
هوڙ جي سور جا سبب ڇا آهن ۔۔۔؟ اهو ته بهتر طريقي سان حڪيم صاحب ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر هوڙ جي سور جي ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي ۔۔۔ ؟ اهو ته هرڪو ڄاڻي ٿو۔۔۔
مون کي ته اها ڳالهه سوچي ئي الجهن وٺندي آهي ته ڏندن کي صاف ڪرائڻ يا چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ڊيٽيسٽ کي وات ڦاڙي، هڪ وڏي سائيز جي ڪرسي تي ويهي يا ته پنهنجي يا وري ڊاڪٽر جي وات جي بوءِ پکيڙجي۔۔۔ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هوڙ جي انتهائي تڪليف ڏيندڙ سور جو آخري حل ۔۔۔۔ بس هوڙ ڪڍرائي ڇڏڻ آهي۔۔
پر اهڙي تڪليف کي منهن ڏيندڙن جي لاءِ هڪ سٺي خبر اها آهي ته بريسلر گروپ جي ڊاڪٽر سٽيون جي گولبرگ DentalVibe نالي هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جيڪا هوڙ جي سور کي ترت ختم ڪريو ڇڏي۔۔۔

هي مشين وائبريشن وانگر ڪم ڪندي وات جي رڳن جي ذريعي دماغ تائين سگنل پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔۔۔ دماغ وائبريشن کي محسوس ڪندي سگنل وصول ڪندو آهي ۽ مشين جي خاص انداز جي وائبريشن دماغ مان تڪليف پيدا ڪندڙ محسوسات کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي۔۔
ان ڪري ڪنهن ڊينٽسٽ تائين ان مشين جي خبر پهچڻ کان اڳ ئي توهان کي ٻڌائڻ ضروري سمجهيم ۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ته اهڙي مشين حاصل ڪري خود به وڏا ڊينٽسٽ بڻجي سگهو ٿا۔۔۔