ڪمپيوٽر جو مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ اي جي شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2013۔

  1. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ادا گهڻا ڏينهن ڪنهن هن مسئلي جو حل رکيو هيو مگر ڳولڻ سان نه ٿو ملي اگر ڪنهن کي خبر هجي ته ضرور شيئر ڪندا مسئلو هي آهي ته ڪمپيوٽر هڪدم بند ٿي وڃي ٿو ۽ نيري رنگ جي اسڪرين نظر اچي ٿي جنهن تي لکيل آهي ته توهان جي ڪمپيوٽر ڊيميجڊ ٿي ويو آهي اهو مسئلو سنڌ سلامت تي ڪنهن رکيو هيو اهو ڪنهن دوست کي معلوم هجي ته ضرور شيئر ڪندا
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان مسئلي جي حل لاء ادا رشيد سمون پاران موڪليل هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مٿئين جنهن موضوع ڏي ادا سليمان اشارو ڏنو آهي۔۔۔ سو ايرر هميشه ونڊوز ايڪس پي جي انسٽاليشن دوران ايندو آهي۔۔۔
    هي هڪ الڳ مسئلو ٿو لڳي سائين جبار صاحب جيڪڏهن وڌيڪ تفصيل يا اسڪرين شاٽ موڪليو ها ته بهتر هجي ها۔۔۔ ان باوجود جيڪا ڳالهه سمجهه اچي ٿي ته هي هارڊ ويئر جو مسئلو آهي ۔۔۔ هوئن ته اهڙا ايرر گرافڪ ڪارڊ ۽ هارڊ ڊسڪ خراب هجڻ سان به ايندا آهن پر ڪمپيوٽر ريم ڪري ته اهڙا ايرر عام هوندا آهن۔۔۔ توهان کي گهرجي ته تيز هوا ڏيندڙ آلي (بلور) سان پنهنجي پي سي جي مٽي صاف ڪرايو ۽ بهتر رهندو ته ڪمپيوٽر ريم کي سلاٽ مان ڪڍي ان کي ٻارن جي اسڪولي رٻڙ سان صاف ڪيو۔۔۔ ان کان پوءِ ٻيهر سلاٽ ۾ لڳايو۔۔۔ مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔
    ۽ ها جيڪڏهن توهان جي پي سي ۾ ٻه ريم لڳل آهن ته سسٽم کي هڪ هڪ ريم لڳائي هلائي ڏسو۔۔۔ جيڪڏهن ڪا هڪ ريم خراب هوندي ته سسٽم ٽون ڏئي نه هلندو پر جي خراب نه هوندي ته سسٽم صفائي ڪرائڻ سان به درست ٿي ويندو۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اميد ته سائين عبدالجبار جن محترم ذيشان رشيد جن جي ٻڌايل طريقي کي آزمائي ڏسندا ۽ قوي اميد آهي ته سندن مسئلو حل ٿي ويندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو