رني ڪوٽ جو قلعو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    رني ڪوٽ جو قلعو ​


    جتي ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن سو ديس مسافر منهنجو ڙي
    (اياز)
    قلعن جو بنياد ـــــــــــ تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا ته قلعن جو بنياد تڏهن کان پيو جڏهن کان دنيا ۾ رياست جو بنياد پيو، ۽ رياستن جا مالڪ اهڙا وڏا وڏا قلعه صرف پنهنجي رياست ، ۽ حڪمراني کي محفوظ رکڻ لاء تعمير ڪرائيندا هئا. ان وقت ۾ نه جديد نموني جنگ لڙي ويندي هئي، نه وري جديد قسم جا آلا هئا. ۽ هميشه چڙهايون ۽ جنگون زميني پيرين پنڌ، گهوڙن تي، يا وري هاٿين جي سهاري ڪيون وينديو هيون.
    تاريخ جي ورقن مان پڻ اهيو معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهرين قلعه يونان ۾ ٺاهيا ويا.

    سنڌ ۾ قلعا ـــــــــــ اهڙا قلعه سنڌ جي تقريبن مختلف شهرن ۾ توهان کي ملندا. مان توهان لاء ڪجهه قلعن جا نالا هت پڻ ڏيان ٿو.( اگر توهان کي موقعو مناسب ملي ته سنڌ جون اهي تاريخي شيون جڳهون ضرور ڏسڻ وڃجو.)

    حيدر آباد جو پڪو قلعو ڪچو قلعو. سيوهڻ جو قلعو، بکر جو قلعو، عمر ڪوٽ حيرپور ميرس وارو قلعو، وغيره وغيره

    ادا رب پاڪ همت طاقت وسعت ۽ موقعه ڏنا ته مان توهان کي سنڌ جي باقي به قلعن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس مگر هت هيئر مان توهان کي سنڌ جي بلڪه دنيا جي وڏي قلعي رني ڪوٽ جي باري ۾ ٻڌائيندس .

    رني ڪوٽ جو هنڌ ـ رني ڪوٽ ضلعي ڄام شوري ۾ سائين جي ايم سيد جي شهر سن کان تقريبن 30 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع آهي.
    تاريخ ــــــــــــــــــ رني ڪوٽ جي تاريخ لاء محققن جون مختلف ڳالهيون ۽ تحقيقات آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي قلعو عرب حڪمران عمران بن موسه برمڪي تعمير ڪرايو ( جيڪو ان وقت سنڌ جو حڪمران هو. ۽ اهيو دور 836
    جو آهي، جڏهن ته سنڌ جي مشهور ۽ وڏي عالم جناب علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رني ڪوٽ لاء هي راء آهي ته ـــــ رني ڪوٽ جي متعلق ٽالپرن جي نواب فيملي وٽ هڪ روايت آهي ته جنهن مان قلعي جي باري ۾ صحيح ۽ صاف اشارا ملن ٿا ته ٽالپرن جي وزير سلطنت نواب ولي محمد خان لغاري نئين رني وٽ قلعي کي ٺهرائڻ جون رٿون تيار ڪيون، ۽ سندس ئي نگراني ۾ قلعي جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. ( حوالو ڪتاب فقير نواب ولي محمد لغاري سماهي مهراڻ سال 1967ع . ) جڏهن ته مسٽراي ڊبليو هيوز پنهنجي مشهور ڪتاب سنڌ گزيٽيئر 1856ع ۾ پنهنجو رايو ڏيندي اهيو خيال ظاهر ڪيو آهي ته هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ٽالپرن تعمير ڪرايو هو هي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته هي قلعو رني ڪوٽ ميرن ان لاء ٺهرايو ته جيئن ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ اسان پنهنجو قيمتي سامان دشمن جي نظر کان محفوظ رکي سگهون.
    ۽ پنهنجو پاڻ کي به محفوظ ڪري سگهون. ( رسالو مهراڻ 1967ع .
    سنڌ جي ٻئي محقق بدر ابڙي صاحب جو چوڻ آهي ته هي قلعو هڪ ٽائيم ۾ نه پر مختلف وقتن ۾ تعمير ٿيندو رهيو آهي. ۽ ڪنهن هڪ ماڻهون ناهي ٺهرايو پر مختلف وقتن ۾ مختلف ماڻهن پئي تعمير ۾ حصو ورتو آهي.
    ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته هي قلعو عربن جي ڪوشش سان تعمير ٿيو. مطلب ته رني ڪوٽ لاء ڪابه مڪمل معلومات ميسر ٿئي ناهي سگهي.

    رني ڪوٽ جو بنياد ــــــ رني ڪوٽ جو بنياد وڏن پٿرن سان رکيو ويو آهي، ۽ اهي پٿر رني ڪوٽ جي آس پاس جي ايريا مان کنيل آهن. پر ان دور ۾ اهي ايڏا وڏا پٿر ڪئين کنيا ويا هوندا ان لاء ڪا پڪي شاهدي يا ڪو پڪو ثبوت ناهي ملي سگهيو، ۽ رني ڪوٽ ۾ استعمال پٿر به مختلف قسم جو آهي ، پر اهو پٿر به هتان ئي کنيو ويو آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته هن قلعي جو ڪم تقريبن 3000 کان 4000 مزدورن ڪيو هوندو. ۽ هن جي تعمير ۾ ڪئين سال لڳا هوندا.

    قلعي جو مک مقصد ـــــ قلعي جو مک مقصد رياست جو دفاع ، سو ان لاء ڏٺو ويو آهي ته هي قلعو ملڪي دفاع لاء بهترين قلعو ۽ پناه گاه آهي . هن قلعي جي مدد سان ملڪ دشمن سان خوب مقابلو ڪري سگهجي پيو ۽ هر قسم جو ملڪي دفاع ڪري سگهجي پيو. هي قلعو صرف رياست جي دفاع لاء تعمير ڪيو ويو ، هن ايريا ۾ ۽ هن قلعي جي آس پاس ڪٿي به شهر جا آثار نه ٿا ملن. هتان صرف دشمن جو مقابلو ڪيو ويندو هو. قلعي جو ڪجهه حصو ته تعمير ڪرايو ويو آهي پر قلعي جي هڪ ڀت قدرتي طور ٺهيل آهي.

    هي قلعو دنيا جي وڏن قلعن مان هڪ آهي. ۽ اها هڪ طرف خوش قسمتي چئبي جو اها تاريخي جڳه سنڌ ۾ آهي. پر سنڌ جي بد قسمتي اها آهي ته هن جا پنهنجا پٽ سنڌ ڄاوا جيڪي صاحب اقتدار آهن مگر سنڌ لاء ڪجهه ڪري ناهن سگهيا.اگر اهيو تاريخي سرمايو ڪنهن قدر ڪرڻ وارن جي ملڪ ۾ هجي هان ته ان تي وڏو ڪم ٿئي چڪو هجي هان.
    رني ڪوٽ اسان جي سنڌ جي تاريخ جي عظمت جي پڻ نشاني آهي.
    رني ڪوٽ وٽ هڪ چشمو پڻ موجود آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.
    رني ڪوٽ وٽان هڪ نئين پڻ وهندي آهي جنهن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. مثلن ـ نئين موهن،نئين سن، نئين رني ڪوٽ. رني ڪوٽ ۾ اندر وري ٻه ننڍا قلعه آهن . جنهن کي ميري ۽ شير ڳڙه سڏيو وڃي ٿو. ۽ انهن جي ڀر ۾ هڪ قديمي قبرستان پڻ آهي. جنهن لاء پڻ اهيو چيو وڃي ٿو ته ان قبرستان کي به سوين وره گذريه آهن.

    رني ڪوٽ ۾ اهي جڳهون مخصوص آهن جتي ان دور ۾ توبون رکي ۽ دشمن کي نشانو بنايو ويندو هو ۽ دشمن کي قلعي کان پري رکيو ويندو هو. رني ڪوٽ ۾ مورچه پڻ وڏي حڪمت سان ٺاهيا ويا آهن، هن قلعي ۾ هڪ جڳهه کان ويهي پوري قلعي اندر فوج جي چر پر ۽ حرڪت کي صحيح نموني سان ڏسي ۽ جاچي سگهجي ٿو،

    رني ڪوٽ جو ذڪر ـــــــ رني ڪوٽ لاء تاريخ جي پراڻن ڪتابن مان ڪا به تفصيلي يا تحقيق ٿيل معلومات نه ٿي ملي. خاص ڪري عربن موءرخ، سياحن ۽ جاگرافيدانن جھن سنڌ ۽ سنڌ جي سفر تهذيب ۽ تاريخ تي پڻ لکيو آهي مگر انهن جي ڪتابن ۾ به رني ڪوٽ جو ذڪر ڪونه ٿو ملي.

    اميد ۽ آسرو آهي ته انشاء الله ڪو سنڌ جو جوڌو جوان ضرور پيدا ٿيندو جيڪو سنڌ جي رني ڪوٽ سميت ٻين قلعن بابت تحقيق ڪري سنڌ جي هن تاريخ کي ايندڙ نسلن تائين پهچائيندو.


    رني ڪوٽ جو ڪجهه تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    رني ڪوٽ جي وڊيو رپورٽ ان انگلش
    http://www.youtube.com/watch?v=1g_g6K4FhhE&feature=related
    رني ڪوٽ جي وڊيو رپورٽس عزيز ساگر جي زباني
    http://www.youtube.com/watch?v=x_n0M5NkGFw&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=0NRJfP71kcM&feature=related

    http://www.youtube.com/watch?v=mKE3yKPbYwc&feature=related

    اسٽڊي ٽوئر اقراء اڪيڊمي دادو جي رني ڪوٽ وڊيو

    http://www.youtube.com/watch?v=oExyuDJeBGw
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رني ڪوٽ جو قلعو

    ادا ممتاز، تمام سٺي تحقيقي رپورٽ آهي، پر افسوس سنڌ جي تاريخ سان هميشه ويساه گهاتيون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهيءَ سستيءَ ڪاهليءَ ۽ تاريخ کي محفوظ نه رکي سگهڻ جو ڏوهه صرف ۽ صرف سنڌين جي ڪلهن تي آهي ۔۔۔ اسانجا ادارا ۽ اسين قومي طور تي ان تاريخ واري مضمون ۾ انتهائي ڪمزور رهيا آهيون ۔۔۔

    معلوماتي ونڊ آهي ۔۔۔ اوهانجا لک لائق ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو