نيوزيلينڊ طرفان بنگلاديش جو دورو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Ban-vs-NZ1.jpg


اڀرندڙ ايشين ٽيم بنگلاديش ۽ سينيئر ٽيم نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جاري آهي۔۔ دوستن جي دلچسپي لاءِ شيڊيول پيش ڪجي ٿو۔۔۔

تاريخ | ڏينهن | ميچ | هنڌ | وقت | نتيجو
\ 9 آڪٽوبر | اربع | پهرين ٽيسٽ | چٽاڪانگ | صبح ساڍي 8 وڳي | ميچ ڊران
\ 21 آڪٽوبر | سومر | ٻين ٽيسٽ | ميرپور | صبح ساڍي 8 وڳي | ميچ ڊران
\ 29 آڪٽوبر | اڱارو | پهريون ون ڊي | ميرپور | صبح 8 وڳي | بنگلاديش 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي
\ 1 نومبر | جمع | ٻيون ون ڊي | ميرپور | صبح 8 وڳي | بنگلاديش 40 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي
\ 4 نومبر | سومر | ٽيون ون ڊي | فتح الله | صبح 8 وڳي | بنگلاديش 4 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي۔
\ 6 نومبر | اربع | واحد ٽي ٽونٽي | سلهٽ | مجهند 2 وڳي | نيوزيلينڊ 15 رنس تان ڪاميابي حاصل ڪئي۔
 
پهريون ون ڊي:

بارش سبب ڊڪ ورٿ ۽ ليوئس ميٿڊ تحت بنگلاديش 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي۔ بنگلاديش جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 50 هين اوور ۾ 265 تي آئوٽ ٿي وئي۔ جواب ۾ روبل حسين جي شاندار بالنگ سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم 30 هين اورور ۾ صرف 165 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔ روبل حسين شاندار بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون ورتيون جنهن ۾ هڪ هئٽ ٽرڪ به شامل آهي۔
 
۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جهڙي ٻالڪ ٽيم سينئر ٽيم نيوزيلينڊ جي 308 جهڙي جبل جيڏي ٽارگيٽ کي 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ون ڊي سيريز ڪلين سويپ ڪري ورتي۔۔۔
 
نيوزلينڊ دوري جي آخري ميچ ۾ آخرڪار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي۔۔۔ پهرين بيٽنگ ڪندي ٽي ٽونٽي جو وڏو اسڪور 204 بڻايو ۽ پوءِ جاکوڙي ٽيم بنگلاديش کي اسڪور کي مڪمل ڪرڻ کان آخري بالن تائين جستجو ڪئي۔۔ ۽ ائين بنگلاديش جي پوري ٽيم کي 20 اوورن ۾ 189 رنسن تائين محدود ڪندي دوري جي واحد ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ 15 رنسن تائين کٽي ورتي۔۔
 
پر يار بنگالين به ڪمال ڪيو جو 20 اورن ۾ 189 رنسون ڪيون ۔۔۔ شايد بنگلاديش آئي سي سي رينڪنگ ۾ مٿي اچي۔
 
Back
Top