فيس بوڪ سمجهي ڪري استعمال ڪريو..

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فيس بوڪ جي مقبوليت ڪنهن کان لڪيل ناهي۔۔ هر ڪو ڏينهن رات فيس بوڪ استعمال ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔۔۔ فيس بوڪ کي جتي ڪمپنيون پنهنجي پروڊڪٽس کي مشهوري لاءِ استعمال ڪنديون آهي اتي ڪيترائي ادارا فيس بوڪ فين پيجز ٺاهي پنهنجي آواز کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔
    هتي جتي ڪافي ڪم جون ڳالهيون، خيال ۽ احساس ونڊيندڙ موجود آهن اتي ٿورا ئي سهي پر تنگ نظر عنصر پڻ موجود آهن۔۔ ان کان علاوه هتي فراڊ ڪرڻ ۽ ٻين کي پنهنجي مطلب تحت استعمال ڪرڻ پڻ عام آهي۔۔ ڪئي دفعا ته معزز ۽ معتبر ماڻهون پڻ فيس بوڪ تي بيوقوف بڻجي پوندا آهن ۽ پوءِ يا ته کين پنهنجو کاتو بند ڪرڻو پوندو آهي يا وري سنگت کان معزرتون وٺندي وقت گذرندو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو منهنجا ڪجهه دوست فيس بوڪ استعمال ڪرڻ کان گهٻرائيندا آهن۔۔۔
    سنڌ سلامت جي هر ممڪن ڪوشش رهندي آهي ته پنهنجي سڄڻن ۽ ساٿين کي انٽرنيٽ جو صحيح ۽ فائدي وارو استعمال سيکاريندو رهجي۔۔ ان سلسلي ۾ هن موضوع ۾ اسان جي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ساٿين کي اهو سمجهائجي ته فيس بوڪ استعمال ڪرڻ دوران ڪهڙين ڪهڙين جو خيال رکڻ گهرجي۔۔۔

    ****************​
    فيس بوڪ بلڪل مفت آهي۔۔
    جي ها ساٿيو۔۔ فيس بوڪ بلڪل مفت آهي۔۔ ۽ هميشه مفت ئي رهندو۔۔ جيڪي ماڻهون اهڙا پيغام جن ۾ پيسا اد ڪرڻ لاءِ چيو ويو هجي وصول ڪن ته اهي پريشان ٿي پوندا آهن۔۔۔ انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته اهو ڦرڻ ۽ لٽڻ جو ڪو ذريعو آهي يا ڪو مذاق آهي۔۔۔ ڇو ته فيس بوڪ استعمال ڪرڻ بلڪل مفت آهي۔۔۔ فيس بوڪ تي جيڪڏهن توهان کان ڪو پيسا گهري ته اهو پڪ سمجهو ته ڪو فراڊ آهي۔۔۔

    فلاحي ڪم ۾ مدد۔۔
    اهڙا پيغام جيڪڏهن توهان جي نظرن مان گذرن جهڙوڪ۔۔ هي ٻار بيمار آهي توهان هن کي لائيڪ ڪندو ته ان جي بدلي ۾ فيس بوڪ طرفان ٻار کي پيسا ڏنا ويندا۔۔۔ ته پڪ سمجهو ته توهان جو لائيڪ ڪنهن فلاحي اداري جي ڪم ۾ فائدي لاءِ ناهي۔۔ ڇو ته هي فقط ڪجهه فيس بوڪ پيجز کي پسند ڪندڙن جو انگ وڌائڻ جو چڪر آهي۔۔ ۽ ٻيو ڪجهه ناهي۔۔ فيس بوڪ ڪڏهن به توهان جي ايڪٽوٽي تي ڪنهن کي پيسا نه ڏيندو آهي۔۔۔

    شيئر ڪريو۔۔ ۽ نيڪيون يا پيسا حاصل ڪريو۔۔۔
    گهڻيون تصويرون يا اسٽيٽس توهان کي اهڙا ملندا جن ذريعي توهان جي حساس احساسن کي استعمال ڪيو ويندو آهي۔۔ جهڙوڪ ڪا مذهبي ڳالهه لکي توهان کي شيئر ڪرڻ تي نيڪيون ملڻ جا اشارا ڏنا ويندا آهن۔۔۔ وري ڪاٿي ته بل گيٽ جهڙي شخصيت جو فوٽو لڳائي چيو ويندو آهي ته جي لنڪ تي ڪلڪ ڪندو يا شيئر ڪندو ته 500 ڊالر توهان کي يا غريب ماڻهن کي ڏنا ويندا۔۔۔ ائين ڪجهه به نه هوندو آهي بس اهو سڀ ڪجهه فراڊ جو هڪ طريقو آهي۔۔۔

    [​IMG]
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    معلومات ڏيڻ لاء مهرباني پر فيس بوڪ تي پاڻ وڃوئي قسمت سان وري اهڙن حرڪتن تي توجهه ئي ڪونه ڏيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين بلڪل اڄ ڪلھ فيس بوڪ تي ماڻھون ماڻھن کي بيوقوف ڪرڻ ۾ رُڌل آھن
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي معلومات سائين
    مهرباني معلومات ڏيڻ جي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    برائي هميشه چڱائي جو روپ وٺي ڌوڪو ڏيندي آهي خدا اوهان جي توفيقات و علم ۾ اضافو ڪري اسان هي بيوقوفي هڪ ٻه ڀيرا ڪري ويٺا آهيون ۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو