جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سنڌ وارا جيئن

'تعارف' فورم ۾ جاويد قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مارچ 2010۔

  1. جاويد قاضي

    جاويد قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    لطيف جي ڌرتي جا وارثو اسلام عليڪم
    دوستو مون کي پهريون ڀيرو سنڌ سلامت بابت خبر هڪ اهڙي دوست کان پئي جيڪو روزانو سنڌ سلامت وزٽ ته ڪندو هو پر هتي رجسٽريشن نه ڪرائي سگهندو هو ۔ جڏهن مون هن سائيٽ جو وزٽ ڪيو ته حيران ٿي ويم ته اهڙي بهترين سائيٽ جي ڄاڻ مون کي پهريان ڇو نه هئي ۔ رجسٽريشن جي ڪافي دفعا ڪوشش به ڪيم پر الائي ڪهڙي سبب رجسٽرڊ ٿي نه سگهيم ۔
    هڪ دفعي جڏهن ادا رشيد سمون سان ملاقات ٿي ته کيس سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لا جستجو ڪندڙ ڏسي کيس سنڌ سلامت وزٽ ڪرڻ جي دعوت ڏنم ۽ کيس اهو به ٻڌايم ته رجسٽريشن نه ٿي ٿئي ۔ ادا رشيد مون کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن سائيٽ کولي پنهنجي نالي کي منتظمِ اعلي طور ڏيکاريو ۔
    خير سندس ڪم جا ته اڳي ئي قائل هياسين پر سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت سندس اهڙي ڪارنامي کان اڳ واقفيت نه هئي
    ادا رشيد سميت مان سمورن ساٿين کي جيڪي هن پليٽ فارم تان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي بابت ڪم ڪري رهيا آهن مان مبارڪ ڏيندس ۽ پنهنجي طرفان به هر ممڪن ڪوشش ڪري وقت ڪڍي وزٽ ڪندس ۽ پنهنجي دوستن کي به آگاهي ڏيندس
    sindhsalamatsaathsal
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سنڌ وارا جيئن

    ادا بلڪل صحيح ٿا چئو۔۔۔ ادا رشيد جو هي ڪم تاريخ ساز آهي ۽ گهڻا دوست اڃان هن بهترين سٿ کان ناواقف آهن۔۔۔
    توهان جي باري ۾ ادا رشيد کان اسان ڪافي ٻڌو آهي اميد ته اوهان پنهنجي تحريرن سان اسان جي هن فورم جي واڌاري جو سبب بڻندا۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سنڌ وارا جيئن

    ادا جاويد قاضي، شل جُڙيو هُجين، سنڌين جي سڀ کان وڏي هن سنڌي اڱڻ تي اسين سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي توهان کي انتهائي پيار سان ڀليڪار ٿا چئون۔ واقعي ادا رشيد سمون جو هي ڪارنامو تاريخ ساز آهي، جڏهن به انٽر نيٽ تي ڪنهن به سنڌي فورم جو ذڪر ڪيو ويندو ته سنڌ سلامت سڀ کان اهم ۽ وڏي ۾ وڏو سنڌ فورم ليکيو ويندو۔ توهان اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيا، اسين توهان جي اچڻ تي تمام گهڻا سرها ٿيا آهيون۔ توهان جهڙن مٺڙن ماڻهن کي اسان جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهيون، توهان جي هر لکڻي ۽ سنڌ سلامت تي توهان جي هر وزٽ جو اسان شدت سان منتظر رهنداسين
    ڪجهه گُل آهن توهان جي آجيان لئه انهن گُلن ۾ سنڌ سلامت جي سمورن محبتي ساٿين جون نيڪ تمنائون شامل آهن۔
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سنڌ وارا جيئن

    جيئن ته سائين نثار ناز ايترا ته سهڻا گل هن اڱڻ جي ساٿين طرفان ادي جاويد قاضي صاحب جن لاءِ پيش ڪيا آهن جو انهن گلن آڏو سڀ لفظ ڦڪا ڦڪا پيا لڳن ۔۔۔

    پر ان هوندي به اسين ٿورائتا آهيون سائين جاويد قاضي صاحب جن جا جو هن سٿ ۾ شامل ٿيڻ لئه ڪهي آيا آهن ۔۔۔ اسين سڀ دوست دل جي گهراين سان کيس ڀليڪار چئونٿا ۔۔۔
    اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار ۔۔۔ ، دوست قاضي صاحب! اميد آهي ته ڪجهه اسانجون ۽ هن ساٿ ۾ شامل سڀني دوستن جون اوڀاريون لهواريون ٻڌندا ۽ پنهنجا تجربا ۽ پنهنجا خيال اسان سان ونڊ ڪندا ته ۔۔۔ ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔
    جيئن ته نج سنڌي ٻوليءَ ۾ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ تمام ٿورڙيون اهڙيون اوطاقون آهن، جت اسين پنهنجي علم ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لئه ڪجهه ڪري سگهون، انڪري هيءُ اڱڻ تمام دوستن جي موجودگيءَ ۾ نج پج سنڌي ماحول ٺاهي رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۔۔۔

    اوهان جهڙا دوست ساٿ ۾ هوندا ته اڃان اڙانگا سفر وڌيڪ آسانيءَ سان طع ڪرڻ ۾ سهڪار ٿيندو۔۔۔

    رب العالمين سنڌ ۽ سنڌين کي ڪوسي واءُ کان بچائي ۔۔۔ آمين
     
  5. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    جواب: جيئي سنڌ ۔۔۔ ۽ سنڌ وارا جيئن

    الله اچن اُوءِ، جن آئي مَنُ سرهوٿئي.
    ادا قاضي صاحب السلام عليڪم! اوهان سان روبرو ملاقات ته اڳ ۾ ٿي هئي. هن اڱڻ تي ڏسي، دل کي ويتر سُرهائي ٿي. هن ناچيز طرفان محبت سان هيءُ تحفو قبول ڪندا:
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو