توهان اي بوڪ ڊائونلوڊ ڪندا هجو يا ڪنهن ڊوائيس ۽ هارڊويئر جو هدايتون۔۔۔ ريسرچ پيپر هجن يا وري بينڪ جون ماهوار اسٽيٽ مينٽس گهڻي قدر اهي فائيلز توهان کي پي ڊي ايف جي صورت ۾ ڪمپيوٽر ۾ رکڻيون پونديون آهن۔۔ ڇو ته پي ڊي ايف شايد واحد فائل فارميٽ آهي جيڪو ڊاڪومينٽ جي فارميٽنگ کي ساڳي حالت ۾ رکندو آهي جنهن حالت ۾ بنائيندڙ ان کي ٺاهيندو آهي۔۔
پي ڊي ايف فائل فارميٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندو آهي جو اهو فل فارميٽنگ تيار ڪيل مواد ڀلي توهان وٽ پي ڊي ايف ريڊر سافٽويئر انسٽال ٿيل نه هجي۔۔ ته ويب سائيٽ ۾ رهي ڪري به پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو مواد ايترو وڌي چڪو آهي جو ڪتابن جا شوقين جيڪڏهن اتي موجود سمورا ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري وٺن ته کين ڪمپيوٽر ۾ ترتيب سان رکڻ مشڪل ٿي پوي۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪنهن وٽ پي ڊي ايف ڪتاب ڪافي تعداد ۾ اڳ ئي موجود هجن ته انهن سنڀالڻ ڪافي الجهائيندڙ آهي۔۔۔ ان پريشانيءَ جو احساس ڪو اسان جي دوست سليمان وساڻ يا وري مذهبي ڪتابن سان لڳاءُ رکندڙ محترم رحيم بخش جن کان پڇي۔۔۔
هن موضوع ۾ منهنجي ڪوشش هوندي ته اهڙن سافٽويئرس ۽ ٽولز کي پيش ڪجي جنهن ذريعي توهان پنهنجي پي ڊي ايف ڪليڪشن کي درست طريقي سان مينيج ڪري سگهو۔۔۔ ته جيئن توهان نه صرف پنهنجي مرضيء جي ڪتاب کي تڪڙو ۽ سولو ڳولي سگهو پر ان کي ساڳي ئي سافٽويئر ۾ پڙهي سگهو، انهن تي نوٽ لکي سگهو ۽ انهن کي ريفرينس طور مارڪ ڪري سگهو۔۔۔
مينڊلي هڪ شاندار ڊيسڪٽاپ سافٽويئر ڪم ويب ايپليڪيشن آهن۔۔ جيڪا نه رڳو توهان جي ڪمپيوٽر ۾ لوڪل فائيلز کي فهرست ۾ رکندي ترتيب ڏئي ٿي پر انهن فائلز کي آهستي آهستي اپلوڊ ڪندي رهي ته جيئن توهان انهن کي آن لائين ڪنهن به جاءِ ڪنهن به ڊوائيس تي پڙهي سگهو۔۔۔
500 ميگا بائيٽ تائين آن لائين اسٽوريج ڏيندڙ هي ايپليڪيشن توهان طرفان لوڪل ڊيسڪٽاپ تي ڏنل ٽيگس، نوٽس ۽ ميٽا ڊيٽ کي جيڪي توهان پنهنجي پي ڊي ايف فائيلز کي ڏنا هجن ياد رکندي آهي۔۔ جيئن توهان مواد کي ريسٽور ڪرڻ تي به ساڳي ترتيب ۾ ڏسي سگهو۔۔۔
مينڊلي لائيبريري ۾ رڳو پي ڊي ايف فائيلز ئي نه پر ٻيا ڊاڪومينٽس پڻ شامل ڪري سگهجن ٿا۔۔ ان کانسواءِ هن جو بهترين فيچر واچ فولڊر (Watch-folder) پڻ آهي جيڪو ونڊوز ميڊيا پليئر وانگر ڪم ڪندو آهي۔۔ يعني جيڪي به ڊاڪومينٽ يا پي ڊي ايف فائيلز واچ فولڊر ۾ شامل ڪيا ويندا اهي پاڻمرادو مينڊلي جي ڊيٽا بيس جو حصو بڻجندا ويندا۔۔۔
بهترين فيچرس تي مشتمل هي مفت جو سافٽويئر ڊائلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري سندن سائيٽ تي اچو ۽ رجسٽر ٿيندي پنهنجو سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔

*****************
ان سلسلي ۾ منهنجو پهريون آزمايل سافٽويئر مينڊلي ڊيسڪٽاپ (Mendeley Desktop) آهي۔۔ جيڪو هڪ ئي وقت ونڊوز، لينڪس ۽ ميڪ آپريٽنگ سسٽم لاءِ موجود آهي۔۔