فيس بوڪ جي مقبوليت ڪنهن کان لڪيل ناهي۔۔ هر ڪو ڏينهن رات فيس بوڪ استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔۔۔ فيس بوڪ کي جتي ڪمپنيون پنهنجي پروڊڪٽس کي مشهوري لاءِ استعمال ڪنديون آهي اتي ڪيترائي ادارا فيس بوڪ فين پيجز ٺاهي پنهنجي آواز کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔ هتي جتي ڪافي ڪم جون ڳالهيون، خيال ۽ احساس ونڊيندڙ موجود آهن اتي ٿورا ئي سهي پر تنگ نظر عنصر پڻ موجود آهن۔۔ ان کان علاوه هتي فراڊ ڪرڻ ۽ ٻين کي پنهنجي مطلب تحت استعمال ڪرڻ پڻ عام آهي۔۔ ڪئي دفعا ته معزز ۽ معتبر ماڻهون پڻ فيس بوڪ تي بيوقوف بڻجي پوندا آهن ۽ پوءِ يا ته کين پنهنجو کاتو بند ڪرڻو پوندو آهي يا وري سنگت کان معزرتون وٺندي وقت گذرندو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو منهنجا ڪجهه دوست فيس بوڪ استعمال ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهن۔۔۔ سنڌ سلامت جي هر ممڪن ڪوشش رهندي آهي ته پنهنجي سڄڻن ۽ ساٿين کي انٽرنيٽ جو صحيح ۽ فائدي وارو استعمال سيکاريندو رهجي۔۔ ان سلسلي ۾ هن موضوع ۾ اسان جي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ساٿين کي اهو سمجهائجي ته فيس بوڪ استعمال ڪرڻ دوران ڪهڙين ڪهڙين جو خيال رکڻ گهرجي۔۔۔ ****************فيس بوڪ بلڪل مفت آهي۔۔ جي ها ساٿيو۔۔ فيس بوڪ بلڪل مفت آهي۔۔ ۽ هميشه مفت ئي رهندو۔۔ جيڪي ماڻهون اهڙا پيغام جن ۾ پيسا اد ڪرڻ لاءِ چيو ويو هجي وصول ڪن ته اهي پريشان ٿي پوندا آهن۔۔۔ انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اهو ڦرڻ ۽ لٽڻ جو ڪو ذريعو آهي يا ڪو مذاق آهي۔۔۔ ڇو ته فيس بوڪ استعمال ڪرڻ بلڪل مفت آهي۔۔۔ فيس بوڪ تي جيڪڏهن توهان کان ڪو پيسا گهري ته اهو پڪ سمجهو ته ڪو فراڊ آهي۔۔۔ فلاحي ڪم ۾ مدد۔۔ اهڙا پيغام جيڪڏهن توهان جي نظرن مان گذرن جهڙوڪ۔۔ هي ٻار بيمار آهي توهان هن کي لائيڪ ڪندو ته ان جي بدلي ۾ فيس بوڪ طرفان ٻار کي پيسا ڏنا ويندا۔۔۔ ته پڪ سمجهو ته توهان جو لائيڪ ڪنهن فلاحي اداري جي ڪم ۾ فائدي لاءِ ناهي۔۔ ڇو ته هي فقط ڪجهه فيس بوڪ پيجز کي پسند ڪندڙن جو انگ وڌائڻ جو چڪر آهي۔۔ ۽ ٻيو ڪجهه ناهي۔۔ فيس بوڪ ڪڏهن به توهان جي ايڪٽوٽي تي ڪنهن کي پيسا نه ڏيندو آهي۔۔۔ شيئر ڪريو۔۔ ۽ نيڪيون يا پيسا حاصل ڪريو۔۔۔ گهڻيون تصويرون يا اسٽيٽس توهان کي اهڙا ملندا جن ذريعي توهان جي حساس احساسن کي استعمال ڪيو ويندو آهي۔۔ جهڙوڪ ڪا مذهبي ڳالهه لکي توهان کي شيئر ڪرڻ تي نيڪيون ملڻ جا اشارا ڏنا ويندا آهن۔۔۔ وري ڪاٿي ته بل گيٽ جهڙي شخصيت جو فوٽو لڳائي چيو ويندو آهي ته جي لنڪ تي ڪلڪ ڪندو يا شيئر ڪندو ته 500 ڊالر توهان کي يا غريب ماڻهن کي ڏنا ويندا۔۔۔ ائين ڪجهه به نه هوندو آهي بس اهو سڀ ڪجهه فراڊ جو هڪ طريقو آهي۔۔۔
برائي هميشه چڱائي جو روپ وٺي ڌوڪو ڏيندي آهي خدا اوهان جي توفيقات و علم ۾ اضافو ڪري اسان هي بيوقوفي هڪ ٻه ڀيرا ڪري ويٺا آهيون ۔ وسلام