ۽ لکن ماڻهن جو جيئڻ حرام ٿي چڪو ته خبر پئي ته نيره جو پورو نالو دراصل نيره الصباح آهي ۽ اها آمريڪا ۾ موجود ڪويتي سفير سعود بن ناصر الصباح جي ڌيء آهي۔۔ ۽ ان جو اهو بيان ”سٽيزنز فار اي فري ڪويت“ طرفان تيار ڪيل عوامي راءِ جي مهم جو هڪ حصو هو۔۔۔ جنهن کي دنيا جي مشهورآمريڪي پبلڪ ريليشنز اداري بل اينڊ نولٽن تيار ڪيو هو۔۔۔
    بل اينڊ نولٽن 12 ملين ڊالرز جي ڍير ساري رقم استعمال ڪندي هن پوري منصوبي جو اسڪرپٽ تيار ڪيو ۽ ۽ نيره ۽ ٻين گواهن کي ”خاص ٽريننگ“ به ڏني۔۔۔ ان پوري سلسلي ۾ هڪ ملين ڊالر جي رقم صرف ان تحقيق ۾ ضايع ٿي ته آخر عوام کي جنهجهوڙجي ڪيئن۔۔۔ ڪهڙو ڊرامو ڪجي جيڪو وڌ کان وڌ بهتر هجي۔۔۔ آخر ڪار ٻارن ۽ انڪيوبيٽرز جي ڪهاڻي تيار ڪرڻ تي اتفاق ٿيو۔۔۔۔
    ۽ پوءِ بل اينڊ نولٽن ڪانگريسي ڪميشن جي سامهون هڪ وڊيو کي به پيش ڪيو ته لکين نه پر ڪروڙين آمريڪي پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي نيره جي ان جذباتي بيان کي ڏسن۔۔۔ اهڙي طرح جيڪي جنگ جي مخالف هئا سي به جنگ جا حامي بڻجي ويا۔۔۔۔
    هي بيان جنگ جي دوران ڪيل پروپيگنڊا جو بدترين مثال آهي ۽ هن پوري داستان ۾ اسان لاءِ پڻ هڪ سبق آهي۔۔ جو اڄ ڪلهه ملڪ پاڪستان تي پن ڌارين طرفان اهڙا اهڙا ڊراما پيش ڪيا پيا وڃن۔۔۔اميد ته عقل وارن لاءِ اشارو ئي ڪافي هوندو۔۔۔۔!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    واقعي ان ڳالهه تي ڪافي ملال آ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    واقعي بہ ''عقل وارن لاءِ‎ ‎اشارو ئي ڪافي آھي-‎''!!--‎
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڳالهه سمجهه جي آهي۔ جڏهن به ميڊيا هڪ ئي واقعي کي هڪ ئي انداز سان صرف هڪ رُخ بار بار ڏيکاري ته ان تي سواليه نشان لڳائي حقيقت جي ڳولها ضرور ڪرڻ گهرجي۔
    انساني فطرت، انساني جذبن کي استعمال ڪندي دنيا جون وڏيون طاقتون اڪثريت جي برين واشنگ ڪرڻ ۾ ماهر آهن۔ پنهنجن ظالمانه قدمن کي جائز قرار ڏيڻ لا هر دور ۾ انهن عوام کي گُڏي گڏي وانگر استعمال ڪيو آهي۔
    آمريڪا ۽ يهودي جيڪي پر پُٺ ظلم جو بازار گرم ڪريو ويٺا آهن انهن کي ڪو به پُڇڻ وارو نه آهي۔ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪي غلط پاليسين جي ڪري اڻڳڻيا لاش ڪريا آهن، ڪيترائي خاندان تباهه ۽ برباد ٿيا آهن، پر کين روڪ ٽوڪ لا، سندن ڪيل ظلمن جي تحقيق ۽ تفتيش لا اڄ تائين ڪو قانون ئي موجود ناهي۔
    اڄ جڏهن ثابت ٿي چڪو آهي ته عراق تي جنگ جو فيصلو آمريڪي سي آ اي جي غلط رپورٽنگ جو نتيجو هو ته ڇا ان غلطي کي درگذر ڪرڻ گهرجي۔۔؟ ڇا مسلمانن جو رت پاڻي برابر هو۔۔؟ ايترو بيدردي سان ته پاڻي به نه وهايو ويندو آهي۔ ڇا اهي آمريڪي جيڪي پاڻ کي علم ۽ ترقي ۾ دنيا جي سڀني قومن کان برتر سمجهن ٿا، جيڪي انساني حقن۔ انساني جانين جي اهميت، ايتري قدر جو جانورن جي حقن جي اهميت تي به ڏينهن رات پروگرام ڪندا آهن۔انهن کي ايتري سادي ڳالهه به سمجهه ۾ نه ٿي اچي۔۔!!
    اسان کي اها حقيقت سمجهڻ گهجري ته انسانيت جو علم بردار سڏرائيندڙ آمريڪا ۽ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ صرف ۽ صرف پنهنجي مفاد جو ئي سوچي ٿو۔۔۔!!! انهن کي صرف آمريڪي زندگيون ئي پياريون آهن۔ سندن نظر ۾ آمريڪي ئي انسان آهن۔۔!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ملاله يوسف زئي به انهيء ڪڙي جو هڪ حصو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پر افسوس جو اسان جو ماڻهون ان ڳالهه کي سمجهي ڪو نه ٿو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا هميشه ڏاڍي هيڻي تي حڪمراني ڪئي آهي، ۽ پنهنجا ظلم جا انداز آزمايا آهن۔ پوء اهي ملڪي سطح تي هجي يا وري ذاتي سطح تي،اهڙا مثال اسان جي اڳيان ڪيترن ئي نمونن ۾ پيا آهن۔۔۔ اسان مان به ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي پاڻ کي هميشه ٻين کان مٿاهون سمجهندا آهن۔۔۔۽ طاقت ۽ دولت جي زور تي ٻئي انسان کي انسان ئي ناهن سمجهندا ۽ انهن تي ڏاڍايون پيا ڪندا آهن۔بلڪل ائين جيئن آمريڪا ٻين هيڻن ملڪن تي ڪري رهيو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ي انسانيت سان مذاق هميشه ٿيندو آيو آهي تاريخ جا ڪيترائي باب ههڙين جُهتن سان ڀريا پيا آهن۔
    وسلام
     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ي انسانيت سان مذاق هميشه ٿيندو آيو آهي تاريخ جا ڪيترائي باب ههڙين جُهتن سان ڀريا پيا آهن۔
    وسلام
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ي انسانيت سان مذاق هميشه ٿيندو آيو آهي تاريخ جا ڪيترائي باب ههڙين جُهتن سان ڀريا پيا آهن۔
    وسلام
     
  10. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد

هن صفحي کي مشهور ڪريو