ادا گهڻا ڏينهن ڪنهن هن مسئلي جو حل رکيو هيو مگر ڳولڻ سان نه ٿو ملي اگر ڪنهن کي خبر هجي ته ضرور شيئر ڪندا مسئلو هي آهي ته ڪمپيوٽر هڪدم بند ٿي وڃي ٿو ۽ نيري رنگ جي اسڪرين نظر اچي ٿي جنهن تي لکيل آهي ته توهان جي ڪمپيوٽر ڊيميجڊ ٿي ويو آهي اهو مسئلو سنڌ سلامت تي ڪنهن رکيو هيو اهو ڪنهن دوست کي معلوم هجي ته ضرور شيئر ڪندا
مٿئين جنهن موضوع ڏي ادا سليمان اشارو ڏنو آهي۔۔۔ سو ايرر هميشه ونڊوز ايڪس پي جي انسٽاليشن دوران ايندو آهي۔۔۔ هي هڪ الڳ مسئلو ٿو لڳي سائين جبار صاحب جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل يا اسڪرين شاٽ موڪليو ها ته بهتر هجي ها۔۔۔ ان باوجود جيڪا ڳالهه سمجهه اچي ٿي ته هي هارڊ ويئر جو مسئلو آهي ۔۔۔ هوئن ته اهڙا ايرر گرافڪ ڪارڊ ۽ هارڊ ڊسڪ خراب هجڻ سان به ايندا آهن پر ڪمپيوٽر ريم ڪري ته اهڙا ايرر عام هوندا آهن۔۔۔ توهان کي گهرجي ته تيز هوا ڏيندڙ آلي (بلور) سان پنهنجي پي سي جي مٽي صاف ڪرايو ۽ بهتر رهندو ته ڪمپيوٽر ريم کي سلاٽ مان ڪڍي ان کي ٻارن جي اسڪولي رٻڙ سان صاف ڪيو۔۔۔ ان کان پوءِ ٻيهر سلاٽ ۾ لڳايو۔۔۔ مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔ ۽ ها جيڪڏهن توهان جي پي سي ۾ ٻه ريم لڳل آهن ته سسٽم کي هڪ هڪ ريم لڳائي هلائي ڏسو۔۔۔ جيڪڏهن ڪا هڪ ريم خراب هوندي ته سسٽم ٽون ڏئي نه هلندو پر جي خراب نه هوندي ته سسٽم صفائي ڪرائڻ سان به درست ٿي ويندو۔۔۔
اميد ته سائين عبدالجبار جن محترم ذيشان رشيد جن جي ٻڌايل طريقي کي آزمائي ڏسندا ۽ قوي اميد آهي ته سندن مسئلو حل ٿي ويندو۔