پڇائون تنهنجون پير پنڌ ۾... جان عالم

مصور عالم

سينيئر رڪن
پڇائون تنهنجون پير پنڌ ۾،
ڀلا هوندا ٻيو ڪير پنڌ ۾،

تو ڏانهن ايندي رات جي ٽاڻي،
ڪري پئي آهي ڇير پنڌ ۾،

سسئي ته ستي سهاڳڻ بڻجي،
پنهون کڻي ويا، ڏير پنڌ ۾،

تو جيڪي اسان ڏي اماڻيا،
درد جا آهن ڍير پنڌ ۾۔

(انجنيئر جانِ عالم)
 
Back
Top