• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 23 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 23 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


23 آڪٽوبر 1920ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1923ع اديب، صحافي ۽ مترجم سومار علي سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1923ع مشھور اديب، شاعر، محقق، ٻولي ماهر، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1926ع نامور ليکڪ ۽ اخبار نويس سدوري مل ايم. راجپوت جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1927ع ليکڪ ايسر سنگهہ بيدي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1944ع مشھور اديب يونس جاويد جو جنم ڏينھن آهي.
23 آڪٽوبر 1946ع سياستدان مير هزار خان بجاراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1947ع شاعر محمد اسحاق سوز (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1948ع ليکڪ نثار آگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1957ع ڪھاڻيڪاره ۽ ليکڪا زرينہ حسين ناريجو، نامياري سياستدان حسين بخش جي شريڪِ حيات آهي سندس جنم نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
23 آڪٽوبر 1964ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ تاج محمد وساڻ جو جنم ڏينهن آهي.
23 آڪٽوبر 1969ع فلم ۽ ٽي. وي جي ناليواري اداڪار ۽ ماڊل عدنان صديقيءَ جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

23 آڪٽوبر 1909ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالواحد سيوستاني جو انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 1926ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا محمد بخش خيالي جي وفات ٿي.
23 آڪٽوبر 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ (ڏيپلو) جي وفات ٿي.
23 آڪٽوبر 1982ع شاعر حاجي يار محمد مري (ڪاٺوڙ) جو انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 1986ع مشهور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار شيخ جو وڇورو ٿيو.
23 آڪٽوبر 1987ع اڳوڻي وفاقي وزير ارباب نياز جو وڇورو ٿيو.
23 آڪٽوبر 1987ع صحافي عبدالقادر نظاماڻي لاڏاڻو ڪيو.
23 آڪٽوبر 2008ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڪوڙا خان ڀيو (شڪارپور) جو روڊ حادثي ۾ انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 2009ع صوف راڳ جي مشهور راڳي سهراب فقير (نصير فقير جلالاڻي) جو انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 2011ع جمهوريت لاء جاکوڙيندڙ بيگم نصرت ڀٽو جو انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 2016ع سياستدان ۽ آبادگارن جي اڳواڻ سيد قمرالزمان شاھہ جو انتقال ٿيو.
23 آڪٽوبر 2022ع مشھور صحافي، تجزيہ ڪار ۽ TV نيوز اينڪر ارشد شريف کي ڪينيا ۾ قتل ڪيو ويو.

اڄوڪي ڏينهن 23 آڪٽوبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1947ع – پھرين آزاد ڪشمير حڪومت قائم ٿي.
1958ع – فيلڊ مارشل ايوب خان 5 ڏينھن لاءِ ملڪ جو وزيراعظم بڻيو.
1814ع – پھريون ڀيرو پلاسٽڪ سرجري انگلستان ۾ ڪئي وئي.
1942ع – هيمون ڪالاڻي ۽ سندس ساٿين انگريزن جي گولابارود سان ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي هيمون گرفتار ٿيو.
1955ع – جاپان ۾ سوشلسٽ پارٽي جو وجود پيو.
1987ع – 87 هون ادبي نوبل انعام روسي زبان ۽ آمريڪي شاعر جوزف راؤسڪي کي ڏنو ويو.
1990ع – ڄام صادق علي پاران پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ويو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top