نيٺ ملو سڌريو

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    ڪافي ڏينهن کان پنهنجي دوستن جي چهرن تي مون مرڪ ڪو نه ڏٺي آهي اڄ ارادو ڪيو اٿم ته توهان سڀني دوستن سان هڪ مزيدار واقعو پڻ شيئر ڪريان هي واقعو گورمنٽ ڊگري ڪاليج سکر جو آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن پهريان سائين حسن ڦلپوٽو صاحب اتان جا پرنسپال هئا تڏهن جو۔ سائين حسن صاحب جيئن گورمنٽ ڊگري ڪاليج سکر جا پرنسپال ٿيا تڏهن ٻين شڪايتن ۽ مسئلن سان گڏوگڏ جيڪا اهم شڪايت انهن تائين پهتي اها هيء هئي ته مسجد جو پيش امام يعني ملو ڪاليج جي مسجد ۾ فجر جي نماز ڪو نه ٿو پڙهائي پهريان ته سائين جن تمام سهڻي نموني سان مولوي کي گهرائي هدايت ڪئي ته ٻيلي ايئن نه ڪر بابا آئينده نماز وقت تي پڙهائيندو ڪر پر مجال آهي جو ملو گهوٻي هڻن کان مڙي ٻه يا ٽي ڏينهن نماز پڙهائي وري ڀڄي وڃي سائين پرنسپال صاحب اگر نوٽس وٺي ته نت نوان بهانا اچي پيش ڪري ته سائيم مان اڄ هتي ڪو نه هئس سائين منهنجي فلاڻي مجبوري ٻيهر نماز پڙهائيندس آخر تنگ ٿي ڪري پرنسپال صاحب به ارادو ڪري ورتو ته هاڻي ملان سان تاريخي جٺ ڪرڻي آهي جو وري اهڙيو حرڪتون نه ڪري آخر هڪ ڏينهن پرنسپال صاحب به صبح جو سوير چهري تي ٻٽ ٻڌي ڪري موٽر سائيڪل تي ڪاليج واري مسجد ڏانهن نماز ادا ڪرڻ نڪري پيو نماز ادا ڪيائين مسجد ۾
    حسب معمول مولوي نماز پڙهائڻ ڪو نه آيو آخر ڪنهن ٻئي دوست نماز پڙهائي پرنسپال صاحب به نماز ادا ڪري مسجد کان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪاليج جي چوڪيدار جيڪو ٻٽ ٻڌل هئڻ جي ڪري پرنسپال صاحب کي ڪو نه پيو سڃاڻي ان کان مولوي جي لاء پڇا ڪيائين ته مولوي ڪٿي آهي مولوي صاحب به اتفاق سان ڪاليج جي ڀر ۾ ئي رهندو هو
    پهريان ته چوڪيدار لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوء ڪم پڇا ڪيائين ته سائين توهان جو ڀلا مولوي ۾ ڪهڙو ڪم آهي ان تي پرنسپال صاحب جواب ڏنس ته يار مون کي مولوي کان تعويز لکرائڻو آهي اهو ٻڌي چوڪيدار کي اچي لالچ ورايو هڪ دم پرنسپال صاحب جي موٽر سائيڪل تي چڙهي ويهي رهيو ته سائين هلو ته مان ٿو اوهان کي مولوي جو گهر ڏيکاريان وڃي بنهي ڄڻم مولوي جي گهر تي اچي دنگ ڪيو چوڪيدار هڪ دم وڃي مولويء جو در کڙڪايو مولوي اندران رڙ ڪئي اڙي ڪهڙو آهين
    چوڪيدار:آهستي ڳالهائيندي اڙي ڪهڙو وري ڪهڙو آهيان ڪڪڙ هٿ ڪيو ٿو مانئن ڪڪڙ اڌ پيسا مون کي ضرور ڏجائن تعويز جو گراهڪ آندو ٿو مانئن۔
    اهو ٻڏي مولوي وڏو ٽپو ڏنو هڪ دم گهر کان ٻاهر ڀڳو آيو اچڻ شرط ٻٽ ٻڌل همراه سان مليو ۽ پڇا ڪيائينس ته سائين اوهان جو ڪهڙو مسئلو آهي

    پرنسپال :سائين مسئلو هي آهي ته اسان جو مولوي فجر جي نماز ڪو نه ٿو پڙهائي ڪو اهڙو تعويز ڏيو جو مولوي نماز پڙهائي اهو چوندي پرنسپال ٻٽ کولي ڇڏي مولوي ويچارو ته ڏسي صفا وائڙو ٿي ويو ڪجهه دير تائين ته وات ئي پٽجي ويس آواز ئي ويچاري جو بند ٿي ويو چوڪيدار به کڻي منهن هيٺ ڪيو آخر مولوي کڻي پرنسپال صاحب کي ٻانهون ٻڌيون ڏاڍيون معافيون وٺي ڪري عرض ڪيائين ته سائين آئينده اهڙي غلطي ڪو نه ٿيندي پرنسپال صاحب به هو رحمدل تنهن مولوي کي کڻي معاف ڪري ڇڏيو ۽ چيائينس ته يار اهڙو اگر ڪو تعويز اٿئي جو پابندي سان نماز پڙهائين ته اهو پائي ڇڏ پر هاڻي مون کي مجبور نه ڪجائن اهو چوندي پرنسپال صاحب اتان هليو ويو پر اهو ڏينهن اهو شينهن مولوي وري اهڙي غلطي ٻيهر ڪو نه ڪئي ۽ هاڻي پابنديء سان نماز پڙهائيندو آهي ۽ پرنسپال صاحب جي به جند ڇٽي
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪاش اهڙا پرنسپال هر هنڌ موجود هجن ۽ اهڙن ملن مان جان ڇٽي ۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ها ها ها ها ها ها ها۔۔۔۔۔:p:D
    هي واقعو پڙهڻ کانپو گهڻو وقت اڳ ڪنهن دوست جي چيل هڪ ڳالهه ياد اچي وئي آهي۔۔
    مولوي اگر مسلمان هو جائي تو بَڙي بات هي۔۔۔۔۔;)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا اهڙن مولين ۽ پيرن جا پيٽ ته ڪا دوزخ جي باهه ئي ڀري۔ باقي ڀرجهڻ جو ڪونهي۔ ادا اهڙا مولوي ڪوڙا تعويز لکي ڪري عام سادن ماڻهن ( وهم وسوسن ۾ ڦاٿل ) کي پيا ڦريندا آهن۔۽ پنهنجو دڪان پيا چمڪائيندا آهن۔ الله اهڙن ملن کان شل اسان جي مسلمانن کي بچائي۔ آمين
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    خدا وندا ڪهان جائين تيري يه ساده دل بندي
    يهان تو شاهي ڀي عياري تو درويشي ڀي عياري
    اقبال
    ترڪِ دنيا ۾ نهين مشقِ زيارت ۾ نهين هي
    ڪثرتِ علم ۾ نهين هي توفيَ بثارت ۾ نهين هي
    دل ڪي ڪيفيت خاص هي اڪ تقوى
    طرزِ پوشش ۾ نهين هي شڪل و شباهت ۾ نهين هي
    اقبال
    جڏهن ته لفظ مُلا برو ناهي پر ان جي آڙ ۾ اهڙا ڪردار ٿي رهيا آهن جو هن لفظ جي دراصل حقيقت وڃائجي وئي آهي۔

    لباسِ خزر ۾ ڦرتي هين هزارون رهزن
    جهان ۾ جينا هي اگر تو پهچان پيدا ڪر
    اقبال​
    وسلام​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    *****************

    [توهان کي اڳ به تنبيهه ڪئي وئي آهي، بهتر آهي پنهنجي سوچ کي مثبت رکو۔ انتظاميه]
     
  7. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ياار جمالي صاحب هر ڳالهه کي اختلافي رخ ۾ کڻي وڃڻ لازمي آهي ڇا؟
     
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    سهڻا او منهنجا من مُهڻا او منهنجا ملڪاڻي صاحب الله سائين اوهانکي خوش رکي، ڪنهن به اڱڻ تي دوست ڪٺي ٿيندا آهن گڏجڻ لاءِ نه ڪ اختلاف پيدا ڪري ٽٽڻ لاءِ۔
    ڀٽ ڌڻي چواڻي
    هلو هلوڪورئين پاس نازڪ جنين جو نيهن
    ڳنڍن سارو ڏينهن ڇنڻ مُور نه سکيا
    يقين ڪريو ته هن اڱڻ تي اچي ڪري ايئن محسوس ڪندو آهيان ڄڻ سنڌڙي جي ڪنهن ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ هجان، نه ته هت سڄو ڏينهن اڪائونٽس جهڙو خشڪ دفتر ۾ خواري ڪرڻ کانپوءِ پٺاڻن سان خشڪي ۾ جا حالت پئي ٿئي الله سائين جي ڪاڳرن ۾ لکيل آهي، ۽ هن اڱڻ تي وري دوست ويتر پاڻي کان نڪري ٿا وڃن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هي تنبيهـ ڇا جي آ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  10. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    very funny I like that thank you
     
  11. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    پسند ڪرڻ جي لاء سڀني دوستن جي وڏي مهرباني
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    يقينن اوهان ڪجھ اهڙي ڳالھ ڪئي هوندي جنهن ۾ دين سان مذاق هوندو۔۔۔ جيڪا اوهان لا ڪا نئي ڳالھ نه آهي سائين۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    جنهن ۾ دين سان مذاق هوندو۔۔۔ جيڪا اوهان لا ڪا نئي ڳالھ نه آه
    اهڙن لفظن لکڻ تي اوهان کي ******اچڻ گهرجي۔
    يزيد تي ڪالهـ به لعنت هئي اڄ به لعنت اٿس سڀاڻي به رهندس۔
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واذا خاطبهم الجاهلون قالوا سلاما
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انتهائي حيرت ۽ افسوس جو مقام آ۔۔۔ محبتون ورهائيندڙ جو اعلان ڪندڙ هن فورم تي بحثن دوران رڪن هڪ ٻئي کي اهڙا لفظ به ادا ڪندا۔۔ ڪڏهن سوچيو به نه هو۔۔۔
    سنڌ سلامت تي اڄ تائين ڪنهن به رڪن کي بين ڪرڻ وقت هڪ دفعو نه پر 10 دفعا سوچيو ويندو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ان ڳالهه تائين نوبت ڪڏهن نه پهتي۔۔۔ پر اڄ دل ڪافي ڏکاري ٿي۔۔۔
    ادا رضوان علي جمالي صاحب جيڪڏهن توهان کي انتظاميه طرفان ڪنهن ڳالهه تي تنبيه ڪئي وئي آ ته بهتر هو ته توهان خود هاڪاري سوچ سان سمجهو ها۔۔۔ جي تنبيه تي به اعتراض هجي ته ڪنهن به انتظامي رڪن سان ذاتي ڪچهري کولي اپيل ڪري سگهو پيا۔۔۔ پر جيڪو طريقو توهان رکيو اهو ڇيڻو ڀورڻ مثل هو۔۔۔
    جيئن ته توهان کي اڳ ئي ٻه دفعا تنبيهون ٿي چڪيو آهن پر توهان پنهنجي سوچ کي مثبت رکڻ بجاءِ رڪنن کي سڌو غلط طريقي سان مخاطب ڪندي پنهنجي سوچ جي ليول جو انتهائي ناپسنديده اظهار ڪيو۔۔۔
    توهان جي اهڙي حرڪت تي توهان لاءِ سنڌ سلامت فورم 7 ڏينهن لاءِ وزني بڻايو پيو وڃي۔۔۔ جيڪڏهن توهان پنهنجي لفظن کي لکڻ ۾ وڌيڪ احتياط کان ڪم نه ورتو ته انتظاميه ان کان به سخت قدم کڻڻ تي حق بجانب هوندي۔۔۔

    موضوع جي ليکڪ سان معزرت ڪندي هن موضوع کي وڌيڪ جواب موڪلڻ کان روڪيندي تالو لڳائجي ٿو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو