پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود پي ڊي ايف مواد کي ڪيئن ترتيب ۾ رکندي سنڀالجي...

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان اي بوڪ ڊائونلوڊ ڪندا هجو يا ڪنهن ڊوائيس ۽ هارڊويئر جو هدايتون۔۔۔ ريسرچ پيپر هجن يا وري بينڪ جون ماهوار اسٽيٽ مينٽس گهڻي قدر اهي فائيلز توهان کي پي ڊي ايف جي صورت ۾ ڪمپيوٽر ۾ رکڻيون پونديون آهن۔۔ ڇو ته پي ڊي ايف شايد واحد فائل فارميٽ آهي جيڪو ڊاڪومينٽ جي فارميٽنگ کي ساڳي حالت ۾ رکندو آهي جنهن حالت ۾ بنائيندڙ ان کي ٺاهيندو آهي۔۔
    پي ڊي ايف فائل فارميٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندو آهي جو اهو فل فارميٽنگ تيار ڪيل مواد ڀلي توهان وٽ پي ڊي ايف ريڊر سافٽويئر انسٽال ٿيل نه هجي۔۔ ته ويب سائيٽ ۾ رهي ڪري به پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر جو مواد ايترو وڌي چڪو آهي جو ڪتابن جا شوقين جيڪڏهن اتي موجود سمورا ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري وٺن ته کين ڪمپيوٽر ۾ ترتيب سان رکڻ مشڪل ٿي پوي۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪنهن وٽ پي ڊي ايف ڪتاب ڪافي تعداد ۾ اڳ ئي موجود هجن ته انهن سنڀالڻ ڪافي الجهائيندڙ آهي۔۔۔ ان پريشانيءَ جو احساس ڪو اسان جي دوست سليمان وساڻ يا وري مذهبي ڪتابن سان لڳاءُ رکندڙ محترم رحيم بخش جن کان پڇي۔۔۔

    هن موضوع ۾ منهنجي ڪوشش هوندي ته اهڙن سافٽويئرس ۽ ٽولز کي پيش ڪجي جنهن ذريعي توهان پنهنجي پي ڊي ايف ڪليڪشن کي درست طريقي سان مينيج ڪري سگهو۔۔۔ ته جيئن توهان نه صرف پنهنجي مرضيء جي ڪتاب کي تڪڙو ۽ سولو ڳولي سگهو پر ان کي ساڳي ئي سافٽويئر ۾ پڙهي سگهو، انهن تي نوٽ لکي سگهو ۽ انهن کي ريفرينس طور مارڪ ڪري سگهو۔۔۔
    *****************
    ان سلسلي ۾ منهنجو پهريون آزمايل سافٽويئر مينڊلي ڊيسڪٽاپ (Mendeley Desktop) آهي۔۔ جيڪو هڪ ئي وقت ونڊوز، لينڪس ۽ ميڪ آپريٽنگ سسٽم لاءِ موجود آهي۔۔

    [​IMG]

    مينڊلي هڪ شاندار ڊيسڪٽاپ سافٽويئر ڪم ويب ايپليڪيشن آهن۔۔ جيڪا نه رڳو توهان جي ڪمپيوٽر ۾ لوڪل فائيلز کي فهرست ۾ رکندي ترتيب ڏئي ٿي پر انهن فائلز کي آهستي آهستي اپلوڊ ڪندي رهي ته جيئن توهان انهن کي آن لائين ڪنهن به جاءِ ڪنهن به ڊوائيس تي پڙهي سگهو۔۔۔
    500 ميگا بائيٽ تائين آن لائين اسٽوريج ڏيندڙ هي ايپليڪيشن توهان طرفان لوڪل ڊيسڪٽاپ تي ڏنل ٽيگس، نوٽس ۽ ميٽا ڊيٽ کي جيڪي توهان پنهنجي پي ڊي ايف فائيلز کي ڏنا هجن ياد رکندي آهي۔۔ جيئن توهان مواد کي ريسٽور ڪرڻ تي به ساڳي ترتيب ۾ ڏسي سگهو۔۔۔
    مينڊلي لائيبريري ۾ رڳو پي ڊي ايف فائيلز ئي نه پر ٻيا ڊاڪومينٽس پڻ شامل ڪري سگهجن ٿا۔۔ ان کانسواءِ هن جو بهترين فيچر واچ فولڊر (Watch-folder) پڻ آهي جيڪو ونڊوز ميڊيا پليئر وانگر ڪم ڪندو آهي۔۔ يعني جيڪي به ڊاڪومينٽ يا پي ڊي ايف فائيلز واچ فولڊر ۾ شامل ڪيا ويندا اهي پاڻمرادو مينڊلي جي ڊيٽا بيس جو حصو بڻجندا ويندا۔۔۔

    بهترين فيچرس تي مشتمل هي مفت جو سافٽويئر ڊائلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪري سندن سائيٽ تي اچو ۽ رجسٽر ٿيندي پنهنجو سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادا ڪم گهڻو ٿي ويو آهي ۔۔۔۔ پوء به ڪوشش ۾ آهيون ته ان کي مينيج ڪري وٺون۔ پر مسئلو اهو آهي ته ڪم ڪنهن هڪ سمت جو ناهي۔ تنهنڪري الجهنون ٿين ٿيون۔ ڪاش هر دوست ڪنهن هڪ ڪيٽيگري يا ڪنهن فيلڊ تي ڪم ڪندو رهي ته جيئن سنڌي مواد کي بهتر انداز سان سهيڙي سگهجي۔

    اوهان جا قرب جو اوهان اسان جي احساسن کي سمجهيو ۽ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    محترم ذيشان رشيد جن جي مهرباني جو پاڻ مصروفيت جي باوجود هڪ بهترين سافٽويئر جي کوجنا ڪري اسان جي سهولت لاء پيش ڪيائون ليڪن هڪ ٻه سافٽويئر جيڪي منهنجي نظر کان گذريا آهن کين عرض آهي ته انهن تي به هڪ نظر وجهن اگر کين ان ۾ بهتري نظر اچي ته اهي سافٽوئير فل ورجن هٿ ڪري دوستن کي ڏيندا ته سندن احسان ٿيندو۔
    اهي سافٽوئير آهن۔
    calibre-1.4.0 هن کان ٻيو ليٽيٽ ورجن به آهي
    debenu_pdf_benubird_en.exe
    هي ٻه سافٽويئر آهن مٿيون ڊيٽا بيس سافٽويئر آهي سڀ فائيل پاڻ وٽ ڪاپي به ڪندو ۽ ٿمنيل به ٺاهي ڏيندو
    هيٺيون فقط فائيل جي معلومات پاڻ وٽ سيو ڪندو فائيل کي سيو نه ڪندو مٿيون ٿمنيل وغيره تڪڙو ڏسي ٿو هيٺيون دير ڪري ٿو جو ان وٽ ڊيٽا اصل فائلن جو سيو نه آهي بهرحال اهڙا ٻيا به ڪيترائي ساِفٽويئر آهن مون کي اهي چڱا لڳا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو