نثارابڙو
نائب منتظم
”ڏوهي ڪير؟ “
نثـــارابــڙو
هڪ ئي ڏينهن تي ٻه جيوَ پئدا ٿيا ... تقريبن ساڳيو ئي وقت ... بدن اگھاڙا، ڄم واري پاڻياٺ سان ٿڦيل ... نه ڪپڙا ۽ نه ئي وري ڪي هار سينگار ... هر فڪر ۽ پريشانيءَ کان آجا ... ٻنهي جي وجود جو پهريون سن هوبهو ساڳيو ... ساڳي روشني ساڳيو ڪمرو ۽ ساڳيون صحولتون ... ” مٺيءَ ماءُ جي ڪُکِ“هڪ ٻارڙو، عيبن ثوابن کان عاري ... ڪراچي شهر جي هڪ سهڻي ۽ اميراڻي پاسي ”ڊفينس سوسائٽي Defense Society“ جي هڪ عاليشان ضروريات زندگيءَ جي هر آسائش سان سنواريل حويليءَ ۾ ... ماهر ويمِ ڊاڪٽرياڻيءَ جي نگھباني ۾ پنهنجي امڙ جي پيٽ واري زندگي گذاري ٻاهر نڪتو ...
ٻيو ٻارڙو، معصوم ... سنڌوءَ ڪناري جي ڪکائين جھوپڙي ۾ بي يار و مددگار ... ماءُ جي ڪوڪن ۽ دانهن ۾ امڙ سڳوريءَ جي پيٽ وارو عرصو پورو ڪري اچي سهڙيو ...
ڪراچيءَ ۾ پئدا ٿيڻ واري جو نانءُ ” سارنگ “... جھوپي ۾ پئدا ٿيڻ واري جو ” ڪانڊيرو “ رکيو ويو...
سارنگ کي پئدا ٿيڻ شرط جراثيم ڪش دوائن سان مليل پاڻي ۽ خوشبودار صابڻ سان وهنجاري سنهجاري، عطر عنبير هڻي ... سٺن اڳي کان تيار ٿيل ريشمي مخملي ڪپڙن سان ڍڪي ... ماءُ جي هنج ۾ ڏنو ويو ... هيري جي منڊي سندس پهريون تحفو ... آرام جو خاص بندوبست ٿيل ... خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونه ... گھر جو مالڪ ۽ وارث پئدا ٿيو هو ... ڪٽنب جو اهم ۽ معتبر ڀاتي اميدن جو روشن تارو ... هڪ اهڙو انسان جو واقعي هن ڪائنات ۾ ڪنهن مقصد لاءِ آيو هجي ۽ اهو ڪجھه حاصل ڪندو جو اڃان شايد سندس وڏن به حاصل نه ڪيو آهي ...
ڪانڊيري جي پئدا ٿيڻ مهل ماءُ جي ڪوڪن ۽ دانهن کان علاوه آس پاس ٻڌل ڇڙيل جانورن جا مختلف ڪن ڦاڙ آواز ... ڪڏهن گڏه جي هينگ ته ڪڏهن ڪتي جي ڀونڪ ... ڪڏهن رڍ جا ٻيڪاٽ ڪڏهن ڪڪڙ جي ڪڙڪڙ ... پيدا ٿيندي ئي سندس ماءُ سڳوري بيهوش ٿي وئي ... ڪراڙي نانيءَ ڏڪندڙ هٿن سان کڻي کٽ تي رکيس ۽ لڳي وئي ڌيءُ کي هوش ۾ آڻڻ جي جتن ۾ ... سندس پيءُ جنهن ٻاهر کليل پڌر تي بيچينيءَ مان ويٺي چلم جا جگر ساڙ سوٽا ٿي هنيا سو ٻار جي روئڻ تي اندر آيو ...
” ڪراڙي خئير ته آهي؟“ پريشانيءَ وچان
” هائو اڙي ابا ڪرڙ! خئير سان ننڍڙو ٿيو آهي پر هن ڇوريءَ کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي؟ “
” ڇا وري ڇا ٿيو اٿس ... سور مڙوئي سخت کاڌا اٿس ... ساڻي ٿي پئي هوندي ... پاڻي پيئارينس ۽ هو چورينءَ ۾ پيل کير پيئاريس ته ڪجھه ٻل پويس ... پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي ... امڙ هن ننڍڙي تي ته مکيون مڙي آيون آهن؟ “
”اڙي ابا! وڃ، وارو ڪرِ، چلهه تان پاڻي لاههِ ... ڪجھه مونکي ڏي ۽ ڪجھه ۾ ٻيو پاڻي ملائي ننڍڙي کي وهنجاري ڇڏِ ته چولي پارائي ڇڏيانس “ ڪراڙيءَ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو
ڪرڙ وڃي پاڻي لاٿو ... ڇيڻن جي رک مليل پاڻيءَ ۾ ٻيو ڪجھه واهوندي جو پاڻي ملائي ڪانڊيري کي وهنجارڻ لڳو ... سندس چهري تي خوشي جي بجاءِ پريشانيءَ جون لڪيرون چٽيون اڀريل هيون ... ڄڻ تي هي ڪانڊيرو سندس گھر ۾ خوشين جي جاءِ تي ڏک کڻي آيو هجي ۽ گھر ۾ مصيبتن جو ڪجھه واڌارو ئي ڪندو ...
سارنگ! ڇهن ستن مهينن جو ٿيو ته موسم جي تبديلي ۽ نڀاڳي نوڪرياڻيءَ جي بي احتياطي سبب، جو شام جو ٿڌڙي هوا ۾ وڃي ٻاهر باغ ۾ ڪڏايائينس ... کيس هلڪو بخار ۽ زڪام ٿي پيو ... ڊاڪٽر ڏانهن فون ٿي ... هڪدم ڊاڪٽر حاضر ٿيو ... دوادرمل کان علاوه ڪجھه تدبيرون ٻڌائي ويو ... سارنگ راتو رات فرحت ۾ ...
ڪانڊيري کي به ساڳين ئي ڏينهنِ ۾ اچي زڪام ورتو ... پر والدين جي لاپرواهي ۽ بي سمجھائي سبب کين خبر ئي نه پئي ته کيس ڪو زڪام ٿيو آهي ... هي به هاڻ ويهڻ جھڙو ٿيو هو سو ماڻهس کيس کٽ تان لاهي پٽ تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي ... جت هو مٽيءَ جا ٻُڪَ ڀري پيو کيڏندو ۽ کائيندو هو ... مٽي نڪ مان وهندڙ سنگھه ۽ پاڻي سان ملي سڄي چهري تي ڦهلجي ڇوڏن جي صورت وٺندي هئي ... مٿان وري اچي مکيون مڙنديون هيون ... مطلب ته جڏهن ڪانڊيرو مٽيءَ سان راند ڪندو هو ته مکين جو به وارو ورندو هو ۽ هن جي نڪ، وات ۽ منهن تي ٿڦيل ڪِنَ جو مزو وٺنديون هيون ... اهڙي نموني هن پنهنجي ننڍپڻ جي سموري زڪام جو پاڻ به مزو ماڻيو ۽ مکين جو به مزو ڪرايو ...
سارنگ! ڪنهن سبب روئيندو هو ته هڪدم سڀ جو سڀ کيس ريجھائڻ پرچائڻ لاءِ جتن ڪندا هئا ۽ ان سبب کي ڳولهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ته آخر مامرو ڇا آهي ۽ صاحب روئي ڇو ٿو؟ ڪئي قسمن جا رانديڪا ڪٺي ڪيا ويندا هئا ۽ بس ايئن رانديڪن جا ڍير لڳي ويندا ... هڪطرف باندر ڀولڙا هٿن ۾ ٿالهيون کڻي وڄائيندي نظر ايندا ته ٻي پاسي ننڍڙيون وڏڙيون موٽرون، جهڙوڪ، جيپون، ڪارون، ٽريڪٽر ۽ جهاز، هيليڪاپٽر پڻ رنگ برنگي بتيون ٻاريندا وسائيندا نظر ايندا جن مان نڪرندڙ مختلف آواز سارنگ کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا ۽ بس پوءِ ته صاحب جا ٽهڪڙا ۽ گھر ڀاتين جو ٻهڪجڻ ...
ڪانڊيرو ته ڳالهه نه ڳالهه تي روئيندو رهندو هو ... ڪڏهن ڪڏهن ته روئي روئي ساڻو ٿي پوندو هو پر ڪو آواز ٻڌڻ وارو به نه هوندو هو ... پيءُ ساجھر سوير رڍون ڪاهي ڪنهن چراگاه ڏانهن راهي ٿيندو هو ... ماءُ گھر جو ڪم ڪار ڪري، ٻهارو ڏئي، ٿانوَ ملي، جانورن جو ڪن ڦٿ، ڇيڻا مٽُ ميڙي ويندي هئي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ ... ناني ڪراڙي ڪنن ٻوڙي، پريان وڻ جي ڇانوَ ۾ رکيل کٽولي سان ٻڌل مانڌاڻي ولوڙي مکڻ ذرو ۽ لسيءَ چڪو ڪڍندي هئي ... ويچاري ڪانڊيري جون ڪوڪون ۽ دانهون ٻڌي ڪير؟ ... ماڻهنس ايندي کيس کڻندي ... ڪجھه پيار ڪجھه دڙڪا ... ڪجھه پٽون ته ڪجھه پاراتا ... ٿَڃُ پياري کڻي پَٽَ تي اڇلائيندس ... ڪانڊيرا جا راڀاٽ ۽ ٻرڙاٽ شروع ... بس پوءِ ته ٿڦڙن جو وسڪارو سندس جي پٺي منهن هِڪُ ... ششو پيو وهندس ۽ ڪڏهن ڪڏهن خلاصو به ٿي پوندو هو ...
سارنگ اڃان پيرڙيو مس ٿيو ته طرحين طرحين گھمائڻا (Walkers) آندا ويا، جن ۾ هي صاحب ويهي، اٿي تڏون ڏئي گھمڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پيارن هٿڙن سان خوشي ڌاران تاڙيون وڄائيندو ... سڀ گھر ڀاتي ڏسي پيا ٺار ٺار ٿيندا ... ڪو پپيون ڏئي ويندس ته ڪو ٻاتا ٻول ٻولي پيو وندرائيندو هيس ... سندس جو الڳ ڪمرو ... خاص ٻانهي ٻانهپي لاءِ هروقت تيار ... شام جو گھرڀاتي گڏ ٿيندا هئا ته سارنگ جون موج ٿي ويندي ... هر طرف ”سارنگ“ ”سارنگ“ پئي پوندي ... ننڍا وڏا سارنگ کان به ننڍڙا ٿي پوندا، عجب شڪليون ٺاهيندا، نموني نموني جا آواز ڪڍندا، اونڌا سڌا ٿي پيا پاڻ به مزو وٺندا ۽ سارنگ کي به وندرائيندا هئا اهڙي نموني ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذرندا هئا هن ننڍڙي صاحب جا ...
ڪانڊيري غريب کي ڪنهن گھمڻ سيکارڻ لاءِ سوچيو به نه پر فطرت جا به عجب رنگ ڪو توجهه ڏئي يا نه جيڪا شيء فطرت جي وس سا ته ٿي رهندي آهي ... هن به ڌڪا ٿاٻا کائي، هِنَ هُنَ کي پڪڙي، اٿندي ڪرندي گھمڻ سکي ورتو ... راند ڪرڻ لاءِ مکيون ۽ مَڇَرَ، ڪانوَ ۽ ڪڪڙَ، ڪتا ۽ ڪيئان ...
سارنگ جو ٻالڪپڻو انتهائي شاندار گذريو ... هاڻ هو اسڪول داخل ٿيڻ جهڙو اچي ٿيو .. کيس بهترين ذهني افزائش جي هر سهولت سان آراسته اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ... عاليشان ايئرڪنڊيشن موٽرڪار، ڊرائيور سميت هر وقت خدمت ۾ حاضر ... تربيتيافته استادن جي نگرانيءَ ۾ هي صاحب روشن ٿيندو رهيو ...
ڪانڊيري کي ماءُ پاڻ سان گڏ ٻنين ڏانهن وٺي وڃڻ شروع ڪيو ... هيءُ به ماءُ جي ڪاٺي ڪلي ، گاه پٺي ڪرڻ ۾ مدد ڪرائيندو هو ... ڦاٽل ميرا ڪپڙا، پيرين اگھاڙو ... تتي ٿڌي ... ڪابه وندر ڪون ..رستي ويندي ٻيرِ جي وڻ مان ڇڻيل ڪو ٻيرُ کڻي کائڻ سندس ورونهه ... تلاءَ ڀِڪَ بيهي ننڍڙين مڇين کي ڦوڙ هڻي مزو وٺڻ ... هِنَ هُنَ ٻوٽي تي ڦرندڙ پوپٽن پويان ڊوڙڻ ۽ کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ ... ماڻهس ڪم ڪار لاهي، گاه جي ڀري مٿي تي ... ڪجھه ڪاٺيون پنهنجي بگل ۾ ته ڪجھه ڪانڊيري جي ڀاڪر ۾ ... ڪِجھندا ڪُرڪندا اچي سج لٿي گھر ڀيڙا ٿيندا ...
سارنگ مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو ... کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو ... ڪار ته هو اڳ ئي هلائيندو هو پر هاڻ کيس پنهنجي ذاتي نئين ڪار خريد ڪري تحفي طور ڏني وئي ... واه 1 کيس سٺو سِلو مليو ... صاحب خوش ...
ڪانڊيرو ٻارنهن چوڏهن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ کي پوليس رڍن جي چوريءَ جي الزام ۾ پڪڙي وئي ... هو بيڏوهي هو پر پوليسوارن ماري ماري هڪ ڄنگھه ڀنڃي وڌي ... رَڙَندو رهيو، ڪوڪون ۽ دانهون ڪندو رهيو ... بيگناهيءَ جي قسم کائيندو رهيو پر ڪنهنکي به سندس روح تي رحم ڪونه آيو ... ڪيس چالان ڪري کيس جيل اماڻيو ويو ... نه ڪو اوهي نه واهي، نه پڇڻ وارو ۽ نه وري ضمانت ڏيڻ وارو ... نه پئسو نه پائي ... مٿان وري رڍون به ڍڪ حوالي ۽ ايئن هو غريب جيل جي چڪيءَ جا چڪر چوريندو رهيو ...
هيڏانهن ڪانڊيري ۽ سندس ماءُ جي حالت ٿر جي اڃايل ڌرتيءَ جيئان هئي جا ابر آسري اڀُ ۾ اکيون اٽڪائي بيٺي هجي ... ان ڌاري نانيءَ به راه اجل ورتي ... نه موڙي نه مال ... نه ڍور نه ڍڳو ... هاڻ پيٽ جي باه ڪيئن وسامجي ۽ زندگيءَ جون ضرورتون جي هونءَ به ڪي گھڻيون ته ڪونه هيون پر تڏهن به ڪٿان پوريون ٿين؟ گھر ۾ به ڪا اهڙي شيء ڪانه جا کپائي مڙوئي گذارو ڪنِ ... نه ڪو ڏيڻ وارو ۽ نه حال ڀائي ... ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آين ... ها1 آخر ۾ آلين اکين سان اباڻا پکا ڇڏي ڪنهن اڻ سوچيل ۽ اڻ ڏٺل منزل ڏانهن راهي ٿيا ...
اڄ ڊيفينس سوسائٽي جي ان بنگلي ۾ جشن جو سمان آهي ... هرطرف خوشي ئي خوشي ... بنگلو آسمان تي ستارن جي جھرمٽ جيئان... روڊ جي ٻنهي پاسين حدنظر آيل مهمانن جون شاندار موٽرون ... دروازي تي چاڪ چوبند چوڪيدارَ هر ايندڙ ويندڙ کي پئي سلاميو ... بنگلي جي ٻاهر واري پڌر تي عاليشان خيمي اندر هڪ پاسي چانديءَ جھڙن وارن سان وڏي عمر وارا امير ۽ رئيس پنهنجين وڏين وڏين ڳالهين سان هڪ ٻئي جي وندر ۽ ورونهن بڻيل ... ٻئي پاسي نوجوان نينگر ۽ نينگريون نينهن نڀائيندي هلڪا هلڪا ٽهڪڙا ڏيندي، شرمائيندي، ڳالهائيندي، پيئندي ۽ کائيندي ،،، تحفا ۽ تعريفون ڏيندي ٻهڪي رهيا آهن ... ٽين پاسي وري بنگلي جي باغ ۾ لڳل پينگھن تي ٻارڙن جون ٻوليون ۽ ميلا ... ڪي لڏن ته ڪي لوڏن ... هڪ ٻئي کي چاڪليٽ ۽ چوئينگم کارائيندا ... مسخريون ۽ مذاقون ... مطلب ته ڇا ته مزو لڳو پيو آهي ....
سارنگَ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ پهريون درجو کڻي پاس ٿيو آهي ... اڄ سارنگ جو پنجويهون ڄم ڏهاڙو آهي ... اڄ ئي سندس هم رتبه خاندان جي من موهڻي نينگريءَ سان مڱڻو رٿيل آهي ... انهن ڍير ساترين خوشين جي حوالي سان صدقي ۽ خيرات جو بندوبست پيڻ ٿيل آهي ...
حالتن جي ماريل انسانن جي هڪ ڊگھي قطار ... پوڙها ، ٻار ، جوان مرد توڙي عورتون ... اڻڀيل وار ... ڦاٽل ڪپڙا ... پيرين اگھاڙا ... پيٽ بکايل ... اکيون بيرونق ... سِڪَنِ لاءِ سڪي رهيا آهن ته ڪڏهن ٿو وارو اچي ...
اجھون هينئر هڪ پوڙهي ... اکين کا جڏي ... چيلهه کان چٻي ... هڪُ هٿ لٺِ ۾ ٻيو هٿ هڪ ڏٻري، بيحال ، گدلي ، چتين لڳل ويس واري جوان جي ڪلهي تي ، اچي قطار جي آخر ۾ بيٺي آهي ... نوجوان کيس آهستي آهستي اڳتي ڇڪي رهيو آهي ...
” پٽَ ڪانڊيرا خيرات ملندي؟“
” هائو امان ... ڳڻتي نه ڪر ... اجھو پنهنجو وارو اچڻ وارو آهي “ ڪانڊيري ماءُ کي دلاسو ڏنو ...
آخر سندن وارو آيو ... سارنگ جي هٿ تي ڪجھه سڪا اچي ڪريا ... ٻنهي خوش ٿيندي دعا ڏني
” الله تنهنجو ڀلو ڪري ، رب توکي هميشه ڪامياب ڪري “
سارنگ! جيترو ڪامياب .............ڪانڊيرو! اتروئي ناڪاره
سارنگ! روشنيءَ کان روشن ............ڪانڊيرو! اٿاهه انڌيرو
سارنگ! اڀَ تي تارو ...........................ڪانڊيرو! ڪارو چُٽو
سارنگ! سهڻو سينگاريل ................ڪانڊيرو! حالتن جو ماريل
ٻنهي نوجوانن جي زندگيءَ ۾ ايڏو وڏو فرق ... ڇو ۽ ڇالاءِ ؟ ... ڪير ڏوهي آهي انجو؟
الله؟
سماج؟
معاشرو؟
رياست؟
ڪير؟ ڪير؟ ڪير؟
آهي ڪوئي جو ان سوال جو حل ڪڍي !!!!!