۽ هاڻي هوڙ جي سور جو ترت خاتمو ممڪن آهي۔۔۔

'صحت سرير جي' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هوڙ جي سور جا سبب ڇا آهن ۔۔۔؟ اهو ته بهتر طريقي سان حڪيم صاحب ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر هوڙ جي سور جي ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي ۔۔۔ ؟ اهو ته هرڪو ڄاڻي ٿو۔۔۔

    مون کي ته اها ڳالهه سوچي ئي الجهن وٺندي آهي ته ڏندن کي صاف ڪرائڻ يا چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪنهن ڊيٽيسٽ کي وات ڦاڙي، هڪ وڏي سائيز جي ڪرسي تي ويهي يا ته پنهنجي يا وري ڊاڪٽر جي وات جي بوءِ پکيڙجي۔۔۔ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته هوڙ جي انتهائي تڪليف ڏيندڙ سور جو آخري حل ۔۔۔۔ بس هوڙ ڪڍرائي ڇڏڻ آهي۔۔
    پر اهڙي تڪليف کي منهن ڏيندڙن جي لاءِ هڪ سٺي خبر اها آهي ته بريسلر گروپ جي ڊاڪٽر سٽيون جي گولبرگ DentalVibe نالي هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جيڪا هوڙ جي سور کي ترت ختم ڪريو ڇڏي۔۔۔

    [​IMG]

    هي مشين وائبريشن وانگر ڪم ڪندي وات جي رڳن جي ذريعي دماغ تائين سگنل پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي۔۔۔ دماغ وائبريشن کي محسوس ڪندي سگنل وصول ڪندو آهي ۽ مشين جي خاص انداز جي وائبريشن دماغ مان تڪليف پيدا ڪندڙ محسوسات کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي۔۔
    ان ڪري ڪنهن ڊينٽسٽ تائين ان مشين جي خبر پهچڻ کان اڳ ئي توهان کي ٻڌائڻ ضروري سمجهيم ۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ته اهڙي مشين حاصل ڪري خود به وڏا ڊينٽسٽ بڻجي سگهو ٿا۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ۽ هاڻي هوڙ جي سور جو ترت خاتمو ممڪن آهي۔۔۔

    پر سائين مشين ڪيتري جي هوندي اهو ته اوهان ٻڌايو ته ڪو دوست وٺڻ لاء به دل ٻڌي ورنه بس واه واه تي ئي گذارو ڪجي۔
     
  3. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ۽ هاڻي هوڙ جي سور جو ترت خاتمو ممڪن آهي۔۔۔

    ادا رشيد هوڙ جي سور جي اهم معلومات اوهان ڏني انهيءَڪري اوهان مبارڪ جا مستحق آهيو۔سور جا سبب ڪهڙا آهن ان لاءِ ڪا به يقيني ڳالهه نه آهي بس جيڪڏهن سور آهي عام علاج سان نٿو وڃي ته انبوري کان پهرين ڪنهن ڏندن جي ماهر سان مشورو ضروري آهي نه ته ڏانٺ ڪڍائڻ کان سواءِ ڪو چارو نه آهي ۔لنڊي بلا وانگر هي سور به بي پيرو آهي ان ڪري علاج قبول نه ڪندو آهي ۔بس عارضي فائدو ٿيندو آهي باقي خير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو