سنڌ جي صوفي راڳي سهراب فقير کي سندس ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي صوفي راڳي سهراب فقير جي ياد ۾
    [​IMG]

    سنڌ ۾ موسيقيءَ جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري سنڌ جي تاريخ آهي. هر دل کي ڇهندڙ ساز ۽ هر دل کي ڇهندڙ آواز کي موسيقي چئبو آهي. مطلب ته موسيقي جو تعلق دل ۽ دماغ سان آهي، ڇو جو موسيقيءَ جو اثر به دل ۽ دماغ تي ئي پوي ٿو. ڪلاسيڪل جو هر دور هوندو آهي. ڪلاسيڪل موسيقي امر ۽ سدا بهار هوندي آهي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ”جنهن ماڻهوءَ کي سر ۽ تار جي خبر ڪانه ٿي پوي، اهو ماڻهپي کان خالي آهي“ ۽ هوڏانهن شيڪسپيئر موسيقي جي باري چيو آهي ته: ”جنهن ماڻهوءِ ۾ موسيقي ناهي ۽ نه ئي مٺڙن آوازن کان متاثر ٿئي ٿو، اهو ماڻهو غدارن جي اٽڪل بازين ۽ خرابين لاءِ موزون آهي. اهڙي ماڻهوءَ تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي“.

    سنڌ ۾ سر ۽ تار جا ڄاڻو فنڪار کوڙ سارا آهن، انهن امر ۽ عظيم فنڪارن ۾ صوفي فنڪار سهراب فقير به هڪ آهي، جنهن سنڌي موسيقي جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سهراب فقير خيرپور ميرس جي شهر ٽالپر وڏا ۾ 1934ع ۾ حمل فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سهراب فقير ڳائڻ وڄائڻ جي شروعات تقريباً 11 سالن جي ڄمار ۾ يڪتاري، چپڙي ۽ باجي سان ڪئي. پهرين رڪارڊنگ 1985ع ۾ خوش خير محمد جي ڪلام ”پرين الله آڻي“ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان هلي، جيڪو ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. سهراب فقير صوفي فنڪارن جي دنيا جو هڪ روشن ڏيئو هو. هن جي آواز ۾ سوز هو، سرور هو، جستجو هئي، امن هو، تسلسل هو، ميٺاج هئي. هن جي آلاپن ۾ عشق جو طوفان سمايل هو. سهراب فقير سنڌ جي ڪافي وڏن وڏن ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي، انهن ۾ شاهه لطيف، سچل سرمست، سخي الهيار، خوش خير محمد فقير، غمدل فقير، در محمد فقير، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪرم ٽالپر، علي محمد فقير ۽ ٻيا شامل آهن. فن جي حوالي سان هن جو استاد عاشق علي خان هو. استاد خورشيد علي خان، استاد منظور علي خان ۽ ٻين ڪيترن ئي وڏن مشهور فنڪارن سان هن طبلي تي وڄت ڪئي هئي.

    صوفي فنڪار سهراب فقير پنهنجي فن ذريعي سنڌ جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي. هن جرمني، هالينڊ، برطانيا، ناروي، بيلجئم، فرانس، اٽلي، ڊينمارڪ، آسٽريليا، سئيٽزر لينڊ، هندستان ۽ ٻين ملڪن جا دورا پڻ ڪيا. سهراب فقير جڏهن به ڪنهن محفل ۾ ڳائڻ ويهندو هو ته رات کٽي ويندي هئي، مگر هن جا عارفاڻا ڪلام نه کٽندا هئا. هونئن ته هن جا سمورا ڪلام پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مقبول هئا، مگر گهڻي قدر ”ميڏا روح منگندا، محبوب آوي“ ۽”گليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گهمايم“ جهڙن ڪلامن گهڻي مقبوليت ماڻي. صوفي فنڪار سهراب 23 آڪٽوبر 2009ع تي وڃي محبوب حقيقي سان مليو.

    سهراب فقير سنڌ جي صوفي راڳ جو مست الست آواز، نرالو انداز هو. هن سچل ايوارڊ (ٻه دفعا)، قلندر ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا هئا.

    ممتاز ملاح/ سکر
    روزانه ڪاوش





     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جي صوفي راڳي سهراب فقير کي سندس ورسي جي موقعي تي ڀيٽا

    ادا بهترين ونڊ آَهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهراب فقير
    مير نادر علي ابڙو​
    [​IMG]
    سن ۲۰۰۳ع ڌاري منهنجي بدلي عمرڪوٽ کان ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس بطور سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٿي، جڏهن ٺري ميرواهه ۾ پهتس ته سخت پريشان ٿي ويس ته هاڻي هن ٻهراڙي جي علائقي ۾ وقت ڪيئن گذرندو. پر منهنجي اها پريشاني ڪجهه ڏينهن ۾ ئي جلد ختم ٿي ويئي. جڏهن مان خيرپور ميرس ضلعي جي تقريبًا سڀني پريس ڪلبن ۾ صحافي دوستن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مان پريس ڪلبن ۾ سنڌ جي عظيم شخصيتن جون ورسيون ملهائڻ لڳس ته منهنجي آهستي آهستي ٺري ميرواهه جهڙي پٺتي پيل ٻهراڙي جي علائقي ۾ دل لڳي ويئي. انهيءَ دوران مان ٽالپر وڏا ۾ سهراب فقير سان ڪچهري پڻ ڪيم. پوءِ مان جڏهن به ڪٿي ڪنهن به پريس ڪلب ۾ ڪو پروگرام ڪندو هئس ته صحافي دوستن کي منهنجو بيحد اصرار هوندو هو ته مهرباني ڪري منهنجي غريب يار سهراب فقير کي ضرور دعوت ڏجو ته کانئس ڪجهه ٻڌون. انهن ڏينهن ۾ ئي سهراب فقير تي اڌ رنگ جو وڏو اثر ٿيل هو. منهنجي اصرار تي هو پروگرام ۾ ايندو ته هو مگر ڳائي نه سگهندو هو ۽ فقط آلاپ ڏيندو هو. باقي سندس شاگرد سندس شاگردي ۾ اهڙا ته تيار ٿيل هوندا هئا جو ڪنهن به قسم جي باقي ڪسر نه ڇڏيندا هئا ۽ محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا ۽ ماڻهو موهجي مستي ۾ اچي جهومڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا.

    سهراب فقير جڏهن به مون سان مليو ته منهنجي ٻنهي هٿن کي چميون ڏيئي پنهنجي اکين تي رکندو هو، کيس مان چوندو هئس ته اوهان بزرگ ۽ تمام وڏي شخصيت آهيو ۽ مان نوجوان آهيان مهرباني ڪري منهنجا هٿ نه چمندا ڪريو. تنهن تي چوندو هو ته اگر مان وڏي شخصيت آهيان، ته تون به تمام وڏي شخصيت ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو فرزند آهين، مان انهيءَ نسبت سان تنهنجا هٿ چمان ٿو. اهڙي طرح سهراب جو مون سان ٺري ميرواهه ۾ ڏيڍ سال پروگرامن ۾ ساٿ رهيو، جيڪو مان ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان. مان جڏهن اوطاق تي ويس ته پاڻ مون کي دنيا جي مختلف سربراهن ۽ مشهور شخصيتن سان سهراب فقير پنهنجا فوٽو ڏيکاريا ۽ ماضي جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو ته سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ وڏو ٿڌو ساهه ڀري ٿي چيائين ته ابڙا صاحب اهي به منهنجا ڏينهن هئا ۽ هاڻ ڏس منهنجو حال ڇا مان ڇا آهي. مون کي دعا ڪندو ڪر ۽ انهيءَ دوران ئي سنڌ جو ناليوارو هي صوفي راڳي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويو ۽ ڪئين انيڪ يادون ڇڏي اسان کان پردو ڪري هليو ويو. هو ڪراچي جي جناح اسپتال مان مايوسين جون جهوليون ڀري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا پهتو جتي هن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو. جناح اسپتال داخل هجڻ دوران سندس اکيون آخر تائين موسيقي سان محبت جون دعوائون ڪندڙن جي آمد جي آس ۾ کليل رهيون پر ڪو به لڙي نه آيو ۽ هو مايوس ٿي پنهنجي پٽ سان ڳوٺ موٽيو هو.

    سهراب فقير ۱۹۳۴ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ تڏهوڪي مشهور طبلي نواز حمل فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس چاچو مرحوم فقير زوار پير بخش فقير سنگ جا فقير هئا. سهراب فقير ۱۰ کان ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ يڪتارو کڻي باجو وڄائي پنهنجي روح کي هن دؤر ۾ ريجهائڻ شروع ڪيو هو. سڀ کان پهرين ڪلاسيڪل راڳي عاشق علي کان ۽ پوءِ کيتو خان کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ فقير عنايت علي سان به ڪي پل گهاريا سهراب فقير شروعات ۾ ٽالپر وڏا جي درگاهه درمحمد فقير جو طالب بڻيو ۽ اڳتي هلي محرابپور ۾ محفلون مچائڻ لڳو، جتي سندس ملاقات مشهور ڪلاسيڪل راڳي خورشيد علي خان سان ٿي، جنهن جي ساٿ ۾ هن ڇهن سالن تائين طبلو وڄايو ۽ پاڻ منظور علي خان سان به ڪيئن سال وجت ڪندو رهيو. سهراب فقير کي درگاهه درمحمد فقير تي ڳائيندي ڏسي سنڌ جي سرموڙ شاعر تنوير عباسي ٻڌو ۽ کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور جي تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر الاهي بخش بخاري سان ۱۹۸۵ع ۾ ملايو ۽ پهريون ڀيرو پروڊيوسر نصير سومري سندس آواز ۾ خوش خير محمد فقير جي ڪلام پرين الله آڻي رڪارڊ ڪرائي نشر ڪيو. تنهن بعد ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان ڳائي شهرت ماڻي. گهنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ ڪلام پڻ شهرت جو سبب بڻيو. سهراب فقير سچل سائين جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ راڳ رهاڻ ۾ پهريون ڀيرو ڳائي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ان برطانيه، ڪينيڊا سميت دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ محفلون سجائي سر وکيريا. سهراب فقير کي پنهنجي ڳايل ڪلامن ميڏا روح منگدا محبوب آوي گهڻو پسند هو. جڏهن ته غمدل فقير جو ڪلام گليان پريم نگر ديان سندن جي سڃاڻپ بڻجي ويو. پاڻ ۵۰ کان وڌيڪ صوفياڻا ڪلام ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ڪيسٽن ۾ ڳايا جن ۾ سچل سائين جا ڪلام ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“، ”گهنڊ کول ديدار وکائون“ ۽ تنوير عباسي جو ”توسان عشق الستي يار“ ڪرم ٽالپر جو ”عشق اڄ آيو اڱڻ“ تمام گهڻا مشهور ٿيا. سندن کي ننڍي کنڊ جي ڀلوڙ راڳي جو اعزاز حاصل هو. ملڪي سطح تي اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا ۽ ٻه ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان ايڪسيلينس ايوارڊ ان کانسواءِ صدارتي ايوارڊ هن دؤر جي صدر رفيق تارڙ پڻ صدارتي ايوارڊ ڏنو، جڏهن ته ٻيا ڪيترائي سندن کي ايوارڊ مليا ۽ هڪ جرمن عورت سهراب فقير جي صوفياڻي ڪلامن تي موهجي ويئي ۽ هن کي شادي جي آفر ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ گڏ رهڻ جي آڇ ڪئي، پر سهراب فقير کيس چيو ته هو سنڌ کان ڪٿي ٿو پري رهي سگهي. سهراب فقير ٻه شاديون ڪيون جن مان پهرين گهر واري سندن حياتي دوران ئي فوت ٿي جڏهن ته ٻي گهر واري اڃان حيات آهي. هن سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ڇهه نياڻيون، پنج پٽ رجب فقير، نياز احمد، عبدالحميد، اعجاز احمد ۽ سلامت علي ۽ ٻيا ڇڏيا، سندن وڏو پٽ رجب فقير راڳ کان ناتو جوڙيو پيو اچي، جڏهن ته سهراب فقير جي شاگردن مان باقر شاهه سندس ئي انگ ۽ انداز ۾ هن وقت به ڳائيندي نظر ٿو اچي. جڏهن ته سهراب فقير سچل سائين جي ۱۸۸ورسي تي آخري ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي موجودگي ۾ سنگ پيش ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير کيس ڪيش ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ۽ هن کان خصوصي رهاڻ جيڪا سندس آخري رهاڻ هئي سا لوڪ ورثا پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مظهر السلام پاران کيس خصوصي طور مڃتا ڏيڻ لاءِ سکر ۾ شانائتي انداز سان رچائي ويئي، جتي مهمان خاص جي حيثيت ۾ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ٽي لک ۽ لوڪ ورثا پاڪستان پاران ۲ لک روپين جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريڊيو پاڪستان آرٽس ويلفيئر فنڊ مان ۴۰ هزار روپين جي مالي امداد پڻ تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر فخر بلوچ ڪئي، جيڪا رقم مختيار ملڪ سندن ڳوٺ وڃي پهچائي. سهراب فقير جي پذيرائي ۾ ثقافت کاتي جا اڳوڻا ڪامورا حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا پڻ اڳ کان اڳرا نظر آيا. سهراب فقير جي وڇوڙي بعد صوفياڻي ڪلام جو هڪ باب پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. موجوده حڪومت کي صوفياڻي راڳ کي بچائڻ لاءِ ۽ سهراب فقير جهڙي راڳي جي ڪلامن کي زنده رکڻ لاءِ هن سلسلي ۾ فوري ادارا قائم ڪرڻ کپن ۽ صوفياڻو ڪلام ڳائيندڙن جي حوصلا افزائي لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.
    (مهراڻ، خبرون، هلچل، هلال پاڪستان، سُڪار، تعمير سنڌ، عبرت، فيصلو، عوامي فورم، شام سنڌو ڊائجسٽ)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڏڪيا سڀئي ساز رنو راڳ رڙيون ڪري

    سهراب فقير جيتري شهرت، عزت ۽ احترام حاصل ڪرڻ جي خواهش يقيناً هر ڳائڻ واري جي دل ۾ هوندي، پر نه ته هر ڳائڻو سهراب فقير ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جيتري مقبوليت ماڻي سگهي ٿو. سهراب فقير، مڱڻهارن جي سومرا پاڙي سان تعلق رکندڙ هو. هي فقير مختلف ذاتين جا فقير هئڻ ڪري، انهن ذاتين جي نالي پٺيان سڏبا آهن. هي جيئن ته ڀين جا فقير هئا (ڀيا ذات جا)، ان ڪري انهن جي نالي پٺيان ڀائيڪا به سڏبا آهن. سندن وڏا جيلسمير جي علائقي ”کاڏاڙ“ جا رهاڪو هئا. سندس والد حمل فقير بنيادي طور تي سارنگي نواز هو پر صوفياڻا ڪلام به ڳائيندو هو. هي فقير ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ شرناءِ وڄائڻ وارا، جيڪي لنگها سڏجن ۽ ٻيا سارنگي وارا، جيڪي فقير سڏجن. سهراب فقير به سارنگي وارن فقيرن منجهان هو. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ۽ ڪن لکيو به آهي ته سهراب فقير خاصخيلي آهي پر اصل ۾ ايئن نه آهي.

    سهراب فقير شروع شروع ۾ عنايت فقير ”مک رانجهن ماهه منير هويا“واري جي سُنگ ۾ ڳائيندو هو. پوءِ در محمد هيسباڻي (خوش خير محمد وارا فقير) وارن جو طالب ٿيو ۽ اتان ئي رنگجيو. حسبي نسبي طرح سندن وڏا ستن پيڙهين کان ميرپور ماٿيلي اسٽيشن ڀرسان لال سائين جي درگاهه جا مريد هئا. سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي ۽ پيارو انسان شفيع فقير به ان درگاهه سان وابسته هئڻ ڪري سهراب فقير جو جهڙوڪر ذات ڀائي هئڻ سان گڏ پير ڀائي به آهي. ان وقت روهڙي فنڪارن جو مرڪز هو. سو سهراب فقير، عنايت فقير کان پوءِ خورشيد علي خان جو شاگرد ٿيو. هن کيتي فقير ۽ پياري فقير کان به سکيا ورتي. هنن فقيرن کي سُر جي ته هونئن ئي سُتي مليل هوندي آهي، پر جي انهن جي تربيت به ڪنهن ڪامل استاد کان ٿئي ته ”ماڻهو“ سهراب فقير ٿيو پوي. سهراب فقير، طبلي سان گڏ ڍولڪ ۽ سارنگي به سٺي وڄائيندو. هن خانصاحب گلزار علي خان سانگهڙائي سان گڏ به ڪيترن ئي محفلن ۾ طبلي تي سنگت ڪئي.

    ان دوران سندس پهرين گهر واري گذاري وئي. سو هي فقير فنڪار، گهر واريءَ جي وڇوڙي بعد پنهنجي پاڻ کي جهڙوڪر مصروف رکڻ لاءِ ۽ ماضي جي يادگيرين کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ يا ته سير سفر تي هوندو هو يا پوءِ ڪنهن درگاهه تي. ان دوران هن جو برادري ۾ به ڪو خاص اچڻ وڃڻ نه هو. پوءِ جڏهن کين مرشد طرفان شادي ڪرڻ جو حڪم ٿيو ته هن مائٽن جي مرضي سان، سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ٻوٻي (رشيد خان مري) مان پنهنجي ذات ڀائي، جمعي فقير جي گهران 1985ع ۾، پهرين گهر واري جي گذارڻ جي پندرهن ويهن سال بعد شادي ڪئي. (واحد بخش فقير سندس ڀيڻويو ٿئي). جمعي فقير وارا به ڀين جا فقير هئا. هي سانوڻ فقير جي اولاد مان هئڻ ڪري فقرائي ۽ فقير گهراڻي طور مشهور آهن. سانوڻ فقير، سهراب فقير جي سهري جمعي فقير جو پڙ ڏاڏو هو، جنهن جي آخري آرام گاهه اڪڙي پٿوري واري پاسي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن جي ورسي هر سال 15 ذوالحج تي ٻوٻي ۾ ملهائي ويندي آهي. سانوڻ فقير جا سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي ۽ معتقد موجود آهن. چون ٿا ته سانوڻ فقير به کاڏاڙ جي علائقي مان هتي آيو هو. ڪنهن جي آئي ۽ ڪنهن جي وئي، رزق روزي ۾ برڪت پوندي آهي، بخت کُلندو يا ڦِٽندو آهي. سو سهراب فقير جو سانگهڙ مان ٻيءَ شادي ڪرڻ بعد جهڙوڪر بخت کُلي پيو ۽ هو شهرت جي بلندين تائين وڃي پهتو. مٿان وري کيس چند چڱن ماڻهن جو ساٿ ۽ رهنمائي نصيب ٿي ته فقير ملڪ کان وڌيڪ ملڪ کان ٻاهر ٻڌجڻ لڳو. هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري نه صرف پاڻ مڃرايو، بلڪه سنڌ ۽ سنڌ جي صوفي ڳائڻن جو مان به مٿانهون ڪيو.

    راڳداري جي حوالي سان سهراب فقير جي خاص ڳالهه، يڪتاري تي ڳايا ويندڙ ڪلام، هارمونيم تي نيم ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائڻ جو هڪ نئون ۽ ڪامياب تجربو ڪرڻ هو. سندس تجربو ان ڪري به ڪامياب ويو، جو هن جي راڳ جي باقاعدي سکيا ورتل هئي. انهيءَ انداز کي پوءِ جمال الدين فقير، وزير علي شاهه ۽ ٻين به اپنايو پر ان جي باقاعده شروعات سهراب فقير کان ئي ٿي هئي. صوفين فقيرن جي خاص ڳالهه آهي ئي مٿي ڳائڻ. ان حوالي سان سهراب فقير چوٿين اڇي ڪاري تي ڳائيندو هو. بقول برڪت فقير (ٻوٻي)، مٿي ڳائڻ ۾ وڌيڪ موج مستي هجي ٿي. سهراب فقير نه صرف مٿي ڳائيندو هو، بلڪه سچائي سان، وجداني ڪيفيت ۾ به ڳائيندو هو، جنهن جا مثال سندس ڳايل ڪلام آهن. هونئن ته سچل رحه جي ڪافي ”گهنڊ کول ديدار وکا“ ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي پر اها ڪافي جنهن موج مستي جي گهرجائو هئي، ان نموني صرف سهراب فقير ڳائي، ته ڪافي جهڙوڪر سهراب فقير جي ئي سڏجڻ لڳي. فقير ڀيروي ڏاڍي سٺي ڳائيندو هو. ڀيروي ۾ ڳايل غمدل فقير جي ڪافي ”ڳليان پريم نگر ديان“ جو به مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن کي فقير گوين جي ٻولي ۾ ”چري“ ڪري ڳايو. سندس لوڙائو ۾ علي گوهر شاهه ”اصغر سائين“ جي مشهور ڪافي ”رمزان راول منهنجي روح ۾ اڄ ڪي وري لايون نيون“ مستي واري عالم ۾ سندس ڳايل ڪلامن مان هڪ آهي. هو شاعري جي ڊمانڊ مطابق ڳائيندو هو ۽ ان ۾ شفيع فقير، صادق فقير، رفيق فقير ۽ سهڻي فقير وانگر محو ٿي ڳائيندو هو. راڻي ۾ جيئن ته آلاپ وڌيڪ گهرجن ٿا ۽ فقير ۾ اها قابليت وڏي پئماني تي موجود هئي، ان ڪري ئي لطيف سرڪار جي ميلي ۾ محفل موسيقي جي شروعات به اڪثر کانئس راڻي جي آلاپن کان ڪرائي ويندي هئي. هو نه صرف ڳائيندڙ سٺو هو، بلڪه سيکاريندڙ ۽ استاد به ڏاڍو ڀلو هو. اڄ به سندس شاگرد قلندر بخش خاصخيلي، گلبهار، باقر شاهه ۽ غلام حسين فقير ۽ ٻيا پنهنجي استاد جي واٽ ڏاڍو سٺي نموني وٺيو اچن. هيٺ ۽ مٿي ڳائڻ يا سبقت ۽ خرج واري ڳالهه کي اڃان هيئن به سمجهي سگهجي ٿو ته، جيئن ڍول فقير، عبدالغفور، امير حسين ڪلوئي، ڦوٽو زرداري، محمد يوسف، منظور علي خان کان ويندي مهدي حسن تائين اڪثر فنڪار جي گائيڪي پهرين يا ٻئي ڪاري تي ئي آهي. گويا انهن جو رياض به اڪثر ڪري هيٺين ڪاري يا مڌم تي آهي، پر صوفياڻو ڪلام اڪثر مٿي ۽ تيز لئي ۾ ڳائبو آهي. سهراب فقير جو ٻاهرين دنيا ۾ مشهور ٿيڻ جو اهم سبب اهو به هو ته پاڻ مٿي ۽ تيز ڳائيندا هئا. اها ڳالهه به دلچپسي کان خالي ڪونه ٿيندي ته ميڊم نور جهان نه صرف هيٺ ڳايو، بلڪه مٿي به ڳايو ۽ ٻنهي ۾ واهه جو نڀايو. دلچسپ ڳالهه ته اها به آهي ته اڄڪلهه جمال الدين فقير (ٻوٻي - سانگهڙ) سنڌ ۾ سڀ کان مٿي ڳائي ٿو. ايترو مٿي ڳائيندڙ هي سنڌ جو شايد واحد فنڪار هجي. اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته بقول خان صاحب گلزار علي خان جي، جلال چانڊيو به ٻين يڪتاري پوٽن وانگر مٿي ئي ڳائيندو هو، پر جلال کي قدرت طرفان مرڪن ۽ مينڍُن جي ڏات عطا ٿيل هئي، جيڪا ٻين فنڪارن ۾ گهٽ ئي هوندي آهي. استاد گلزار علي جي بقول ته، جلال جو آواز ڀاري پر سهراب فقير جو ڪجهه سنهو هو. سهراب فقير جي آواز ۾ معصوميت، ڪشش ۽ مٺاس موجود هجڻ، آواز جي پچ به ڏاڍي مٿي هجڻ ڪري به هو هڪ منفرد صوفياڻو راڳي هو.

    سهراب فقير خوش مزاج، خوش لباس ۽ سخي مرد هو. هو گهٽ پڙهيل ته ضرور هو پر سچو، انسان دوست ۽ غريبن جو همدرد به هو. هن نه صرف سچائي سان ڳايو ۽ ٻڌندڙن جون دليون کٽيون، بلڪه پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ جي ڪمائي مان غريبن ۽ مسڪينن جو باقاعده حصو رکڻ ڪري غريبن جون دليون به کٽيون، ته انهن جون دعائون به حاصل ڪيون. ان ڪري ئي سندس وڇوڙي تي نسيم بلوچ چيو ته،

    سڏڪي سُنگ سڄو، ۽ پڻ سنڌ سڏي، گوندر منجهه گڏي، رسي ويو هو راڳ کان.
    اڄڪلهه سهراب فقير جي حوالي سان ٿيندڙ تعزيتي ميڙاڪن ۾ جي سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جي سيڪريٽري استاد نظاماڻي پاران ڪرايل پروگرام جو خاڪو ذهن ۾ رکجي ته وقت جي تقاضا مطابق روايت پئجي سگهي ٿي. ان پروگرام جتي نالي وارن دانشورن کان ڳالهرايو ، اتي خالق ٽهلاڻي، پريل عمراڻي، نصيب ملاح، مولا بخش ملاح ۽ رتن ڪمار جهڙن فنڪارن کان فقير جا ڳايل ڪلام ڳارائي، فن جي باريڪين کي، فنڪارن جي زباني واضح ڪرائي، ٻڌندڙن جي تربيت جو بندوبست به ڪيو ويو. اهڙي طرز جي پروگرامن جي هن وقت شديد ضرورت آهي.

    سنڌ جا اڪثر نالي وارا فنڪار جيڪي پنهنجي ڪمائي سدائين نشي پتي ۽ عياشين ۾ اڏائي، بيماري وقت پيا ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي علاج لاءِ التجائون ڪندا آهن، پر زندگي ۾ مجال آهي جو ڪنهن غريب غربي جي ڪا مدد ڪن. انهن کي سهراب فقير جي غريب پرور طبيعت به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ ان کي مليل عزت ۽ احترام به ياد رکي ان جي واٽ تي هلڻ گهرجي ۽ پوءِ ئي کيس مليل مڃتا جهڙي مڃتا جي خواهش ڪرڻ گهرجي. اها سهراب فقير جي شخصيت ئي هئي، جو شاعر کان بيساخته نڪري ويو ته،

    سڏڪيا سڀئي ساز، رنو راڳ رڙيون ڪري
    ته هي امر آواز، ويو وڇوڙي واءَ ۾ (نسيم بلوچ)

    سعيد سنڌي جي بلاگ تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو