• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ڊڪشنري جي سي.ڊي

جواب: سنڌي ڊڪشنري جي سي.ڊي

محترم ابو واصف جا لک لائق جن انهي قيمتي سافٽويئر جو مڪمل هڪ لنڪ ڪري ٻيهر لڳايو۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔۔۔
 
جواب: سنڌي ڊڪشنري جي سي.ڊي

ادي ابو واصف واري ڊڪشنري جامع لغات مون اڄ ڊائونلوڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس، انتهائي ڪارائتي ڊڪشنري آهي جنهن مان سنڌي لکڻ پڙهڻ جي مد ۾ تمام وڏي مدد ملي ٿي ۔۔۔۔

جزاڪ الله خئير ۔۔۔ سلام آهي دوستن کي جي علم جي روشني وڌائن ٿا ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: سنڌي ڊڪشنري جي سي.ڊي

سائين ابو واصف پيارا اوهان جي وڏي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني جو توهان اسان جي ديرينه خواهش پوري ڪري ڇڏي اهڙي قيمتي شيء فري ۾ اسان کي مهيا ڪري ڏني الله تعالى توهان جي عزت ۾ علم اضافو فرمائي واقعي دل خوش ٿي وئي ۔
جزاڪم الله خيرا۔
 
پيارا دوستو اسلام عليڪم،
توهان هن ڊڪشنري کي پسند ڪيو توهان جا لک ٿورا هي ڊڪشنري واقعي هڪ لاڀائتي ء تعريف لائق آهي۔
دراصل اسان جي وچ ۾کوڙ سارا اهڙا شخص موجود آهن جيڪي پس پرده پنهجو فرض نڀائي رهيا آهن، هي ڊڪشنري به انهن جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔ آءَ ان شخص جو نالو وٺڻ گهرندس جنهن جي هڪ عرصي جي محنت هن ۾ شامل آهي، جيڪڏنهن اهو شخص تحرڪ نه وٺي ها ته شايد هن وقت هي ڊڪشنري تيار نه هجي ها۔ مونکي افسوس به آهي ته سنڌ جا ادار اهڙن ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ بدران انهن کي ڊي گريڊ ڪندا رهيا آهن۔
دوستو اهو شخص آهي بدر ابڙو صاحب جن جي ڪاوشن جي ڪري اسان هي ڊڪشنري اڄ استعمال ڪري رهيا آهيون، آءُ اوهان سڀنن کي اپيل ڪندس ته ان شخص کي ڀيٽا پيش ڪري قومي فرض پورو ڪندا، هن جهڙي عظيم شخص ڪافي قربانيون ڏنيون آهن ۽ مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي پر ان جو ساٿ ڏيڻ وارا لڪي ويا آهن، جنهن مان شايد آءُ به هڪ آهيان۔
دوستو توهان بدر صاحب کي هن جي فيس بڪ پيج تي وڃي جيڪڏنهن ڀيٽا پيش ڪندا ته هو ضرور خوش ٿيندا۔ مهرباني
http://www.facebook.com/badar.abro.75
دوستو ذاتي مصروفيات جي ڪري مان هن ڊڪشنري جي سافٽويئر کي امپروو نه ڪري سگهيو آهيان ليڪن منهجي پياري دوست فهد ميمڻ ان کي آن لائن ڊڪشنري جي فارم ۾ اپلوڊ ڪري ڇڏيو آهي۔ توهان ان کي هن ويب سائيٽ تي آن لائن استعمال ڪري سگهو ٿا۔

http://www.encyclopediasindhiana.org/dictionary.php
ناچيز
راجا (هوش محمد تنيو) جامع سنڌي لغت جو سافٽويئر ڊوولپر
 
مبارڪن جا مستحق آهيو ۔۔۔۔۔۔ اوهان دوستن جي محنت کي سلام

بدر ابڙو تحقيقي ۽ تاريخي ڪم جي حوالي سان هڪ دستاويز آهي، سندس ڪم سچ ته تعريف کان به گهڻو آهي پر واقعي کيس اها موٽ ناهي ملي۔ اسان کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
 
Back
Top