سافٽويئر انسٽال ۽ اپڊيٽ ڪرڻ جو آسان طريقو

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    آخر اڄ ٻن سالن کانپوءِ ادا سليمان وساڻ پنهنجي ڊيسڪٽاپ پي سي کي ونڊوز8 تي آندو۔۔۔ پر مشورو ڏيڻ جي بدلي ۾ منهنجي دماغ جا نٽ بلٽ ئي ڍرا ڪري ڇڏيئين۔۔۔ ڪڏهن فون ڪري ونڊوز 8 سي ڊي جي گهر ڪري ته ڪڏهن فون ڪري سي ڊيء جي بوٽ نه ڪرڻ جا سور سڻائي۔۔۔ اها ته مهرباني غلام مرتضى وساڻ جي جنهن جي مدد سان ڪنهن طرح ونڊوز 8 مڪمل ٿي۔۔ پر ان کانپوءِ جون دانهون مون کي ئي ٻڌڻيون پيون۔۔ ڇو ته ونڊوز کان پوءِ ضروري سمورا سافٽويئر به انسٽال ڪرڻا جو هئا۔۔۔ ڇو ته سليمان وساڻ جي اها عادت هوندي آهي ته هميشه سمورا سافٽويئر اپڊيٽڊ يعني تازه ترين ورشن ئي استعمال ڪندو آهي۔۔
    هاڻي ونڊوز ته ڪنهن طرح انسٽال ٿي وئي۔۔ پر جڏهن سافٽويئر جي واري آهي ته ان تي ڪئي ڪلاڪ لڳيو وڃن۔۔ سندس خواهشن موجب سڀ کان پهريان اينٽي وائرس ان کانپوءِ رڳو گوگل ڪروم ئي نه پر فائرفاڪس به ڇو ته ان کانسواءِ به سندس گذارو نه ٿئي۔۔ ان کانپوءِ رڳو فليش پلگ ان ئي نه پر مائڪروسافٽ آفيس جو ايم ايس ورڊ ۽ ايڪسل جي ته ضرورت هر وقت رهي ٿي پر ان کان علاوه پاورپوائينٽ ته انتهائي اهم آهي جو دوستن کي ڀيٽا ڏيندڙ سمورا ڪارڊ ٺهن ئي انهن تي۔۔۔ ڇو ته فوٽوشاپ ته پاڻ واري دوست کي مون وانگر اچي ئي ڪونه۔۔۔
    اڃان انهن سافٽويئرس جو ذڪر ئي ڪيائين ته کيس اچانڪ موويز ڏسڻ لاءِ وي ايل سي پليئر انسٽال ڪرڻ ياد اچي ويو۔۔ ها پر اسڪائيپ ته ان کان به پهريان جو سائين نثارابڙو سان ڪچهري ان کانسواءِ ته ٿي ئي نه سگهي۔۔۔
    ها ٻيو ته سڀ ڪرڻو ئي آهي پر پي ڊي ايف فائيلز ڏسڻ ۽ انهن کي ورڊ مان ٺاهڻ به تمام گهڻو ضروري آهي جو سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اضافو ڪرڻ جو اهم سبب ئي اهو آهي۔۔۔
    اڃان اهي ڳالهيون جاري ئي هيون ته وري کيس ياد آيو ته ڇو نه پهريان چيڪ ته ڪري وٺان ته ونڊوز ڪرڻ کان پوءِ ٻين ڊرائيوز ۾ موجود قيمتي ڊيٽا ته پئي آ نه نه ته گوگل ڊرائيو به تڪڙو انسٽال ڪرڻو آهي جو ڪافي مواد ته گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪيل آهي۔۔۔
    ۽ پوءِ اچانڪ جهڙوڪ کيس ڪجهه ياد اچي ويو ته چيائين يار ٽيم ويوئر به ڪرڻو آ جو ڪافي مسئلا سلجهائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن توکي پنهنجي ڪمپيوٽر تي اچڻ جي دعوت به ڏيڻي پوندي آهي۔۔۔
    هاڻي توهان پاڻ سوچيو ته سافٽويئرز جي ڪيڏي نه ڊگهي لسٽ ٺهي پئي۔۔۔ ۽ هر سافٽويئر کي واري واري ڊائونلوڊ ڪري ان کانپوءِ انسٽال ڪرڻ ڪيڏو نه جهنجهٽ جو ڪم آهي۔۔ وقت ته ان ۾ برباد ٿيندو ئي آهي پر ان کان علاوه سموري لسٽ کي ياد رکڻ به آسان ناهي هوندو۔۔۔ اڪثر ڪري ته ڪيتريون ئي ڪم جون شيون انسٽال ڪرڻ ئي وسري وينديون آهن۔۔۔
    مون به جڏهن سليمان وساڻ جي سسٽم ۾ سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي ايڏي لسٽ ڏٺي ۽ مٿان سندس بار بار اهو چوڻ ته اجهو لائيٽ وئي۔۔۔ پڻ منجهائي وڌو ۔۔۔ ان وقت مون کي ياد آيو ته ان سموري مسئلي جو حل ته مون اڳ ئي سنڌ سلامت تي موڪلي ڇڏيو هو۔۔۔ ۽ پوءِ ڳولا جو ڪئي ته سمورا لنڪ سامهون اچي ويا۔۔۔
    فيبروري 2010 ۾ مون پسند جي سافٽوئير کي هڪ ڪلڪ سان انسٽال ڪرڻ بابت هڪ موضوع ونڊ ڪيو هو۔۔۔ ان ساڳي موضوع سان مطابقت رکندڙ ٻه موضوع ٻيا به مليا جنهن مان هڪ ادا ڦلپوٽو فقير جو ته ٻيو ادا زاهد مگسي جو۔۔۔
    ٽي سال اڳ ٻڌايل ان ڏس جي اهميت اڄ به گهٽ ناهي ٿي۔۔۔ ڇو ته ان مسئلي جو هڪ بهترين ۽ آسان حل ”ني نائيٽ“ (Ninite) جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي۔۔۔

    [​IMG]

    ني نائيٽ جي ويب سائيٽ تي ڪيٽيگري جي حساب سان سمورا ضروري سافٽويئر نالي سان موجود آهن۔۔ توهان جيڪي جيڪي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ چاهيندو انهن کي چونڊيندا وڃو ۽ حاصل ڪريو سڀني سافٽويئرس جو هڪ ننڍو انسٽالر۔۔۔ جنهن کي هلائڻ سان اهو سمورن چونڊيل سافٽويئرز کي انسٽال ڪري ڇڏيندو۔۔۔ جي ها نه صرف ڊائونلوڊ ڪندو پر سمورا سافٽويئرز بيڪ گرائونڊ ۾ رهندي انسٽال به ڪري ڇڏيندو۔۔۔ ۽ اها ڪارآمد ويب سائيٽ آهي ني نائيٽ۔۔
    http://ninite.com
    ني نائيٽ جو چوڻ آهي ته توهان صرف پنهنجي پسند جي پروگرامز کي چونڊيو ۽ انسٽالر هلايو باقي ڪم ني نائيٽ تي ڇڏي ڏيو۔۔۔
    ادا ڦلپوٽو فقير جي آندل موضوع ۾ ادا بشيراحمد ۽ مست ڪجهه خدشا به ڏيکاريا هئا۔۔ ۽ منهنجي اچي جواب ڏيڻ جو پڻ چيو هو پر شايد موڪلن تي هجڻ ڪري اهو موضوع منهنجي نظر مان نه گذريو۔۔ بحرحال جيئن ته سائيٽ ذاتي استعمال لاءِ هي سروس بلڪل مفت پيش ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪمرشل استعمال لاءِ ان کي خريدڻ جو چوي ٿي ان ڪري منهنجو مشورو آهي ته هي سائيٽ ذاتي استعمال لاءِ بلڪل درست آهي۔۔۔ ها جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪمپني ۾ آئي ٽي جي شعبي سان ڳنڍيل آهيو ته پنهنجي نيٽ ورڪ تي موجود ڪمپيوٽرز تي سافٽويئر انسٽال ۽ اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ ني نائيٽ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي۔۔۔
    يقينن توهان کي معلوم هوندو ته ونڊوز هجي يا ڪوئي به سافٽويئر ان جو تازه ترين ورشن ئي استعمال ڪرڻ بهتر آهي ڇو ته اهو پنهنجي پهرين ورشن کان هميشه بهتر ۽ محفوظ هوندو آهي ۔۔۔ ان ڪري ”ني نائيٽ اپڊيٽر“ جيڪو پيسن تي ساڳي ئي سائيٽ تي موجود آهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سسٽم تي انسٽال سمورا سافٽويئر اپڊيٽ رهن۔۔ هي بيڪ گرائونڊ ۾ رهندي انسٽالڊ سافٽويئر جي اپڊيٽس تي نظر رکندو آهي ۽ جيئن ئي ڪنهن سافٽويئر جو تازو ورشن ايندو آهي ۔۔ هي فورن ان کي ڊائونلوڊ ڪري اپڊيٽ ڪري ڇڏيندو آهي۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڪنهن سافٽويئر کي اپڊيٽ ڪرڻ جو ارادو نه ٿا رکو ته اهو آپشن غير فعال ڪرن پڻ موجود آهي۔۔۔
    ونڊوز کان علاوه ني نائيٽ لينڪس لاءِ پڻ موجود آهي۔۔ ني نائيٽ تي تقريبن سمورا سافٽويئر موجود آهن۔۔ جنهن کي ڏسڻ لاءِ ويب سائيٽ جو وزٽ ڪريو۔۔
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار دنيا پئي اڳتي وڌي ۽ اسان اڃان ايڪس پي ۾ ڦاٿل هئاسين۔ نه صرف اهو پر ونڊوز جي نواڻ سان گڏ ان جا ڪيترائي فائدا به آهن ۔۔۔۔ خير ونڊوز تي ٿي وئي اها به بغير اڪبر واڍي جي مدد سان ۔۔۔۔ هاڻ سڀ سافٽويئر ٻيهر انسٽال ڪرڻ اهو جهنجهٽ آهي۔

    خير مهربانيون اوهان جون ۔۔۔۔ هي ويب سائيٽ واقعي ئي قيمتي آهي۔ عرس پريو به يقينن هي موضوع پڙهي فائدو وٺندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد ،
    بلڪل ني نائيٽ ڪم واري سائيٽ آهي پر هاڻي مان وري هڪ قدم اڄيان پوئتي وڌائي ڪري ونڊوز ايڪس پي جي گهوسٽ پيڪ ٺاهي تيار ڪيو آهي صرف ۽ صرف ٽائيم بچائڻ خاطر، ها ها ها ها

    اصل ٻن منٽن ۾ ونڊوز سافٽ ويئرس سميت

    فقير
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    يار توهان اڪبر واڍي جون خدمتون وساري ويٺا آهيو ڇا؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ههههههههههههههههه ۔۔۔۔ مون ته اڳ ئي چيو هو ته ڪمپيوٽر کي آ ايترو ئي سڃاڻان جيترو هو مونکي ۔۔۔ رشيد جون ڳالهيون پڙهڻ کانپو ائين ئي لڳو ته زليخان مائي هئي يا مرد ۔۔۔ ؟؟؟ مطلب مون لا دٻي ۾ ٽڪريون ۔۔۔۔ انڪري پاڻ ته ڪنهن ڊائونلوڊ ٿيل فالتو شئي کي به هٿ نه لايون جو خبر ناهي ته اها ڪهڙي ڪم جي ۔۔۔ بس ڪمپيوٽر هلي پيو ۽ ڪم ڪري پيو ۔۔۔ انڪري پاڻ خوش ته ڪمپيوٽر به خوش ۔۔۔۔ خئير آ ۔۔۔ اڃان عمر ئي ڪيتري ٿي آهي، سکي وينداسون ۔۔۔ ههههههههههه
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ههههههههههههههههههههههههه

    سائين لڳي ٿو ته فقير جي صبحت رنگ لاتو اهي
    ها ها ها


    لاجواب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    لاجواب سائين
    مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو