سنڌ جي تعليم لاء

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ جي تعليم گهر ويٺي از خود ڪانـ سڌرندي ان لاء اسان سڀني کي گڏجي سنڌ جي تعليم جي مالڪي ڪرڻي پوندي ، ڪاتي ڪونهي ڏوهـ گن وڍيندڙ هٿ ۾
    تعليم جي تباهي لاء الاهي ڪجهـ لکڻ لاء آهي پر رڳولکڻ سان ڪجهـ نـ ٿيندو عمل جي ضرورت آهي اسڪولن جي مالڪي جي ضرورت آهي.

    رسول الله صلي الله عليـ وسلم جن پنهنجن اصحابـ سڳورن کي فرمايو ـ ڇا اوهان کي خبر آهي تـ سڀ کان وڌيڪ سخي ڪير آهي. اصحابـ سڳورن عرض ڪيو، الله ۽ الله جو رسول صلعم ئي بهتر ڄاڻن ٿا،” فرمايون الله تعالي سڀ کان وڌيڪ سخي آهي، ان کان پوُ سڀ کان وڌيڪ سخي آئون آهيان ۽مون کان پوء سڀ کان وڌيڪ سخي اُهو شخص آهي جنهن علم سکيو ۽ پوء ان علم کي ماڻهن ۾ ڦهلايو_ راوي حضرت ابوهريره رضـ ، ڪتاب مشڪوتـ شريف _ ڪتاب العلم.

    اچوتـ سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاء پاڻ پتوڙيون . مهرباني


    shal judy hujeen
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي تعليم لاء

    سائين توهان جا بهترين جذبا آهن بالڪل تعليم انسان جي ۽ سماج جي سڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ليڪن ان کي ڪير سڌاري اهو اهم سوال آهي اسان جي تعليم کاتي جا آفيسر پنهنجي آفيسن تائين محدود استاد پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ هر فرد ۾ خامي آهي ڪو هوندو فرض شناس پر اڪثر را حڪم الڪل جي تحت ائين سمجهبو ته ۔۔۔۔۔ کوه ۾ آهي اوهان جا بهتر خيال آهن پر اوهان انفرادي طرح ڪوشش لاء چئي رهيا آهيو يا اجتماعي۔۔۔ بهرحال اسان توهان جي نظريي جا حامي آهيون مشورو اوهان جو ڪوشش اسان جي ۔۔
     
  3. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي تعليم لاء

    محترم رحيم بخش صاحب
    السلام عليڪم

    سرڪار لطيف جي جامع ۽ مڪمل دعا بعد ان سوچڻ جي گنجائش ئي ڪان رهندي آهي تـ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ياڇا ڪرڻ کپي،

    ـــائينم ســـدائين ڪرين مـــٿي ســـنڌ ســـڪار
    دوســــت مــــٺا دلــدار عـــالم ســـڀ آباد ڪــــرين

    شاهـ عنايت جو هڪ بيت آهي ؛

    هئين تـ طبيبن وٽ ، پر تو ڪئين جيُ جڏو ڪيو،
    هئي ڪا تو ۾ گهٽ ، هو تـ سالڪ سور جا.

    سائين اوهان هڪ جامع سوال لکيو آهي؛

    جنهن جو جواب ڏيڻ سان الائي ڪهڙا ڪهڙا دوست ناراض ٿيندا ،

    سوال ؛”تعليم انسان جي ۽ سماج جي سڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ليڪن ان کي ڪير سڌاري اهو اهم سوال آهي اسان جي تعليم کاتي جا آفيسر پنهنجي آفيسن تائين محدود استاد پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ هر فرد ۾ خامي آهي ڪو هوندو فرض شناس پر اڪثر را حڪم الڪل جي تحت ائين سمجهبو تـ. . . . . .۔۔کوه ۾ آهي اوهان جا بهتر خيال آهن.
    اهيءِ توهان جا بهترين جذبا آهن پر اوهان انفرادي طرح ڪوشش لاء چئي رهيا آهيو يا اجتماعي۔۔۔ بهرحال اسان توهان جي نظريي جا حامي آهيون مشورو اوهان جو ڪوشش اسان جي ۔

    جواب لکڻ کان اڳ جي ڪڏهن آئون اوهان کي ائين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان تـ ادا گهٽ ۾ گهٽ ناراض ٿيڻ جي ڪوشش نـ ڪجو، ڇو جو مونکي ڪاوڙيل دوست پرچائڻ اصل ئي ڪونـ ايندا آهن پر ٽن ڏينهن جي ڪاوڙ کان پوء آئون خود انهن سان ڳالهائي وجهندو آهيان، ڇو جو جيڪڏهن ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ڪبي تـ پو اسان مسلمان ٿئي ڇا ڪيو!

    اصل جواب جو متن هن لطيفي ۾ موجود آهي.

    ٽي دوست چوري ڪندي پڪڙجي پيا ، پوليس ڪيس چالان ڪيو،ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ صلاح ڪيون تـ يار جيڪڏهن سڀ ٿا ڪورٽ ۾ اقرار جرم ڪيون تـ ٽيپ اچي ويندي بهتر آهي اسان مان هڪ ها ڪري تـ چوري مون ڪئي آهي ۽ هي ٻـ گڏ ڪون هئا، گهٽ ۾ گهٽ ٻـ جيڪي ٻاهر هوندا سين سي ٽئين دوست لاء ڪوشش ڪندا سين تـ ڪجهـ نـ ڪجهـ بندوبست ٿئي ويندو، سڀني ها ڪئي ڪورٽ سڳوري هڪ کي ڇهه مهينا ٽيپ ڏئي جيل روانو ڪيو. جيڪي دوست ٻاهر رهيا اُهي آرم سان گهمندا رهيا، جيل وارو دوست آخر مڪمل سزا ڀوڳي ٻاهر نڪتو، سنگت جا ڪابـ پرگهور نـ لڌي تنهن ڪري انهن سان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هُنن ٻنهي چيو تـ يار ڪاوڙيل ٿو لڳي ، جرگو ڪري فيصلو ڪيائون تـ اسين ڏوهي آهيون ، ڏنڊ ۾ جيڪڏهن تنهنجي شادي ڪرايون ۽ خرچ اسين ڀريون تـ پوءِ ڪاڙو ختم . همراهـ کڻي ها ڪئي.

    جيڏي مهل نڪاح جو ٽائيم ٿيو ، مولوي صاحب پُڇيس تـ ...................قبول آهي، جواب ندارد، وري مولوي صاحب ٻيهر پڇيس جواب ۾ همراهـ جي ماٺ، جڏهن ٽيون دفعو پُڇيس ۽ چيائنس ادا ها ڪر يا نـ ڪر مونکي دير ٿئي
    ٿيءِ تـ گهوٽ جواب ڏنو ،” مولوي صاحب ايڏو چريو ٿوري آهيان جو وري ها ڪريان . هاڻي تـ ها تڏهن ڪندس جڏهن هي سڀ ها ڪندا.

    اسان سنڌ سپوٽ الائي ڇو ائين چوندا آهيون ،

    جڏهن ٻيا چون ٿا،
    مين اڪيلا هي چلا تها جانب منزل کي طرف ، لوگ آتي گئي ڪاروان بنتا گيا.

    شاه عنايت جن چيو آهي؛

    جن ٻڌو جهاز کي ڌڻي جو ڌاڳو،
    تن جو شاه عنايت چئي ٿيو سفر سڀاڳو

    ان سان گڏ جيڪڏهن لطيف سرڪار جي بيت کي ملائي پڙهجي تـ

    ـــائينم ســـدائين ڪرين مـــٿي ســـنڌ ســـڪار
    دوســــت مــــٺا دلــدار عـــالم ســـڀ آباد ڪــــرين

    واڪا ڪرڻ مون وس، انفرادي بـ تـ اجتمائي بـ . اسڪول سطع تي بـ تـ يوسي سطع تي بـ ،
    اسڪول اسان جا ٻار بـ اسانجا، تعليم جهڙي نعمت جي وارثي ڪجي ،
    تعليم استاد حوالي هجي نـ ڪي نوڪرن حوالي.
    جت استاد محترم متعين آهن انهن اسڪولن جي توڻي تعليم جي ڪنهن کي بـ شڪايت ناهي،
    جت تعليم نوڪرن حوالي آهي اُت نـ اسڪول ۽ نـ تعليم.

    sindhsalamatsaathsal

    shal judy hujeen
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي تعليم لاء

    سهڻي نصيحت، سٺو سوال ۽ ڪارائتو جواب ۔۔۔ مٿان وري ڀوڳ به مزيدار ۔۔۔

    پڙهي ڪافي مونجهارا ختم ٿيا ۔۔۔ تعليم اهڙو زيور آهي جو انسان کي اهڙو ته سهڻو من مهڻو ٺاهي ٿو جو هو سماج ۾ چنڊ جيئان چمڪندو آهي ۔۔۔

    تعليم جي اهميت کان ته ڪو انڪاري نآهي ۔۔۔ پر رب العالمين چيو آهي ته جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي انجي حالت هو به نه بدلائيندو ۔۔۔ جهڙا روح تهڙا ختما ۔۔۔

    تعليم حاصل ڪرڻ جيتوڻيڪ هر انسان جو ذاتي فعل ۽ ذاتي فرض آهي، ۽ هر ماڻهونءَ کي، طالبعلم کي ۽ معلم کي ۔۔۔ پنهنجي پنهنجي فرض نڀائڻ جي ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    باقي ترقي يافته قومون ۽ ترقيءَ جي منزل ڏانهن راهي قومون پنهنجي رياست جو نظام ڪجهه اهڙي طرح ٺاهينديون آهن جو ڪٿي به ٿورڙي روشني هجي، ڪٿي به ٿورڙي چڙنگ دکندي هجي ته هو انکي پنهنجن وسيلن جي مدد سان اهڙو ته ڀڙڪائيندا آهن جو ان جا الا پوري دنيا ۾ نظر ايندا آهن ۔۔۔ اسانجي چوڌاري جيڪا علم جي روشني نظر اچي ٿي سان يقينن ماڻهن جي ذاتي ڪاوشن جي مدد سان ٿي آهي پر انهن ڪوششن کي سفلتا ڏيڻ انهن ڪوششن کي رنگ ڏيڻ ۽ منزل رسائڻ ادارن جو ڪم هوندو آهي ۽ افسوس سنڌ واسين جا نه ته ادارا مضبوط ۽ نه افراد ۔۔۔

    واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔

    رب العالمين اوهان ٻنهي دوستن کي آباد رکي ۔۔۔ سچ چوڻ ڪو سولو ناهي ۔۔۔ سچ چوڻ جون مبارڪون ۔۔۔
     
  5. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي تعليم لاء

    سچ چوڻ ڪو سولو ناهي، سچ تـ سر وڃائيندو،
    انڌن ٻوڙن ۽ گونگن اڳيان ، ڪير تـ آخر سچ ڳالهائيندو
    من اندر جا لوڇ آهي، ان کي ڪيرتـ اُجهائيندو
    علم سواءِ اسان انڌا آهيون، وارثي سواءِ ويگا ڻا
    اچو تـ سڀ سنڌي گڏجي ، علم جي لاٽ جلايون.
    سچ چيو سرڪار ڀٽائي ،
    ڏورج ڏيو هٿ ڪري، ڏور ۾ ڏيئي ڌار
    ڪوڙين لک هزار ، ان اُونداهي انڌا ڪيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو