شعيب محمد
سينيئر رڪن
ڪافي ڏينهن کان پنهنجي دوستن جي چهرن تي مون مرڪ ڪو نه ڏٺي آهي اڄ ارادو ڪيو اٿم ته توهان سڀني دوستن سان هڪ مزيدار واقعو پڻ شيئر ڪريان هي واقعو گورمنٽ ڊگري ڪاليج سکر جو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن پهريان سائين حسن ڦلپوٽو صاحب اتان جا پرنسپال هئا تڏهن جو۔ سائين حسن صاحب جيئن گورمنٽ ڊگري ڪاليج سکر جا پرنسپال ٿيا تڏهن ٻين شڪايتن ۽ مسئلن سان گڏوگڏ جيڪا اهم شڪايت انهن تائين پهتي اها هيء هئي ته مسجد جو پيش امام يعني ملو ڪاليج جي مسجد ۾ فجر جي نماز ڪو نه ٿو پڙهائي پهريان ته سائين جن تمام سهڻي نموني سان مولوي کي گهرائي هدايت ڪئي ته ٻيلي ايئن نه ڪر بابا آئينده نماز وقت تي پڙهائيندو ڪر پر مجال آهي جو ملو گهوٻي هڻن کان مڙي ٻه يا ٽي ڏينهن نماز پڙهائي وري ڀڄي وڃي سائين پرنسپال صاحب اگر نوٽس وٺي ته نت نوان بهانا اچي پيش ڪري ته سائيم مان اڄ هتي ڪو نه هئس سائين منهنجي فلاڻي مجبوري ٻيهر نماز پڙهائيندس آخر تنگ ٿي ڪري پرنسپال صاحب به ارادو ڪري ورتو ته هاڻي ملان سان تاريخي جٺ ڪرڻي آهي جو وري اهڙيو حرڪتون نه ڪري آخر هڪ ڏينهن پرنسپال صاحب به صبح جو سوير چهري تي ٻٽ ٻڌي ڪري موٽر سائيڪل تي ڪاليج واري مسجد ڏانهن نماز ادا ڪرڻ نڪري پيو نماز ادا ڪيائين مسجد ۾
حسب معمول مولوي نماز پڙهائڻ ڪو نه آيو آخر ڪنهن ٻئي دوست نماز پڙهائي پرنسپال صاحب به نماز ادا ڪري مسجد کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪاليج جي چوڪيدار جيڪو ٻٽ ٻڌل هئڻ جي ڪري پرنسپال صاحب کي ڪو نه پيو سڃاڻي ان کان مولوي جي لاء پڇا ڪيائين ته مولوي ڪٿي آهي مولوي صاحب به اتفاق سان ڪاليج جي ڀر ۾ ئي رهندو هو
پهريان ته چوڪيدار لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوء ڪم پڇا ڪيائين ته سائين توهان جو ڀلا مولوي ۾ ڪهڙو ڪم آهي ان تي پرنسپال صاحب جواب ڏنس ته يار مون کي مولوي کان تعويز لکرائڻو آهي اهو ٻڌي چوڪيدار کي اچي لالچ ورايو هڪ دم پرنسپال صاحب جي موٽر سائيڪل تي چڙهي ويهي رهيو ته سائين هلو ته مان ٿو اوهان کي مولوي جو گهر ڏيکاريان وڃي بنهي ڄڻم مولوي جي گهر تي اچي دنگ ڪيو چوڪيدار هڪ دم وڃي مولويء جو در کڙڪايو مولوي اندران رڙ ڪئي اڙي ڪهڙو آهين
چوڪيدار:آهستي ڳالهائيندي اڙي ڪهڙو وري ڪهڙو آهيان ڪڪڙ هٿ ڪيو ٿو مانئن ڪڪڙ اڌ پيسا مون کي ضرور ڏجائن تعويز جو گراهڪ آندو ٿو مانئن۔
اهو ٻڏي مولوي وڏو ٽپو ڏنو هڪ دم گهر کان ٻاهر ڀڳو آيو اچڻ شرط ٻٽ ٻڌل همراه سان مليو ۽ پڇا ڪيائينس ته سائين اوهان جو ڪهڙو مسئلو آهي
پرنسپال :سائين مسئلو هي آهي ته اسان جو مولوي فجر جي نماز ڪو نه ٿو پڙهائي ڪو اهڙو تعويز ڏيو جو مولوي نماز پڙهائي اهو چوندي پرنسپال ٻٽ کولي ڇڏي مولوي ويچارو ته ڏسي صفا وائڙو ٿي ويو ڪجهه دير تائين ته وات ئي پٽجي ويس آواز ئي ويچاري جو بند ٿي ويو چوڪيدار به کڻي منهن هيٺ ڪيو آخر مولوي کڻي پرنسپال صاحب کي ٻانهون ٻڌيون ڏاڍيون معافيون وٺي ڪري عرض ڪيائين ته سائين آئينده اهڙي غلطي ڪو نه ٿيندي پرنسپال صاحب به هو رحمدل تنهن مولوي کي کڻي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چيائينس ته يار اهڙو اگر ڪو تعويز اٿئي جو پابندي سان نماز پڙهائين ته اهو پائي ڇڏ پر هاڻي مون کي مجبور نه ڪجائن اهو چوندي پرنسپال صاحب اتان هليو ويو پر اهو ڏينهن اهو شينهن مولوي وري اهڙي غلطي ٻيهر ڪو نه ڪئي ۽ هاڻي پابنديء سان نماز پڙهائيندو آهي ۽ پرنسپال صاحب جي به جند ڇٽي