[FLASH="width = 837 height = 350"]http://www.notcelebrity.co.uk/flashcontent/flashHeader.swf?thename=Sindh Salamat[/FLASH]
سنڌ سلامت جا سڄڻو۔۔۔
اهو ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته 15 اپريل 2009 تي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سجايل هن سائيبر اوطاق کي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي ان دوران سنڌ سلامت تي ايندڙ لا تعداد ڏکيائون۔۔ مونجهارا ۔۔۔ مسئلا ۽ پريشانيون آيون پر اهو توهان ساٿين جو ساٿ، همت ۽ بهترين سهڪار ئي هيو جنهن سان ڪا به رڪاوٽ سنڌ سلامت کي پنهنجي سفر کان روڪي نه سگهي ۔۔۔
سفر جاري آهي ۽ جاري رهندو۔۔۔ ان دوران سنڌ سلامت فورم ڪافي مشڪلاتن کان به گذريو۔۔۔۔ ڪافي دوست آيا ۽ وري پنهنجين مجبورين جي ڪري ساٿ ڇڏي به ويا۔۔۔ ڪي دوست ته ناراض ٿي ويا ۽ منٿ ۽ معزرت کي به نظر انداز ڪري ويا وري واپس نه آيا۔۔۔۔ ڪو وقت اهڙو به آيو جو خوبصورت خواب وارو سپنو هٿن مان ٿي ويو۔۔۔ فورم پنهنجو مختصر سفر ڪري بند ٿيڻ تي پهتو ۔۔۔۔۔ پر۔۔۔۔۔۔ اهي توهان جهڙا محبتي ۽ ساٿ نڀائيندڙ ساٿي ئي هئا جن همت افزائي جاري رکي ۔۔۔ ۽ سفر کي منزل طرف روان دوان رکڻ ۾ سهڪار ڪيو ۔۔۔ جتي ڪافي دوست دنيا جي ڀيڙ ۾ گم ٿي ويا ۽ پنهنجين مجبورين ڪري سندن غير حاضري طويل کان طويل ٿيندي وئي ۔۔۔ اتي ڪافي نوان ۽ سرگرم دوست به آيا جن ساٿ ڏئي اسان جي سفر کي آسان بڻايو۔۔۔
اڄ هيٺ انگن اکرن تي نظر وجهڻ سان سنڌ سلامت فورم سرخرو ٿو ٿئي ته ان هڪ سال جي سفر ۾ اسان جي سفر ۾ هزارين مهمانن سان گڏ فور تي 500 رجسٽرڊ رڪن، 3000 موضوع ۽ 20000 تحريرون مڪمل ٿي چڪيون آهن۔۔ جنهن کان پوءِ اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا به هچڪچاهٽ نه ٿي ٿئي ته سنڌ سلامت دنيا جو وڏي ۾ وڏو سنڌي فورم آهي۔۔۔
اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو توهان جي ساٿ سان۔۔۔ ۽ اڳتي به توهان کان اهڙي ساٿ جي اميد رکجي ٿي۔۔۔
فورم کي سنڌ سلامت جي سالگره تي اپڊيٽ ڪيو ويندو ۽ نئين پوشاڪ زيب تن ڪئي ويندي۔۔۔ ان کانسواءِ توهان جي مشورن ۽ صلاحن تي عمل ڪندي فورم کي وڌيڪ بهتر ۽ خوبصورت بڻايو ويندو۔۔۔ ان لاءِ سمورن ساٿين کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجا قيمتي رايا موڪلين ته جيئن پنهنجي هن سائيبر اڱڻ کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي۔۔۔
سنڌ سلامت توهان جي ڀرپور موٽ جو منتظر رهندو۔۔۔۔
sindhsalamatsaathsal
salamatsindh@gmail.com