”ڏوهي ڪير؟ “

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ”ڏوهي ڪير؟ “
    نثـــارابــڙو
    [​IMG]
    هڪ ئي ڏينهن تي ٻه جيوَ پئدا ٿيا ... تقريبن ساڳيو ئي وقت ... بدن اگھاڙا، ڄم واري پاڻياٺ سان ٿڦيل ... نه ڪپڙا ۽ نه ئي وري ڪي هار سينگار ... هر فڪر ۽ پريشانيءَ کان آجا ... ٻنهي جي وجود جو پهريون سن هوبهو ساڳيو ... ساڳي روشني ساڳيو ڪمرو ۽ ساڳيون صحولتون ... ” مٺيءَ ماءُ جي ڪُکِ“

    هڪ ٻارڙو، عيبن ثوابن کان عاري ... ڪراچي شهر جي هڪ سهڻي ۽ اميراڻي پاسي ”ڊفينس سوسائٽي Defense Society“ جي هڪ عاليشان ضروريات زندگيءَ جي هر آسائش سان سنواريل حويليءَ ۾ ... ماهر ويمِ ڊاڪٽرياڻيءَ جي نگھباني ۾ پنهنجي امڙ جي پيٽ واري زندگي گذاري ٻاهر نڪتو ...

    ٻيو ٻارڙو، معصوم ... سنڌوءَ ڪناري جي ڪکائين جھوپڙي ۾ بي يار و مددگار ... ماءُ جي ڪوڪن ۽ دانهن ۾ امڙ سڳوريءَ جي پيٽ وارو عرصو پورو ڪري اچي سهڙيو ...

    ڪراچيءَ ۾ پئدا ٿيڻ واري جو نانءُ ” سارنگ “... جھوپي ۾ پئدا ٿيڻ واري جو ” ڪانڊيرو “ رکيو ويو...

    سارنگ کي پئدا ٿيڻ شرط جراثيم ڪش دوائن سان مليل پاڻي ۽ خوشبودار صابڻ سان وهنجاري سنهجاري، عطر عنبير هڻي ... سٺن اڳي کان تيار ٿيل ريشمي مخملي ڪپڙن سان ڍڪي ... ماءُ جي هنج ۾ ڏنو ويو ... هيري جي منڊي سندس پهريون تحفو ... آرام جو خاص بندوبست ٿيل ... خوشيءَ جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونه ... گھر جو مالڪ ۽ وارث پئدا ٿيو هو ... ڪٽنب جو اهم ۽ معتبر ڀاتي اميدن جو روشن تارو ... هڪ اهڙو انسان جو واقعي هن ڪائنات ۾ ڪنهن مقصد لاءِ آيو هجي ۽ اهو ڪجھه حاصل ڪندو جو اڃان شايد سندس وڏن به حاصل نه ڪيو آهي ...

    ڪانڊيري جي پئدا ٿيڻ مهل ماءُ جي ڪوڪن ۽ دانهن کان علاوه آس پاس ٻڌل ڇڙيل جانورن جا مختلف ڪن ڦاڙ آواز ... ڪڏهن گڏه جي هينگ ته ڪڏهن ڪتي جي ڀونڪ ... ڪڏهن رڍ جا ٻيڪاٽ ڪڏهن ڪڪڙ جي ڪڙڪڙ ... پيدا ٿيندي ئي سندس ماءُ سڳوري بيهوش ٿي وئي ... ڪراڙي نانيءَ ڏڪندڙ هٿن سان کڻي کٽ تي رکيس ۽ لڳي وئي ڌيءُ کي هوش ۾ آڻڻ جي جتن ۾ ... سندس پيءُ جنهن ٻاهر کليل پڌر تي بيچينيءَ مان ويٺي چلم جا جگر ساڙ سوٽا ٿي هنيا سو ٻار جي روئڻ تي اندر آيو ...

    ” ڪراڙي خئير ته آهي؟“ پريشانيءَ وچان
    ” هائو اڙي ابا ڪرڙ! خئير سان ننڍڙو ٿيو آهي پر هن ڇوريءَ کي الائجي ڇا ٿي ويو آهي؟ “
    ” ڇا وري ڇا ٿيو اٿس ... سور مڙوئي سخت کاڌا اٿس ... ساڻي ٿي پئي هوندي ... پاڻي پيئارينس ۽ هو چورينءَ ۾ پيل کير پيئاريس ته ڪجھه ٻل پويس ... پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندي ... امڙ هن ننڍڙي تي ته مکيون مڙي آيون آهن؟ “
    ”اڙي ابا! وڃ، وارو ڪرِ، چلهه تان پاڻي لاههِ ... ڪجھه مونکي ڏي ۽ ڪجھه ۾ ٻيو پاڻي ملائي ننڍڙي کي وهنجاري ڇڏِ ته چولي پارائي ڇڏيانس “ ڪراڙيءَ ڏڪندڙ آواز ۾ چيو

    ڪرڙ وڃي پاڻي لاٿو ... ڇيڻن جي رک مليل پاڻيءَ ۾ ٻيو ڪجھه واهوندي جو پاڻي ملائي ڪانڊيري کي وهنجارڻ لڳو ... سندس چهري تي خوشي جي بجاءِ پريشانيءَ جون لڪيرون چٽيون اڀريل هيون ... ڄڻ تي هي ڪانڊيرو سندس گھر ۾ خوشين جي جاءِ تي ڏک کڻي آيو هجي ۽ گھر ۾ مصيبتن جو ڪجھه واڌارو ئي ڪندو ...

    سارنگ! ڇهن ستن مهينن جو ٿيو ته موسم جي تبديلي ۽ نڀاڳي نوڪرياڻيءَ جي بي احتياطي سبب، جو شام جو ٿڌڙي هوا ۾ وڃي ٻاهر باغ ۾ ڪڏايائينس ... کيس هلڪو بخار ۽ زڪام ٿي پيو ... ڊاڪٽر ڏانهن فون ٿي ... هڪدم ڊاڪٽر حاضر ٿيو ... دوادرمل کان علاوه ڪجھه تدبيرون ٻڌائي ويو ... سارنگ راتو رات فرحت ۾ ...

    ڪانڊيري کي به ساڳين ئي ڏينهنِ ۾ اچي زڪام ورتو ... پر والدين جي لاپرواهي ۽ بي سمجھائي سبب کين خبر ئي نه پئي ته کيس ڪو زڪام ٿيو آهي ... هي به هاڻ ويهڻ جھڙو ٿيو هو سو ماڻهس کيس کٽ تان لاهي پٽ تي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي ... جت هو مٽيءَ جا ٻُڪَ ڀري پيو کيڏندو ۽ کائيندو هو ... مٽي نڪ مان وهندڙ سنگھه ۽ پاڻي سان ملي سڄي چهري تي ڦهلجي ڇوڏن جي صورت وٺندي هئي ... مٿان وري اچي مکيون مڙنديون هيون ... مطلب ته جڏهن ڪانڊيرو مٽيءَ سان راند ڪندو هو ته مکين جو به وارو ورندو هو ۽ هن جي نڪ، وات ۽ منهن تي ٿڦيل ڪِنَ جو مزو وٺنديون هيون ... اهڙي نموني هن پنهنجي ننڍپڻ جي سموري زڪام جو پاڻ به مزو ماڻيو ۽ مکين جو به مزو ڪرايو ...

    سارنگ! ڪنهن سبب روئيندو هو ته هڪدم سڀ جو سڀ کيس ريجھائڻ پرچائڻ لاءِ جتن ڪندا هئا ۽ ان سبب کي ڳولهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا ته آخر مامرو ڇا آهي ۽ صاحب روئي ڇو ٿو؟ ڪئي قسمن جا رانديڪا ڪٺي ڪيا ويندا هئا ۽ بس ايئن رانديڪن جا ڍير لڳي ويندا ... هڪطرف باندر ڀولڙا هٿن ۾ ٿالهيون کڻي وڄائيندي نظر ايندا ته ٻي پاسي ننڍڙيون وڏڙيون موٽرون، جهڙوڪ، جيپون، ڪارون، ٽريڪٽر ۽ جهاز، هيليڪاپٽر پڻ رنگ برنگي بتيون ٻاريندا وسائيندا نظر ايندا جن مان نڪرندڙ مختلف آواز سارنگ کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا ۽ بس پوءِ ته صاحب جا ٽهڪڙا ۽ گھر ڀاتين جو ٻهڪجڻ ...

    ڪانڊيرو ته ڳالهه نه ڳالهه تي روئيندو رهندو هو ... ڪڏهن ڪڏهن ته روئي روئي ساڻو ٿي پوندو هو پر ڪو آواز ٻڌڻ وارو به نه هوندو هو ... پيءُ ساجھر سوير رڍون ڪاهي ڪنهن چراگاه ڏانهن راهي ٿيندو هو ... ماءُ گھر جو ڪم ڪار ڪري، ٻهارو ڏئي، ٿانوَ ملي، جانورن جو ڪن ڦٿ، ڇيڻا مٽُ ميڙي ويندي هئي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ ... ناني ڪراڙي ڪنن ٻوڙي، پريان وڻ جي ڇانوَ ۾ رکيل کٽولي سان ٻڌل مانڌاڻي ولوڙي مکڻ ذرو ۽ لسيءَ چڪو ڪڍندي هئي ... ويچاري ڪانڊيري جون ڪوڪون ۽ دانهون ٻڌي ڪير؟ ... ماڻهنس ايندي کيس کڻندي ... ڪجھه پيار ڪجھه دڙڪا ... ڪجھه پٽون ته ڪجھه پاراتا ... ٿَڃُ پياري کڻي پَٽَ تي اڇلائيندس ... ڪانڊيرا جا راڀاٽ ۽ ٻرڙاٽ شروع ... بس پوءِ ته ٿڦڙن جو وسڪارو سندس جي پٺي منهن هِڪُ ... ششو پيو وهندس ۽ ڪڏهن ڪڏهن خلاصو به ٿي پوندو هو ...

    سارنگ اڃان پيرڙيو مس ٿيو ته طرحين طرحين گھمائڻا (Walkers) آندا ويا، جن ۾ هي صاحب ويهي، اٿي تڏون ڏئي گھمڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پيارن هٿڙن سان خوشي ڌاران تاڙيون وڄائيندو ... سڀ گھر ڀاتي ڏسي پيا ٺار ٺار ٿيندا ... ڪو پپيون ڏئي ويندس ته ڪو ٻاتا ٻول ٻولي پيو وندرائيندو هيس ... سندس جو الڳ ڪمرو ... خاص ٻانهي ٻانهپي لاءِ هروقت تيار ... شام جو گھرڀاتي گڏ ٿيندا هئا ته سارنگ جون موج ٿي ويندي ... هر طرف ”سارنگ“ ”سارنگ“ پئي پوندي ... ننڍا وڏا سارنگ کان به ننڍڙا ٿي پوندا، عجب شڪليون ٺاهيندا، نموني نموني جا آواز ڪڍندا، اونڌا سڌا ٿي پيا پاڻ به مزو وٺندا ۽ سارنگ کي به وندرائيندا هئا اهڙي نموني ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذرندا هئا هن ننڍڙي صاحب جا ...

    ڪانڊيري غريب کي ڪنهن گھمڻ سيکارڻ لاءِ سوچيو به نه پر فطرت جا به عجب رنگ ڪو توجهه ڏئي يا نه جيڪا شيء فطرت جي وس سا ته ٿي رهندي آهي ... هن به ڌڪا ٿاٻا کائي، هِنَ هُنَ کي پڪڙي، اٿندي ڪرندي گھمڻ سکي ورتو ... راند ڪرڻ لاءِ مکيون ۽ مَڇَرَ، ڪانوَ ۽ ڪڪڙَ، ڪتا ۽ ڪيئان ...

    سارنگ جو ٻالڪپڻو انتهائي شاندار گذريو ... هاڻ هو اسڪول داخل ٿيڻ جهڙو اچي ٿيو .. کيس بهترين ذهني افزائش جي هر سهولت سان آراسته اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ... عاليشان ايئرڪنڊيشن موٽرڪار، ڊرائيور سميت هر وقت خدمت ۾ حاضر ... تربيتيافته استادن جي نگرانيءَ ۾ هي صاحب روشن ٿيندو رهيو ...

    ڪانڊيري کي ماءُ پاڻ سان گڏ ٻنين ڏانهن وٺي وڃڻ شروع ڪيو ... هيءُ به ماءُ جي ڪاٺي ڪلي ، گاه پٺي ڪرڻ ۾ مدد ڪرائيندو هو ... ڦاٽل ميرا ڪپڙا، پيرين اگھاڙو ... تتي ٿڌي ... ڪابه وندر ڪون ..رستي ويندي ٻيرِ جي وڻ مان ڇڻيل ڪو ٻيرُ کڻي کائڻ سندس ورونهه ... تلاءَ ڀِڪَ بيهي ننڍڙين مڇين کي ڦوڙ هڻي مزو وٺڻ ... هِنَ هُنَ ٻوٽي تي ڦرندڙ پوپٽن پويان ڊوڙڻ ۽ کين پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ ... ماڻهس ڪم ڪار لاهي، گاه جي ڀري مٿي تي ... ڪجھه ڪاٺيون پنهنجي بگل ۾ ته ڪجھه ڪانڊيري جي ڀاڪر ۾ ... ڪِجھندا ڪُرڪندا اچي سج لٿي گھر ڀيڙا ٿيندا ...

    سارنگ مئٽرڪ جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو ... کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو ... ڪار ته هو اڳ ئي هلائيندو هو پر هاڻ کيس پنهنجي ذاتي نئين ڪار خريد ڪري تحفي طور ڏني وئي ... واه 1 کيس سٺو سِلو مليو ... صاحب خوش ...

    ڪانڊيرو ٻارنهن چوڏهن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ کي پوليس رڍن جي چوريءَ جي الزام ۾ پڪڙي وئي ... هو بيڏوهي هو پر پوليسوارن ماري ماري هڪ ڄنگھه ڀنڃي وڌي ... رَڙَندو رهيو، ڪوڪون ۽ دانهون ڪندو رهيو ... بيگناهيءَ جي قسم کائيندو رهيو پر ڪنهنکي به سندس روح تي رحم ڪونه آيو ... ڪيس چالان ڪري کيس جيل اماڻيو ويو ... نه ڪو اوهي نه واهي، نه پڇڻ وارو ۽ نه وري ضمانت ڏيڻ وارو ... نه پئسو نه پائي ... مٿان وري رڍون به ڍڪ حوالي ۽ ايئن هو غريب جيل جي چڪيءَ جا چڪر چوريندو رهيو ...

    هيڏانهن ڪانڊيري ۽ سندس ماءُ جي حالت ٿر جي اڃايل ڌرتيءَ جيئان هئي جا ابر آسري اڀُ ۾ اکيون اٽڪائي بيٺي هجي ... ان ڌاري نانيءَ به راه اجل ورتي ... نه موڙي نه مال ... نه ڍور نه ڍڳو ... هاڻ پيٽ جي باه ڪيئن وسامجي ۽ زندگيءَ جون ضرورتون جي هونءَ به ڪي گھڻيون ته ڪونه هيون پر تڏهن به ڪٿان پوريون ٿين؟ گھر ۾ به ڪا اهڙي شيء ڪانه جا کپائي مڙوئي گذارو ڪنِ ... نه ڪو ڏيڻ وارو ۽ نه حال ڀائي ... ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آين ... ها1 آخر ۾ آلين اکين سان اباڻا پکا ڇڏي ڪنهن اڻ سوچيل ۽ اڻ ڏٺل منزل ڏانهن راهي ٿيا ...

    اڄ ڊيفينس سوسائٽي جي ان بنگلي ۾ جشن جو سمان آهي ... هرطرف خوشي ئي خوشي ... بنگلو آسمان تي ستارن جي جھرمٽ جيئان... روڊ جي ٻنهي پاسين حدنظر آيل مهمانن جون شاندار موٽرون ... دروازي تي چاڪ چوبند چوڪيدارَ هر ايندڙ ويندڙ کي پئي سلاميو ... بنگلي جي ٻاهر واري پڌر تي عاليشان خيمي اندر هڪ پاسي چانديءَ جھڙن وارن سان وڏي عمر وارا امير ۽ رئيس پنهنجين وڏين وڏين ڳالهين سان هڪ ٻئي جي وندر ۽ ورونهن بڻيل ... ٻئي پاسي نوجوان نينگر ۽ نينگريون نينهن نڀائيندي هلڪا هلڪا ٽهڪڙا ڏيندي، شرمائيندي، ڳالهائيندي، پيئندي ۽ کائيندي ،،، تحفا ۽ تعريفون ڏيندي ٻهڪي رهيا آهن ... ٽين پاسي وري بنگلي جي باغ ۾ لڳل پينگھن تي ٻارڙن جون ٻوليون ۽ ميلا ... ڪي لڏن ته ڪي لوڏن ... هڪ ٻئي کي چاڪليٽ ۽ چوئينگم کارائيندا ... مسخريون ۽ مذاقون ... مطلب ته ڇا ته مزو لڳو پيو آهي ....

    سارنگَ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ پهريون درجو کڻي پاس ٿيو آهي ... اڄ سارنگ جو پنجويهون ڄم ڏهاڙو آهي ... اڄ ئي سندس هم رتبه خاندان جي من موهڻي نينگريءَ سان مڱڻو رٿيل آهي ... انهن ڍير ساترين خوشين جي حوالي سان صدقي ۽ خيرات جو بندوبست پيڻ ٿيل آهي ...

    حالتن جي ماريل انسانن جي هڪ ڊگھي قطار ... پوڙها ، ٻار ، جوان مرد توڙي عورتون ... اڻڀيل وار ... ڦاٽل ڪپڙا ... پيرين اگھاڙا ... پيٽ بکايل ... اکيون بيرونق ... سِڪَنِ لاءِ سڪي رهيا آهن ته ڪڏهن ٿو وارو اچي ...

    اجھون هينئر هڪ پوڙهي ... اکين کا جڏي ... چيلهه کان چٻي ... هڪُ هٿ لٺِ ۾ ٻيو هٿ هڪ ڏٻري، بيحال ، گدلي ، چتين لڳل ويس واري جوان جي ڪلهي تي ، اچي قطار جي آخر ۾ بيٺي آهي ... نوجوان کيس آهستي آهستي اڳتي ڇڪي رهيو آهي ...

    ” پٽَ ڪانڊيرا خيرات ملندي؟“
    ” هائو امان ... ڳڻتي نه ڪر ... اجھو پنهنجو وارو اچڻ وارو آهي “ ڪانڊيري ماءُ کي دلاسو ڏنو ...

    آخر سندن وارو آيو ... سارنگ جي هٿ تي ڪجھه سڪا اچي ڪريا ... ٻنهي خوش ٿيندي دعا ڏني

    ” الله تنهنجو ڀلو ڪري ، رب توکي هميشه ڪامياب ڪري “

    سارنگ! جيترو ڪامياب .............ڪانڊيرو! اتروئي ناڪاره
    سارنگ! روشنيءَ کان روشن ............ڪانڊيرو! اٿاهه انڌيرو
    سارنگ! اڀَ تي تارو ...........................ڪانڊيرو! ڪارو چُٽو
    سارنگ! سهڻو سينگاريل ................ڪانڊيرو! حالتن جو ماريل
    ٻنهي نوجوانن جي زندگيءَ ۾ ايڏو وڏو فرق ... ڇو ۽ ڇالاءِ ؟ ... ڪير ڏوهي آهي انجو؟
    الله؟
    سماج؟
    معاشرو؟
    رياست؟
    ڪير؟ ڪير؟ ڪير؟
    آهي ڪوئي جو ان سوال جو حل ڪڍي !!!!!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    [​IMG]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سائين بس۔۔۔۔۔ لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    بيشڪ لکئي ۾ اسانجو ايمان آهي ۔۔۔ پر اهو به ايمان آهي ته جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ نه ٿي بدلائي انجي حالت الله به نٿو بدلائي ۔۔۔ اهو فرمان پڻ رب العالمين جو آهي ۔۔۔

    اسانجي سماج ۾ ئي ايترو فرق ڇو نظر اچي ٿو۔۔۔؟، جڏهن ته ترقي يافته قومن جي سماج ۾ جيتوڻيڪ امير ۽ غريب جو فرق آهي پر ايترو گهرو ۽ ظالمانه ناهي ۔۔۔ ڇو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سائين قبلا اهڙا اوکا سوال نه ڪيو رب ڪريم ته بي نياز آهي ان جي شان ۾ ڪجهه به نه چئبو
    الله الصمد بي نياز ســــا ڪري جا چاهي
    انهيء ۾ آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي ۔

    باقي سماج کي الله ۽ الله جي رسول غريبن جي مدد لاء حڪم ڪيو آهي اگر ائين حڪم جي بجا آوري ٿئي ته منهنجي خيال ۾ اوهان جي سوال جو جواب مڪمل ٿي پوندو . الله تعالي ته فرمائي ٿو ته منهنجي عبادت ۾ اگر ڪوتاهي قصور ڪيو ته تڏهن به توهان مسڪينن کي کارايو ته مان پنهنجي عبادت ۾ ڪيل ڪوتاهي معاف ڪري ڇڏيندس. ظهار ۽ روزي ڀڃڻ جي ڪفارت ۾ الله فرمايو ته توهان 60 مسڪينن کي کارايو
    [FONT="Al_Mushaf"]فَإِطْعَامُ سِتِّينَ مِسْكِيناً[/FONT] سورة مجادلة آيت 4
    محبوب عليه الصلوة والسلام جن فرمايو
    [FONT="Al_Mushaf"] عن عائشة أن رسول الله صلى الله عليه وسلم قال ثم ليس بالمؤمن الذي يبيت شبعانا وجاره جائع إلى جنبه [/FONT] المستدرک علي الصحيحين ص 15 ج 2
    [FONT="Al_Mushaf"]عن عبد الله بن أبي مساور قال سمعت بن عباس وهو يبخل بن الزبير ويقول سمعت رسول الله صلى الله عليه وسلم يقول ثم ليس المؤمن الذي يبيت وجاره إلى جنبه جائع هذا حديث صحيح الإسناد[/FONT] المستدرک علي الصحيحين ص 184 ج 4 ، سنن البيهقي ص3 ج 10 ، شرح معاني الاثار ص 27 ج 1
    يعني اهو مومن نه آهي جو پاڻ ته رات پيٽ ڀري گذاري پر ان جو پاڙي وارو (مسڪين) ان جي پاڙي ۾ بکيو رهي .


    پاڙي جي حقن متعلق مزيد محبوبن فرمايو
    [FONT="Al_Mushaf"]عن أبي هريرة رضي الله عنه قال ثم قيل للنبي صلى الله عليه وسلم إن فلانة تصوم النهار وتقوم الليل وتؤذي جيرانها بلسانها فقال لا خير فيها هي في النار قيل فإن فلانة تصلي المكتوبة وتصوم رمضان وتتصدق بأثوار من إقط ولا تؤذي أحدا بلسانها قال هي في الجنة [/FONT] المستدرک علي الصحيحين ص 184 ج 4
    يعني جيڪو هميشه روزا رکي سڄي رات بيهي نمازون پڙهي پر پاڙي واري کي ايذائي ان ۾ ڀلائي نه آهي اهو جهنم ۾ ويندو پر جيڪو فقط رمضان جا فرضي روزا رکي ۽ فرضي نمازون پڙهي ۽ ٿورو ڪجهه خيرات ڪري پر پاڙي واري کي نه ايذائي اهو جنتي آهي.


    مسڪينن جي کاڌي کارائڻ لاء الله تعالي نيڪوڪارن جو وصفون بيان ڪندي فرمائي ٿو
    [FONT="Al_Mushaf"]وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَى حُبِّهِ مِسْكِينًا وَيَتِيمًا وَأَسِيرًا [/FONT](76:8) سورة الدهر (الانسان )
    ۽ باوجود جو کين به ضرورت ( ۽ حاجت) آهي پر ان هوندي به مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي کارائن ٿا.

    [FONT="Al_Mushaf"]إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لَا نُرِيدُ مِنْكُمْ جَزَاءً وَلَا شُكُورًا (76:9) [/FONT] سورة الدهر (الانسان )
    ۽ چون ٿا ته اسان توهان کي خالص خدا ڪارڻ کارايون ٿا نه توهان کان عوض گهرون ٿا نه شڪريه جا طلبگار آهيون.

    محبوبن مزيد مسڪينن کي کارائڻ لاء ترغيب ڏيندي فرمايو ته بکيي جگر کي ڍو ڪري کارائڻ ڀلي ۾ ڀلو صدقو آهي .

    [FONT="Al_Mushaf"]هشام بن حسان قال سمعت أنس بن مالك يقول قال رسول الله ص أفضل الصدقة ان تشبع كبدا جائعا[/FONT]
    شعب الايمان ص 217 ج 3 الترغيب والترهيب ص 36 ج 2 ڪشف الخفاء ص 178 ج 1 تحفه الاحوذي ص 478 ج 5



    غريب هجڻ واقعي دنيا جي نظرن ۾ تڪليف جو باعث آهي ليڪن محبوبن پاڻ مسڪيني کي پسند فرمايو آهي سندن فرمان آهي ته يا الله مونکي مسڪين ڪري جيار ۽ مسڪين ڪري دنيا مان گهراء ۽ قيامت ۾ مونکي مسڪينن سان گڏ اٿار .


    [FONT="Al_Mushaf"] عن أبي سعيد رضي الله عنه قال سمعت رسول الله صلى الله عليه وسلم يقول ثم اللهم أحيني مسكينا وتوفني مسكينا واحشرني في زمرة المساكين وإن أشقى الأشقياء من اجتمع عليه فقر الدنيا وعذاب الآخرة هذا حديث صحيح الإسناد [/FONT] المستدرک علي الصحيحين ص 358 ج 4 سنن البيهقي الکبري ص 13 ج 7
    [FONT="Al_Mushaf"]عن أبي سعيد الخدري قال أحبوا المساكين فإني سمعت رسول الله صلى الله عليه وسلم يقول في دعائه ثم اللهم أحيني مسكينا وأمتني مسكينا واحشرني في زمرة المساكين
    [/FONT] سنن ابن ماجه ص 1381 ج 2
    [FONT="Al_Mushaf"] وروي عنه أنه قال اللهم أحيني مسكينا وأمتني مسكينا [/FONT] تفسير قرطبي ص 169 ج 8

    [FONT="Al_Mushaf"] عن أنس أن رسول الله صلى الله عليه وسلم قال ثم اللهم أحيني مسكينا وأمتني مسكينا واحشرني في زمرة المساكين يوم القيامة فقالت عائشة لم يا رسول الله قال إنهم يدخلون الجنة قبل أغنيائهم بأربعين خريفا يا عائشة لا تردي المسكين ولو بشق تمرة يا عائشة أحبي المساكين وقربيهم فإن الله يقربك يوم القيامة[/FONT]
    ترمذي ص 577 ج 4 سنن البيهقي الکبري ص 12 ج 7

    ترجمه : يا الله مونکي مسڪين ڪري جيار ۽ مسڪين ڪري دنيا مان گهراء ۽ قيامت ۾ مونکي مسڪينن سان گڏ اٿار ان تي ام المومنين بي بي عائشه رضي الله عنها عرض ڪيو ته يا رسول الله اوهان مسڪيني کي ڇوٿا ترجيح ڏيو ته پاڻ فرمايائون ته اهي مسڪين شاهوڪارن کان 40 خريف اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيندا اي عائشه مسڪينن کي نه موٽائجان ڀلي کڻي هڪ کارڪ جو ٽڪر هجي ته به انکي ڏجي ۽ مسڪينن سان محبت رکجان ۽ انهن کي قريب رکجان الله تعالي قيامت ۾ توکي مقرب بنائيندو.




    [FONT="Al_Mushaf"] عن أبي هريرة قال ثم كان جعفر بن أبي طالب يحب المساكين ويجلس إليهم ويحدثهم ويحدثونه وكان رسول الله صلى الله عليه وسلم يكنيه أبا المساكين [/FONT]
    حضرت جعفر طيار بن ابي طالب رضي الله تعالي عنه مسڪينن سان محبت ڪندو هو ۽ انهن سان ڪچهري ڪندو هو ان ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ان کي ابوالمساڪين سڏيندا هئا .


    [FONT="Al_Mushaf"]قال الشافعي رحمه الله تعالى ..... أن الله سبحانه خير النبي صلى الله عليه وسلم بين أن يكون نبيا ملكا وعرض عليه مفاتيح خزائن الدنيا وبين أن يكون نبيا مسكينا فشاور جبريل فأشار عليه بالمسكنة فاختارها فلما اختارها وهي أعلى المنزلتين [/FONT] تفسير قرطبي ص 162 ج 14
    امام شافعي ٿو فرمائي ته الله تعالي محبوبن کي اختيار ڏنو ته نبي بادشاه ٿئي ۽ کين دنيا جي خزانن جون ڪنجيون پيش ڪيون ويون يا نبي مسڪين يعني نبوت سان گڏ بادشاهي يا نبوت سان گڏ مسڪيني انهن ٻنهي ڳالهين ۾ محبوبن کي الله تعالي اختيار ڏنو پاڻ حضرت جبرائيل عليه السلام ڏانهن مشوري طور ڏٺائون ته حضرت جبرائيل مسڪيني واري پاسي اشارو ڪيو پاڻ ان مسڪيني کي اختيار ڪيائون اڳتي لکي ٿو ته اها مسڪيني ٻنهي منزلن ۾ اعلي منزل آهي جو محبوبن جي پسند آهي.
    اصل سبب اهو جو اڪثر دولت گهڻي غرور ۽ تڪبر جو سبب بنبي آهي ۽ مسڪيني صبر ۽ شڪر جو سبب بنبي آهي ان ڪري درجات ۾ بلندي ٿيندي آهي.
    اهڙي طرح هن روايت ۾ آهي ته
    [FONT="Al_Mushaf"]عن أبي هريرة قال قال رسول الله صلى الله عليه وسلم ثم من أصبح منكم اليوم صائما قال أبو بكر رضي الله عنه أنا قال فمن تبع منكم اليوم جنازة قال أبو بكر رضي الله عنه أنا قال فمن أطعم منكم اليوم مسكينا قال أبو بكر رضي الله عنه أنا قال فمن عاد منكم اليوم مريضا قال أبو بكر رضي الله عنه أنا فقال رسول الله صلى الله عليه وسلم ما اجتمعن في أمرىء إلا دخل الجنة
    [/FONT] صحيح مسلم ص 713 ج 2
    هڪ دفعي محبوبن پڇيو ته اڄ ڪنهن صبح ڪئي آهي روزيدار ٿي حضرت ابوبڪر رضي الله عنه عرض ڪيو ته سائين مون، پاڻ فرمايائون ته جنازه ۾ ڪير شريڪ ٿيو آهي حضرت ابوبڪر رضي الله عنه عرض ڪيو ته سائين مان شريڪ ٿيو آهيان، پاڻ فرمايائون ته اڄ مسڪين کي ڪنهن کارايو آهي حضرت ابوبڪر رضي الله عنه عرض ڪيو ته سائين مون کارايو آهي، محبوبن فرمايو ته مريض کان اڄ ڪنهن پڃيو آهي حضرت ابوبڪر رضي الله عنه عرض ڪيو ته سائين مون مريض کان به پڇيو آهي محبوبن فرمايو ته جنهن به شخص ۾ اهي ڳالهيون گڏ ٿينديون يعني روزو به رکي مسڪينن کي به کارائي بيمارن جي تيمارداري وغيره به ڪري اهو جنت ۾ داخل ٿيندو.

    مسڪيني خراب نه آهي بس اسان ۾ ڪوتاهي آهي ورنه ڪو محتاج شڪايت ئي نه ڪري پر اسان هيترن فرمانن هوندي عمل نه ٿا ڪيون الله تعالي اسان کي عمل جي توفيق ڏئي آمين.
    محبوب مسڪين هئا مڪي جي قريشن کي اهوئي اعتراض هو ته اسان هيترا وڏا وڏا مالدار ويٺا آهيون اسان کي نبوت ڇونه ملي اچي اچي ان يتيم کي ملي رسم ورواج مطابق دايون نپائڻ لاء محبوبن کي کڻي وڃڻ ۾ لنوائن پيون ته ان محبوب جي پالنا ڪرڻ مان اسان کي دنيا جو فائدو ڪونه ملندو ليڪن اوهان ڏٺو ته اهو در يتيم ڪائنات جو سردار بنيو
    حضرت موسي عليه السلام کان فرعون مال ملڪيت ۾ وڌيڪ هو ليڪن اوهان کي معلوم آهي ته ڪاميابي الله تعالي موسي عليه السلام کي نصيب ڪئي اهڙا کوڙ مثال آهن
    ائين به ڪونهي ته امير هجڻ ئي سڪون جو باعث آهي مجنو ڏسو شهزادو هو پر ان کي اميري ۾ سڪون ڪونه آيو اهڙا کوڙ سار مثال آهن
    ڀٽائي گهوٽ به فرمائي ٿو:

    ســـکين ٿي مَ سَنري ، پَـــسي ڏُک مَ ڏَرُ
    پَـٽي ڪَرمَ پانهنجو ، گهوري ! اَڏِمَ گهرُ،
    مـــــــــــــاري! هَڏِمَ مرُ، مَڃُڻِ جي جيارئين.

    سسئي 1 15

    سَگَهنِ سُڌ نه سُور جي ، گهايَــلَ ڪيئن گهارِينِ ،
    پـــيــــــــلَ پاســـــــو پَــــــٽَ تـان ، واڍوڙَ نه وارين،
    پَــرِ ۾ پَــچَنِ پِـــرينءَ لئي، هَيء ! هــنجون هارِيــن،
    ســــڄـــڻُ جـــي ساريــنِ، تــن رويو وهامي راتــڙي.

    يمن ڪلياڻ 1 18.

    سُــورُ جنين کي سَريو، سَري تن صحت ،
    مِـــٺي مــصيــبت آهي عاشــقـــن کي .

    يمن ڪلياڻ 8 3

    ســـرجي تان ســـور! سـاماڻي تان سک ويا ،
    اهــــي ٻــــئي پـــــور نــــماڻي نصيب ٿيا.

    حسيني 2 8

    سکن واري سڌ مٿان ڪا مون سين ڪري،
    انــــــدر جــنين اڌَ ، ڏونــگرَ سي ڏوريــنديــون.

    ڏک سکن سونهن..
    پر
    مانـــــــدي ٿي نه ماروي تــــنـــهــــنـــــجو الله بــــه آهي
    ســـــون ورهــــــــــــن جـــــــا ڏکــــڙا لــــحــــظي ۾ لاهي
    اهڙوئي مالڪ آهي جو ماڳ پــهــچائــيندئي مـــاروي.


    ســــمر جــنــين نه ساڻ ، هـوت حـمايـتـي تــن جـــــــو،
    ڪـــــري ڇَــــيــڄَ ڇَــپَـــرَ ۾ ، پُـنهــون ايـنــدو پــــاڻَ.
    ٿـنـيـدي ريــجهــه رهـاڻِ ، لـحظي منجهه لـطيف چئي.

    ديسي 5 5
    سائين ائين به نه آهي ته هر امير ماڻهو سڪون ۾ آهي ۽ هر غريب ناخوش آهي عمر امير هو پر مارئي جي ڳالهه نه مڃڻ ڪري خوش ڪونه هو ماروي غريب هئي پر ايتري ڌن دولت تي به خوش نه ٿي پر ان جي خوشي ان سادگي واري کاڌي ۽ لباس ۾ هئي اوهان کي ته معلوم هوندو ته نائين ڪلاس جي انگريزي ۾ هڪ نظم آهي The Miller Of the Dee يعني ڊي چڪيء وارو جيڪو محنت ڪندو هو ۽ مسڪين هو پر ڏاڍو خوش هوندو هو سڄو ڏيهن خوشيء مان پيو ڳائيندو هو اتان بادشاه لنگهيو ته ان کي ڏسي چيائين ته اها دل پاڻ واري مونسان سودو ڪر تنهنجي ميري ٽوپي منهنجي بادشاهي تاج کان بهتر آهي. ها باقي ڪي مسڪين واقعي ڏکن ۾ آهن ليڪن عرض ڪيم ته ان ۾ سماج جي ڪوتاهي آهي ان ۾ اسان به شامل آهيون اگر صحيح اسلامي نظريي مطابق مسڪينن جي پر گهور ٿئي ته هوند ڪافي مسڪينن جا ڏک لهي وڃن.
    ۽ قبلا امير به اگر خوش آهي ته مسڪين جي ئي ڪري خوش آهي ان جي گاڏيء کي صاف ڪرڻ وارو مسڪين ان جا جوتا پالش ڪرڻ وارو مسڪين ان جا ڪپڙا استري ڪرڻ وارو مسڪين مطلب مسڪين نه هجي ته امير خود سورن ۾ هجن . مسڪين محنت جي ڪري گهٽ بيمار ٿئي امير ڪجهه به نه ڪرڻ ڪري اڪثر بيمار. سائين هي مون پنهنجي سمجهه آهر لکيو آهي اوهان جي ذهن ۾ ڪهڙي ڪيفيت آهي ان کي ته اوهان ئي بهتر سمجهي سگهو ٿا.
    نوٽ : اگر عربي عبارت سمجهه ۾ نه اچي ته المصحف فونٽ انسٽال ڪندا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سائين رحيم بخش صاحب۔۔۔ اوهان اصل لاجواب ڪري ڇڏيو۔۔۔
    باقي سائين نثار صاحب۔۔۔ الله پاڪ صدقي ۽ خيرات جو نظام به انهن فقيرن ۽ مسڪينن جي ڀلائيءَ لاءِ ئي رکيو آهي۔۔۔ ايتري تائين جو هڪ عيد جو مفهوم ئي فطري سان آهي جيڪو غريبن کي ادا نه ڪجي ته عيد عيد نه آهي۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سڀ کان پهريائين ته مٺڙي مست ۽ سهڻي ڀاءُ رحيم بخش جا ٿورا جو، دوستن ڪهاڻي پڙهي جواب به ڏنا ۔۔۔ ٻين ڪافي دوستن پڙهي به آهي پر ممڪن ڪهاڻيءَ جي آخر ۾ ڪيل سوالن جو جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو هجي يا وري ۔۔۔ سوچ ۾ هجن ته هي ڪهڙا سوال آهن؟ ڪهڙي چريائپ آهي؟ وغيره

    ادا مست لوه قلم ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ صدقي خيرات ۽ فطري ڏيڻ جي تلقين ڪندي سماج اندر غريبي ۽ مفلسيءَ کي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔

    بلڪل، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته انسان جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي، هو تخليق آهي ۽ تخليقار جي لکيل ليک جي زندگي گذاري ٿو ۔۔۔۔

    بلڪل، ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هر وس وارو ۽ مالدار ماڻهون، پنهنجي مال مان مناسب حصو الله جي راه ۾ خرچ ڪري ۽ مسڪينن، گهرجائو انسانن جون وس آهر گهرجون پوريون ڪري ته هوند ڏسڻ ۾ اچڻ واري اگهاڙي غربت گهٽ ٿي وڃي ۔۔۔۔

    اسانجي پياري، محترم، سنڌ سلامت جي استاد دوست رحيم بخش ته پنهنجي علم جي پالوٽ سان هن ڪهاڻي جي جواب ۾ اهڙو ڏيئو ٻاريو آهي جو سمجهه واري ذهن لئه هڪ صاف روشني آهي ۔۔۔

    ڪلام الاهي، الله جي پياري رسول صلي الله وسلم جي قولن ۽ سنڌ جي سڄڻ ڀٽائي رحمت الله عليه جي بيتن جي مدد سان لکيل هي ليک انتهائي سهڻو، نصيحت آميز ۽ پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي، جنهنجو ڪو جواب ناهي ۔۔۔

    مون پنهنجي ڪهاڻيءَ جو بنياد هڪ ئي وقت ۾ پئدا ٿيندڙ ٻن جيون تي رکيو آهي ۔۔۔ هن ڪهاڻي جي آخري سوالن کان اڳ ڪجهه مختصر جملن ۾ ڪهاڻي کي سمائڻ جي ڪوشش ڪجهه هن ريت ٿيل آهي ۔۔۔
    ان ڪهاڻيءَ کي مختصر ڪندي مون هيٺيان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ شايد هڪ ليکڪ جي حيثيت سان مون پاڻ کان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ اوهان دوستن کان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ علم وارن کان سوال ڪيا آهن۔۔۔ سماج جي ماهرن کان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ سياستدانن کان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ مذهبي اڳواڻن کان سوال ڪيا آهن ۔۔۔ سوال ڪجهه هي آهن؛
    اسانجي دوست، مٿي ڏنل شاندار ليک ۾ غريبي ۽ مسڪيني جي خوبين جي حمايت ۾ جيڪو مدلل بحث ڪيو آهي، اهو پنهنجي جاءِ ته تمام سهڻو آهي پر منهنجن سوالن جو جواب ناهي ۔۔۔ ها دوست ڪجهه دٻيل لفظن ۾ ٻن جاين تي سماج جو نالو ضرور کنيو آهي ۔۔۔ مثلن
    مطلب ته منهنجن سوالن جي جواب ۾ مانواري رحيم بخش جي نظر ۾ م ”سماج“ ذميوار آهي

    ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ۔۔۔ لک جي ڳالهه آهي ۔۔۔

    ڀلا سماج آهي ڇا؟
    اڄ جي جديد علمن مطابق سماج جي تشريح ڪجهه هن ريت ڪئي ٿي وڃي ۔۔۔

    انساني سماج صرف ڇڙ وڇڙ ماڻهن جي گروهه جو نالو ناهي هوندو ۔۔۔ سماج ڪو ٻيلو ناهي هوندو جنهن ۾ هر جانور پنهنجي جان جي پاڻ حفاظت ڪري يا هر جانور پنهنجو شڪار پاڻ ڪري کائي ته ٺيڪ نه ته بک مري وڃي ۔۔۔ سماج ڪا اهڙي به شئي ناهي جنهن ۾ جي ڪو امير خئير ڪڍي ته ٺيڪ ۽ جي نه ڪڍي ته ٻيا بک تي ئي سمهي رهن ۔۔۔

    سماج هڪ مڪمل نظام جو نالو هوندو آهي جنهن جي پناهه ۾ هر ماڻهون اچي ويندو آهي، جنهنجي قبضي ۾ ان علائقي جا سڀ وسيلا اچي وڃن ٿا ۔۔۔ جنهن جي اندر امن ۽ سڪون سان رهڻ جا قانون هوندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حق ۽ سچ جي حمايت ۾ دائرا ٺهيل هوندا آهن، سماج جي اندر انصاف جو حصول آسان هوندو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شخص کي اها اجازت ناهي هوندي ته هو ڪنهن ٻي انسان جو حق غضب ڪري، مال کائي وڃي يا جان وٺي ڇڏي يا سندس عزت تي حملو ڪري ۔۔۔

    سماج جون ٻه اهم سگهاريون ڌريون هونديون آهن،
    1۔سماج جا رهواسي
    2۔ سماجي انتظاميه

    سماج کي ٻين لفظن ۾ قوم چئجي ٿو ۔۔۔ هڪ زمين جو اهڙو ٽڪڙو جنهن ۾ هڪ مناسب انگ ماڻهن جو رهندو هجي ۔۔۔ ان زمين جي مٿان پئدا ٿيندڙ اناج نباتات هجي يا انجي اندران نڪرندڙ خزانا، ان زمين جي هوا هجي يا پاڻي، ان قوم جا سڀ رهواسي ان جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خلقڻهار هن ڌرتيءَ ۽ هن ڪائنات ۾ ايتريون ته نعمتون سمائي ڇڏيون آهن جو هوند هر انسان کي هڪجيترو به ملي وڃي ته کٽي ڪونه ۔۔۔

    اهڙي نموني هر سماج يا قوم وٽ رب العالمين طرفان ايترو ڪجهه موجود هوندو آهي، جو جيڪڏهن انجو صحيح استعمال ٿئي ته ڪو به انسان ڏکيو يا ضرورت کان وانجهيل زندگي نه گذاري ۔۔۔

    هاڻ سماج جو هڪ جزو ٿيا ماڻهون ۽ انهن ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي ۔۔۔سماج جو ٻيو اهم ۽ ڪارائتو حصو هوندو آهي ۔۔۔ سماجي يا قومي انتظاميا ۔۔۔ جنهنکي اسين قومي حڪومت چوندا آهيون ۔۔۔ حڪومت سگهاري ۽ ماهرن سان سنواريل هوندي ته، ماڻهن جي گروهه ۽ ان جي پيرن هيٺان موجود زمين جي خزانن جي وارثي ڪندي هڪ اهڙو ته انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏيندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جون صلاحيتون ۽ وسائلن جي ورڇ عادلانه هوندي آهي ۔۔۔ جنهن سبب اهي قومون يا سماج دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چوندا آهن ته اسين ترقي يافته آهيون ۽ اسان وٽ انصاف ۽ عدل وارو نظام آهي ۔۔۔
    اتان جو غريب هجي يا امير انکي ترقي ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن ۔۔۔ هن وقت دنيا ۾ ڪيترا سماج ۽ اهڙيون قومون آهن جن وٽ حڪومتي نظام جي مّضبوط سرشتي هجڻ سبب، پنهنجن ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه هڪ نه بيهندڙ عمل موجود آهي ۔۔۔

    هن وقت آمريڪا ، آسٽريليا ، ايشيا ، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ڪيتريون ئي قومون آهن جن وٽ پنهنجي سماج کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا نظام موجود آهن ۔۔۔ انهن وٽ غريب به آهي پر عزت جي زندگي گذاري ٿو، امن جي زندگي گذاري ٿو، ضروريات زندگي کي حاصل ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ان جي حاصلات ۾ حڪومتي ۽ سماجي سرشتا ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا ۔۔۔ سندس قانوني حق موجود آهن، سندس قومي شناختي ڪارڊ ئي سندس راشن ڪارڊ به آهي ته تعيلم حاصل ڪرڻ جو ذمانتنامو به ته، سندس اهو ڪارڊ بئنڪ مان قرض وٺڻ جو شهادو به ته عدالت ۾ ڇاتي تي مڪ هڻي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق به رکيٿو ۔۔۔

    اهڙو انڌير جهڙو پاڪستان يا برصغير جي قومن ۾ آهي، اهو نهته اسلام آهي، نه سماج آهي، نه ئي واري ڪو سياسي سرشتو ۔۔۔ جيڪو ڏاڍو سو گابو ۔۔۔ جنهنجي هٿ ۾ پئسو ته هر شئي ان لئه ۽ جنهن وٽ پئسو ناهي ته سندس ڪا حيثيت ئي ناهي ۔۔۔

    ادارا جيڪي ڪنهن سماج جي ڀلي لئه ٺاهيا ويندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حڪومتي ادارا به اچي وڃنٿا ۔۔۔ اهي سڀ ناڪاره ئي نه پر سماج لئه نقصانڪار ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔ سياسي علم حاصل ڪري مان ڪمائڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ سياست کي هڪ ڪني گار چيو وڃي ٿو ۔۔۔ ۽ سياست هڪ گورک ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔

    آخر انجو حل ڇا آهي ۔۔۔؟

    انجو حل به انهن ٻن طاقتن جي گڏجي اصلاح ڪرڻ ۾ سمايل آهي ۔۔۔ سماج جا رهواسي سماجي قدر پئدا ڪري ۔۔۔ منصفاڻي حڪومت قائم ڪن ۔۔۔ مطلب ته سماج ۾ ڀلائيءَ جو تخيل مضبوط ٿيندو ۽ ان تصور جي ماتحت جيڪو نظامي سرشتو ٺهندو ۔۔۔ اهو قومن کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ سرخرو ڪندو ۔۔۔

    آخر ۾ آءُ سنڌي قوم کي قرآن شريف جي هن ننڍڙ پر سڀ کان وڏي آيت کي سمجهڻ ان تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ۔۔۔

    جي مٿي ڏنل آيت سمجهه ۾ اچي وڃي ته سمجهو آخرت به سٺي ته هي جهان به سٺو ۔۔۔ رب العالمين اسان سنڌين کي حق ۽ سچ جي سڃاڻ جي سانڃهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سائين قبلا اسان جو هڪ دوست آهي اهو اڪثر چوندو آهي سائين صفا ڪو درويش آهين سو قبلا اوهان به درويش صفت آهيو ڳالهه ته اهائي آهي ته اسان الله ۽ الله جي رسول صلي الله عيله وسلم جو ڏسيل رستو ڇڏي ڏنو آهي انڪري پريشان آهيون ڳالهه وڏن جي نه پر سڀني جي آهي وڏن کي مٿي پهچائڻ ۾ اسان جا ووٽ شامل هوندا آهن اسان ووٽ ڏيڻ مهل ڪونه سوچيندا آهيون ته هي ماڻهو الله جي احڪامن تي پاڻ پابند آهي يا نه بس ٻين جي نعرن جي گونج ۾ اسان به ساڻن شريڪ ٿي جيئي فلاڻو خان....... خبر تڏهن پوندي ته فلاڻو خان ته ڪرسيء تي پهتو پر ان تائين اسان ڪيئن پهچون؟ ۽ نه وري پاڻ ئي خان صاحب ڪا ماضي ۾ ڪيل وعدي جي يادگيري ڪيائين ان ڪري سماج ساڳيوئي سورن جو شڪار.
    مسئلو آهي ته ٻلي جي ڳچيء ۾ گهنٽي ٻڌي ڪير ؟ ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم خاطر هڪ دوست مضمون لکيو اهو آواز اندر جو ڀلو پر ان سان ڪيتري رزلٽ نڪري ٿي اهو ڏسڻو آهي سا اوهان جي سامهون آهي اوهان جي اندر جو آواز ته ڀلو پر ان تي عمل ڪيئن ٿئي اوهان صلاح به ڏني مون به اهو عرض ڪيو ليڪن سماج جا پرڪار ڏسي ڏاڍو مشڪل ٿو لڳي ته ڪو سڌارو ٿيندو هڪ ماڻهو جو والد گذاري ويو ڪنهن مولوي صاحب ان لاء دعا گهري ته تنهنجي والد صاحب کي الله جنت نصيب ڪندو فوتي جي پٽ چيو سائين مشڪل! مولوي صاحب چيو ته ابا ڇو چيائين ته سائين ابي جي پرڪارن جي مونکي خبر آهي نه! سو سائين اسان واري سماج جي ته پاڻ کي ڪجهه خبر آهي نه! ته نصيحت کي قبول ڪرڻ لاء ڪيترو سيڪڙو آماده آهن باقي پوء فقط دانهون ته ادا ظلم ٿي ويو۔۔۔۔
    بهرحال اوهان کي جس هجي پنهنجي وس آهر تلقين ڪيو ٿا من ڪو پڙهي حق تي عامل ٿئي حق جو حامي ٿئي من ڪا سجاڳي اچي ۔
    واڪو ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    ادا رحيم بخش؛ اهو ئي ته سور آهي ته سنڌي قوم جي آڏو وڏا وڏا ڏاها بانسريون وڄائيندي وڃي خالق حقيقي سان مليا پر قوم آهي جو ” انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي“

    پر پوءِ به چڱائيءَ جي پرچار ڪندو رهجي ۔۔۔ته من ڪا سڻائي ٿئي ۔۔۔ لک ٿورا دوست
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”ڏوهي ڪير؟ “

    سائين نثار سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔

    پڙهندو رهيس پر جواب ڪونه سجهيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري ڇا جواب ڏيان ۔۔۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌين جا ڏک آهن۔ هڪ سج ٻح پاڇا واري رويت آهي۔ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ٻٽا نظام آهن، غريبن لاء الڳ اسپتالون جتي نه دوا آهي نه ڊاڪٽر پر اميرن لاء اهڙيون اسپتالون آهن جتي وڃڻ سان فرحت مليو وڃي۔ تعليم جو ٻٽو نظام آهي، صفائي جا نظام، رهڻي ڪهڻي جا الڳ نظام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ڇا لکي ڇا لکجي۔

    لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙيء نه وهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام سهڻي ڪهاڻي سائين نثار صاحب جن جي، سائين جا سوال به اهميت جوڳا، ۽ ان جي جواب ۾ سائين رحيم بخش جو ليک تمام وزني ۽ ڄاڻ جي خزاني سان ڀريل، ۔۔۔مان هاڻ ان ٻوڏار ۾ پئجي ويو آهيان ته ڇا لکجي منهنجي عقل ۽ دانشمندي ۾ ايتري سگهي ئي ڪونهي جو ڪو ڪارائتو جواب ڏئي سگهان، پر مان اهو ضرور چوندس ته اسين پاڻ پنهنجي حالت سڌارڻ نٿا گهرون، ۽ ان پاڻ کي نه سڌارڻ جو وڏو ڪارڻ معاشري ۾ طبقاتي نظام آهي، جنهن نظام اسان جي سوچ ۽ اسان جي مزاج کي ڌڪي هڪ ڪنڊ ۾ آڻي رکيو آهي، جنهنڪري اسان ذهني طور پاڻ کي ان ڳالهه تي تيار ڪري ڇڏيو آهي ته اسان غريب پيدا ٿيا آهيون، غربت ۾ ئي رهڻو آهي، ڪا به تبديلي ناهي آڻڻي، تعليم صفا حاصل ناهي ڪرڻي، ڇو ته نوڪريون وڏيرن جي ٻارن کي ملنديون ته پڙهون ڇو؟؟، ڪٿان به امداد ملي ٿي ان جو مطلب اسان ان امداد مان ڪو ڪاروبار کوليو ته امير ٿي ويندا سين ته پو اهي امداد ملڻ واري لسٽ مان خارج ٿي ويندا سين، امداد ملڻ بند ٿي ويندي، ان ڪري غريب ئي رهڻو آهي، غريب سڏائڻو آهي، خيرات جي ماني تي پلجڻو آهي، ڇو ته ان ۾ ڪا به محنت نٿي ڪرڻي پوي، بس پاڻ جون عورتون ۽ انگ اگهاڙا ٻارڙا وڃي قطار ۾ بيهندا، ڍير مانيون، طعام کڻي ايندا، ويهي کائبو۔۔۔اها سوچ آهي هر ان غريب جي جنهن پنهنجي قسمت جا تالا پاڻ بند ڪري وڃي هڪ ڪنڊ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  14. سهڻي پارس

    سهڻي پارس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    758
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اب
    ابا! منهنجي ننڍڙي ذهن ۾ جيڪا ڳاله آئي اُها ونڊيان ٿي ۔مان سمجهان ٿي ته رب جي ذات فقط انسان دنيا ۾ موڪليا باقي سڀ انسان جون پيدا ڪيل ڳالهيون رويا،مذهب،فرقا،ذات پات،دين ڌرم،اڇو ڪارو،سڀ انسان جا ٺاهيل آهن سماج َ اسان کي ناهي ٺاهيو اسان سماجَ ٺاهيو آهي۔۽ اسان ئي بِگاڙيو آهي۔۽ اسان ئي ٺاهي سگهون ٿا سنواري سگهون ٿابس فقط پنهنجي اندرجي انسانيت کي جاڳائڻو پوندو۔اِن ڪهاڻيءَ ۾ اسان سڀ ذميوار آهيون سماج اسان آهيون اسان سان سماج آهي۔نڪي سماج اسان سان آهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مطلب
    مطلب ته اسين پاڻ يعني سماج جا رهواسي ئي ڏوهي آهيون ۔۔۔

    ڏوهي انسان آهي؟ جنهن پنهنجي اردگرد لالچ ۽ لوڀ جا ڪوٽ کڙا ڪري ٻين جا حق ماريا آهن ۔۔

    اوهان تمام سهڻي نتيجي تي پهتل آهيو ۔۔۔ لک قرب منهنجي آکاڻي جو مقصد به اهو ئي آهي ته انسان مافوق الفطرت کي ڏوهه ڏيڻ جي بجا پنهنجي اردگرد نهاري ۽ پنهنجي اصلاح ڪري ته جيئن معاشرو ۽ ڪائنات خوبصورت ٿي سگهي ۔۔۔

    لک قرب اوهانجي سهڻي را ڏيڻ جا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    تمام بهترين تحرير...سڄي دنيا جو ونهوار مشيتِ اِلاهي سان جنهن ريت هلي ٿو ان جي هڪ جهلڪ هن آکاڻي ۾ سمايل آهي..

    پرهن تحرير مان اهو نه سمجهيو وڃي ته الله جي ورهاست ۾ ڪا بي قاعدگي آهي يا نعوذباالله ورهاست ۾ ڪا ناانصافي آهي. الله پاڪ ڏئي بهآزمائيندو آهي ۽ وٺي به آزمائيندو آهي.

    گهڻو وقت اڳ هڪ حڪايت پڙهي هيم..جيڪا ڪجهه هن ريت هئي.

    هڪ محفل ۾ کارڪون ورهائڻ لاءِ هڪ فقير کي چيو ويو.فقير پُڇيو ته پنهنجي طريقي سان ورهايان يا الله جي طريقي سان.
    جواب مليس ته الله جي طريقي سان ورهاءِ، اهو وڌيڪ بهتر طريقو آهي.
    فقير بسم الله پڙهي کجور جو ڀريل ٿالهه کنيو ۽ هڪ پاسي کان شروع ڪيائين. ڪنهن کي مُٺي ڀري ڏنائين ، ڪنهن کي ٻه، ڪنهن کي چار ته ڪنهن کيڪجهه به ڪونه ڏنائين. ڪن کي ته ڪاوڙ ۾ لتون ۽ مڪون به هنيائين. سڄي محفل ۾ ٿرٿلو مچي ويو. فقير کي اڌ ۾ ئي روڪيو ويو.کائس پُڇيو ويو تهفقير سائين هي ڪهڙو ظلم پيا ڪريو.
    فقير جواب ڏنو بابا مون ته اڳ ئي پُڇيو هو ته ڪهڙي طريقي سان ورهايان. توهان چيو الله جي طريقي سان.
    ماڻهن چيو ته الله ته انصاف پسند آهي.
    فقير جواب ڏنو ته برابر الله وڏو انصاف پسند آهي پر الله جي ورهاست جو طريقو ته اهو ئي آهي. ڪنهن کي حد کان وڌيڪ ته ڪنهن کي بلڪل بهڪجهه ناهي ڏيندو.

    بيشڪ الله پاڪ جي هر ڪم ۾ ڪا نه ڪا مصلحت هوندي آهي. الله جي انصاف جو انداز به الڳ آهي. جنهن کي جيترو ملندو حساب ڪتاب به اوترو ئي ٿيندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو