سنڌي ست فرض

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بسم الله الرحمن الرحيم
    سنڌي ست فرض
    ست فرض انسان تي لازم لکن ٿا
    جنين ڇڏيو هيڪڙو تنين عذابا
    ڪلمو، حج، زڪوات چوء، روزو نمازا
    ڇھون ڇڏڻ حرام جو، ستون سک امرا،
    امرُ آهي اٺين ڀتين، ساري صحيا؛
    امرُ آڳي ۽ مڙس جو، مائٽ ۽ علماءَ؛
    پنجون امر اُسُتاد جو، ڇهون حُڪاما؛
    ستون امرُ نبي جو، اٺونڪه قلبا.
    قلبُ نالو عقل جو، جنهن ۾ حُب خُدا.
    حُب نـ رکجي ڪنهن ٿوڪ کي،مگر لڳ مولا
    اهڙو عقل جهان ۾،جنهن کي آڳي ڪيو عطاءَ
    ا وآهي صاحب دل جو پاڻ ڀرو پُرسا،
    حرامُ آهي ٻين ڀتين، ڪونهي ٽيو قسما؛
    هيڪ ڏُکوئڻ مخلوق کي، ناحق،ناه روا،
    ٻيو ٿوڪ خبيث ٿيو ،من مڙي جنهن کان،
    اختلافيٿوڪ۾،آهي اِي اصلا.
    تـ منُ جھمُ جو مڙيوُتنهن کي ناهِ روا
    الڪراهتُ ضِد المحبت ؛ نبي ڪلاما
    اِس فتِ قلب ڪ وءِان افتاڪ المنفتون؛ چيو رسوُل خدا.
    ٻين ناه حرام سو، پر ڇڏڻ ثوابا
    منِ اتقي الشبهات فقد ستبرءَ لدينھ؛ سچي حديثا
    جهڙو سهو ڳوھ ثي ، ري وارث نڪاحا
    ڪِ هريو هٿ ڪافر جو، ڪِ ٻِلي اوبارا
    اِي سڀ اختلاف ۾، ڪرهو پرهيزا
    تـ مولا آن سين مهر ڪري ، بخشي اوزارا،
    ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمِو چُونِ مُنهان
    لا اِله ءِالا الله مُحمد رسولُ الله
    صلي الله عليـ وسلم

    مٿيون سٽون مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جي سنڌي تان پڙهندڙن جي دلچسپي لاء چونڊيون ويون آهن
    shal judy hujeen
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ست فرض

    مخدوم شهيد عبدالرحيم گرهوڙي جو هي نصيحت سان ڀريو ليک ونڊ ڪري ادي قاضيءَ صاحب ٿورا ڪيا آهن ۔۔۔ جيتوڻيڪ ڪٿي ڪي جملا ۽ لفظ ڪجهه مونجهارو پئدا ڪنٿا ۔۔۔ ممڪن سائينءَ جن ڪٿي لکڻ ۾ غلطي ڪئي هجي يا وري ڪو ٻيو سبب، پر وري وري پڙهڻ سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ۔۔۔

    دين اسلام جي عين اصولن جي ڳالهه ٿيل آهي ۔۔۔ مهرباني دوست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو