Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفان سورهه بادشاه پير صبغت الله شاه راشديءَ کي سندس شهادت تي ڀيٽا.
مقالو, تحرير ۽ تحقيق ڪندڙ؛ عبدالرزاق ميمڻ (نيو سعيد آباد)
19 عيسويءَ ۾ انگريزن جي سامراجي حُڪومت خلاف ۽ اڪيلي سر، هڪ طاغوني طاقت سان مُقابلي جي ميدان تي دانائيءَ ۽ دليريءَ سان، انگريزن جو جاسوسي نظام ۽ مُخالفانا منصوبه ناڪام ڪندڙ سوره بادشاه جي ورسي 20 مارچ 2010ع تي ڀيٽا ڏجي ٿي.
سنڌي ميديا ساليوُوڊ جي هن پليٽ فارم تان دُنيا جي عظيم ۽ انقلابي اڳوان، آزاديءَ جي مُجاهد حضرت پير صبعت الله شاه راشدي صاحب عُرف “پير پاڳارو ڇهون” جي باري ۾ پهريون ڀيرو لکن مُهنجي لاءِ هڪ وڏي سعادت آهي، جيڪا شايد ڪن ڀاڳ وارن جي نصيب ۾ ئي ايندي هُجي. ان سلسلي ۾ مونکي شُڪر گُذار رهڻ گھُرجي فقير خان مُحمد صاحب جن جو، جن منهنجي رهبري ڪري اُهي نُقطا نروار ڪيا جيڪي شايد مونکان نه ته اوجهل رهجي وڃن ها.
جيئن ته مان سنڌ جي مڙني سپوتن سان صُحبت ۽ مُحبت جو قائل آهيان اُن ڪري اهو مُهنجن فرضن ۾ به شامل اهي ته اهڙن سنڌي سپوتن جي قربانين، تاريخي جدوجهدن کي، اڄ جي نوجوان نسل لاِءِ پڻ نروار ڪريان جيڪي، في الوقت دنياوي ترقين جي حُصول ۾ ايترو اڳتي پيا وڌن جو پوئتي نهارڻ به سندن لاءِ تباهيءَ جو سبب نه بڻجي، ۽ پُٺتي ڪاريءِ وارا ڪک نه بچن.
اڄ مان اُنهن حقيقتن کي سمجھڻ کان پاڻ کي قاصر تصور پيون ڪريان ته الائي ڇو 1942ع ۾ جيڪو حُر ايڪٽ سنڌ ايمبليءِ ۾ پاس ٿيو هو، اُن ۾ آخر ڇو؟ حُرن کي سازش تحت بغاوت ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ظاهر آهي ته اُهو اهو فقط حُرن تي نه پر هڪ پوري غيور سنڌي قوم جي جدوجهد تي حملو هو، ۽ ڪابه غيور قوم، جن جي ماڳن ۽ مڪانن تي ڌاريون قومون يلغار ڪري قبضو ڪن، (جيئن اڄ به ساڳي حالت اچي وئي آهي) ۽ پوءِ اُنهن معصوم ۽ اٻوجھن کي هيسائي، ڌمڪائي، سندن ڪلچر، تهذيب، ٻوليءَ، ۽ عقيدن سان چُراند ڪن ته ڇا اهڙي قوم تي پنهنجي بقاءَ لاءِ جهاد فرض نٿو ٿي وڃي؟
اهڙي طرح اڄ به آئون سمجھان ٿو “حُر تحريڪ” به هڪ قسم جو جهاد هو ۽ سامراج کان آزادي وٺڻ جي تحريڪ هُئي. اسان کي خبر آهي ته دُنيا ۾ جتي به آزاديءَ جون تحريڪون هلن ٿيون، اُنهن تحريڪن کي ڪچلڻ لاءِ سامراجَ مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن جو انتخاب به ڪن ٿا جيئن اهڙن تحريڪن کي پنهنجن گھرن ۾ ئي ڪُچليو وڃي. مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا غدار ماڻهون رُڳو بنگال ۽ دکڻ ۾ ڪون پئدا ٿيندا آهن، اهڙن جو وُجود اسان جي هن سنڌ ڌرتيِ ته به يقينن هوندو ۽ اهڙا ڪردار وقت سان اڳتي به هلندا رهندا آهن ۽ قومون اهڙن ڪردارن کي شڪست ڏيڻ لاِ به جدو جهد ۾ هونديون آهن.
صاف ظاهر آهي اهڙن مير جعفرن ۽ مير صادقن انگريز سرڪار سان ملي به ممڻ ته مچايو هُوندو نه ۽ پوءِ قدرت به اهڙن غدارن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سورهين کي ضرور ميدان تي نروار ڪندي آهي ۽ اُن وقت جنهن اهڙي سورهه کي نروار ڪيو اُهو هو ”حضرت پير صُبغت الله شاه راشدي“. مونکي لکڻ ڇيو ته اڄ پاڪستان سميت ايشيا جا جيڪي به مُلڪ آزاد آهن، اُهي سورهه بادشاه جي انقلابي تحريڪن جي سبب ئي آهن. سندن قول هو ته “ انسان هن ڌرتيءَ تي آزاد پئدا ٿيو آهي ۽ آزاديءَ سان رهڻ اُن جو ايترو ئي حق آهي، جيترو جسم ۾ دماغ، ۽ دماغ ۾ هوش جو ۽ اوترو ئي جيترو ففڙن ۾ ساه سڳوري جو” تڏنهن ته ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته سورهه بادشاه نه صرف سنڌ پر ايشيا جو به هڪ وڏو انقلابي ليڊر هو ۽ هو آزاديءَ جي تحريڪن جو هيرو به هو، جيڪڏنهن حُر تحريڪ نه هُجي ها ته انگريز سامراج به نه وڃي ها ۽ شايد پاڪستان به آزاد نه ٿئي ها.
حُر تحريڪ هڪ اهڙي نرالي جنگ هُئي جنهن ۾ مردن سان گڏ، ٻارڙن ۽ عورتن به ڀرپور حصو ورتو هو ، هزارين حُرن کي ڦاهي چاڙهيو ويو، لکين حُرَ لوڙهن ۾ بند ڪيا ويا، مُهنجي مرحوم ناني آمنت، جيڪا هڪ پڪي حُرياڻي هُئي، جنهن شايد پنهنجو جنم هاڻوڪي پير پاڳاري صاحب جي قدمن ۾ سندن اولاد جي ڄم کان وڌيڪ جوان ٿيڻ تي فنا ڪيو هو، فرمائيند هُئي ته ”حُر عورتون، ان جنگ ۾ ڪڏنهن به پنهنجن ورن، ڀائُرن يا پيءُ وغيره جي وفات يا شهادت تي ماتم نه ڪيو ۽ نه ئي پارَ ڪڍنديون هُيون ياپِٽ پَاراتا ڏينديو هُيون“ پر يڪ زبان ٿي هڪ ئي نعرو هڻنديون هُيون “ڀيڄ پاڳارا” . چوندي هُئي ته جڏنهن حُر تحريڪ عُروج تي هُئي ته ، حُر عورتون مردن سان گڏ جنگ جي محاذ تي وڙهنديون هُيون، هنن حُر گوريلن کي مانيون پچائي کارايون، لوڙهن ۾ بند ٿيون ته به انگريزن خلاف گوريلن تائين پيغام پُهچايا ۽ انگريز لشڪر ڱي راه ڀُلائي ڀٽڪائي ڀٽڪائي ماريو.
ڇا توهان سمجھوٿا ته سنڌ جي عورت جو اهو ڪردار ختم ٿي چُڪو آهي؟ جي نه! اهو ڪردار، سنڌياڻي ۽ ٻي تحريڪن جي شڪل ۾ اڄ به جاري آهي ۽ اوستائين جاري رهندو، جيسين اٻوجھه ۽ معصوم سنڌين کي سندن حق نٿا ملن. توهان کي ان عورتن کي ڪارو ڪري مارڻو ناهي، توهان کي ته عورتن ۽ نياڻين جي مدد جي ضرورت آهي ۽ اُها ضرورت آهي پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ، اڄ جي نياڻي سُڀاڻ جي امان تڏنهن ته سنڌي جوڌا ڄڻينديون؟
تاريخ گواه آهي ته فتح آخر حق جي ٿئي ٿي ۽ باطل عارضي آهي ۽ مٽجي وڃي ٿو، انگريزن جي قانوني نظام تي اهو داغ هميشه رهندو ته سورهه بادشاه هُن سان جنگ جوٽڻ ۾ ڪابه ڪمي نه ڇڏي هُئي ۽ ڪنهن به جنگ ۾ اڳواڻ سپهه سالار جي ڪاميابي به اُها سڏبي ته سندس جوڌا ڏنل حُڪمن تحت وڙهندا رهن ۽ ڪنهن به نتيجي جي پرواه نه ڪن ۽ اهوئي ٿيو جو سورهه بادشاه جي شهادت کان پوءِ به سندس فقيرن ۽ بهادرن جا ٽولا وڙهندا رهيا ۽ اُن وقت جو سامراجي دئور به پُڄاڻيءَ تي وڃي پُهتو.
راشدي، رُشد و هدايت يافته خاندان جون علمي، ادبي سماجي ۽ روحاني خدمتون غالم آشڪار آهن. پير سائين صبغت الله شاه وطن جي آزاديءَ لاءِ ڦُوه جوانيءَ ۾ شهادت جو جام نوش ڪري ، پنهنجي نعري“ وطن(سنڌ) يا ڪفن (شهادت) ” کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ حُر فقيرن به صداقت ۽ سچائيءَ جو ثُبوت ڏنو. سنڌ جي تاريخن جا ورق اُٿلائبا ته حُر تحريڪ جهڙي ٻي ڪا تحريڪ نظر نٿي اچي، سورهه بادشاه جي شهادت جي ڏهاڙي کي رُڳو حُر جماعت ئي ڇو ملهائي، اسين ڇو نه؟ هن تحريڪ کي ملهائڻ سان اتفاق ۽ اتحاد جون نيون راهون کُلن ٿيون، بهادريءَ ۽ سچائيءَ سان اڳتي وڌڻ جو حوصلو پئدا ٿئي ٿو. زنده قومون هميشه پنهنجن مُحسنن کي ياد رکنديون آهن، ماضيءَ م سورهه بادشاه ۽ حُرن جي قربانين کي جيتري قدر لڪايو ۽ دٻايو ويو آهي، جن تي لکي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسين علم و ادب دوستن ۽ تاريخ جي طالبن کي اپيل ڪنداسون ته پنهنجي وس آهر، انهن سنڌي سٻاجھڙن کي ڀيٽا ڏني وڃي، مضمون لکي، ٽي وي چينلن جي پروگرامن ۾ به انهن ڪارنامن کي اُجاگر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جو ٻچو ٻچو ۽ نوجوان نسل واقف ٿئي ۽ سندن تاريخي فرض به پورو ٿئي.
ڦاهي چاڙهيو ڙي ڀلي ڦاهي چاڙهيو، مُهنجي سنڌ جا دُشمن ڀلي ڦاهي چاڙهيو