نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا دوستو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو: جيئي سنڌ
ٻه ٽي ڏينهن غير حاضر رهيس جنهن جي معافي ٿو وٺان ۔ ان هوندي به سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن جي حيثيت سان مان پنهنجي ذميورين کان غافل ڪونه هُئس هتي ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن جي حوالي سان واحد سرگرم ناري ڊوليپمينٽ آرگنائزيشن 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو، جنهن ۾ شهر عورتن هڪ شاندار ريلي ڪڍي ۽ عورت ميلو جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ پروگرام مرتب ڪيو، توهان سان هڪڙي ڳالهه اها شيئر ڪندو هلان ته ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز جي خصوصي دعوت تي شهر ڪراچي مان سول سوسائٽي جون عورتون جيڪي مختلف اين جي اوز ۽ عورتن جي حقن واسطي پاڻ پتوڙيندڙ تنظيمن سان لاڳاپيل هيون جن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه سئو جي تعداد ۾ هو ٻن بسن ۾ سوار ٿي ٽنڊو محمد خان جي عورتن سان هم قدم ٿي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ عورت ميلا ۾ شرڪت ڪرڻ آيون هُيون۔ جڏهن ڪراچي مان آيل عورتن جو قافلو شهر جي مشهور اقصى چوڪ تي پهتيون ته شهر ٽنڊو محمد خان جي عورتن محترما شبانه امتياز جي سرواڻي ۾ انهن جو شاندار استقبال ڪيو. ڪراچي مان آيل عورتن جي هٿن ۾ عورتن جي حقن جي باري ۾ لکيل مختلف قسم جا بينر پمفليٽ ۽ پلي ڪارڊ هُئا. اقصى چوڪ کان اهي پيرين پنڌ ريلي جي صورت ۾ عورت ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نظر محمد شاهه دولهه جي پڙ ۾ پهتيون جتي عورت ميلو لڳايو ويو هو. ان موقعي تي 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪڙو مقالو جيڪو محترما شبانه امتياز پاران ورهايو ويو هو. هتي توهان سان شيئر ڪيان ٿو. ان مقالي جي ڪمپوزنگ صرف سنڌ سلامت لاءِ مون ڪئي آهي.
الله تعالى انسان کي اشرف الخلوقات جو شرف عطا ڪيو آهي. انسان جي شرف ۽ عظمت ۾ مرد سان گڏ عورت جو به هڪ اعلى مقام آهي. جيستائين ڪائنات جو وجود قائم آهي ته مرد ۽ عورت جو وجود به قائم رهندو هڪ عورت جا ڪيترائي روپ آهن.ڪڏهن هُوءَ ماءُ جي روپ ۾ محبت ڪري ٿي ته ڪڏهن ڀيڻ جي روپ ۾ گهر جي عزت بڻجي ٿي. ڪڏهن هُوءَ ڌيءَ جي روپ ۾ اکين جو نور بنجي ٿي ته ڪڏهن زال جي روپ ۾ سهارو بڻجي ٿي. عورت هر لحاظ کان معزز آهي، مذهبي ، سماجي توڙي انسانيت جي ناتي سان پڻ. پر اڄ جي ترقي يافته دؤر ۾ اخبارون عورتن تي ٿيندڙ ظلمن سان ڀريون پيون آهن.ڪٿي ڪو غيرتي ڀاءُ پنهنجي نماڻي ڀيڻ کي قتل ڪري غيرتي پُٽ سڏائي معاشري جي منهن ۾ دوڙ وجهي هنبوڇيون هڻندو نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي مُڙس پنهنجي ازلي ۽ نام نهاد حاڪميت کي برقرار رکڻ واسطي پنهنجي وفا شعار زال جو ڳلو ڪپي، انسانيت جي منهن ۾ چماٽون هڻي ڀنگڙو ناچ ڪندو نظر اچي ٿو، ڪٿي وري ڪو سڪيلڌو پُٽ ڪنهن گُلن جهڙي ڪومل عورت جي مُنهن تي تيزاب هاري بيشرمائي سان هو جمالا ڳائيندو نظر اچي ٿو ته ڪٿي وري ڪنهن معصوم نياڻي جا وار جيڪي ان نياڻي جي قدرتي سُونهن جا سڀ کان وڏا علمبردار هوندا آهن اهي وار ڪٽي ڪائنات جي حُسن سان کلواڙ ڪري بي حيائي وارو کيل کيڏندو نظر اچي ٿو ته وري ڪٿي نام نهاد راڄوڻي فيصلن ذريعي 12 يا تيرهن سالن جي نياڻي کي ڪنهن 60 يا ستر سالن جي پوڙهي يا ڪنهن مواليءَ سان پرڻايو وڃي ٿو. ته ڪٿي وري ڏند چٽيءَ عيوض يا ڪجهه پيسن جي خاطر عورت کي کپايو وڃي ٿو. اهڙيون ڳالهيون پڙهندي مونکي حيرت ٿيندي آهي ۽ سوچيندي آهيان ته ڇا اها عورت ئي آهي جيڪا انسان جي وجود ۽ بقا جوسبب آهي. تڏهن منهنجي دل مان آواز ايندو اهي ته نه عورت ته عورت ته وڏي اعلى مقام واري آهي، عورت ته ماحول کي معطر بنائڻ واري هستيءَ جو نالو آهي. مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا اڄ جو دؤر به قديم دؤر وانگر آهي. جنهن ۾ مرد هميشهه عورت کي گهٽ ۽ پنهجي مال ملڪيت جو حصو سمجهند هُئا. ايتري قدر جو هو پنهنجي زال کي بنا ڪنهن سبب جي بي گُناهه ماري قتل ڪرڻ جو به حق رکندا هُئا. ان دور ۾ عورت کي ڪنهن قسم جي ڪابه اهميت ڪانه هوندي هُئي. عرب معاشري ۾ ته عورت کي حقير ترين سمجهيو ويندو هو.جنهن گهر ۾ ڌيءَ ڄمندي هُئي اهي شرمندگي محسوس ڪندا هُئا، ڪيترائي ماڻهو نياڻي پيدا ٿيڻ وقت اُن کي زنده دفن ڪري ڇڏيندا هُئا ۽ سمجهندا هُئا ته هاڻي اسان شرمساري ختم ڪري ڇڏي ۽ هاڻي عزت سان زندگي بسر ڪنداسين. مصر ۾ ته عورت کي جانور سمجهيو ويندو هو،، عورتن لاءِ جانورن وانگر منڊيون کُلنديون هيون، جن ۾ عورتن کي کپايو ۽ خريديو ويندو هو ۽ سرِ عام عورتن کي بازارن ۾ نيلام ڪيو ويندو هو. يورپ ۾ به عورت جي ڪابه عزت ڪانه هوندي هُئي. عورت کي گناهن ۽ بُرائين جي جڙ سمجهيو ويندو هو ۽ چوندا هُئا ته جيڪو عورت جي عزت ڪندو اهو دوزخي آهي. پر جڏهن دين اسلام آيو ته عورت کي ٿوري گهڻي عزت جي قابل سمجهيو ويو. ڏٺو وڃي ته عورت مرد جي برابريءَ جي حقدار آهي. پر خبر ناهي ڇو؟ ان کي گهٽ کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. هر سال 8 مارچ تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو پر افسوس ان هوندي به عورتن کي حد کان وڌيڪ ظلم جو نشانو بنايو ويندو آهي. اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته هر روز ڪروڙن جي تعداد ۾ عورتون ويچاريون بُک تي سمهي پون ٿيون. فيبروري 2010 جي رپورٽ موجب سنڌ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ 48 عورتن جو قتل ٿيو، 195 عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي. نومبر 2009 جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 7571 عورتن تي تشدد جا واقعا ٿيا. جنهن مطابق 1897 عورتن کي قتل ڪيو ويو، 1784 عورتن کي زبردستي اغوا ڪيو ويو، 778 عورتن سان زبردستي جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي ۽ سوين عورتن جي منهن تي تيزاب هاري قدرت جي سُونهن عورت جو چهرو داغدار ڪيو ويو. اهڙي طرح پنجاب ۾ عورتن تي تشدد جا 4416 ڪيس ، سنڌ ۾ 1390 ڪيس، سرحد ۾ 779 ڪيس ۽ بلوچستان ۾ 767 ڪيس ۽ جڏهن ته صرف پاڪستان جي گاديءَ واري شهر ۾ عورتن سان ڏاڍائين وارا 209 ڪيس رجسٽر ٿيا. اهي انگ اکر ته اخبارن يا ميڊيا ذريعي گڏ ڪيا ويا آهن پر جيڪڏهن اسين پنهنجي آسپاس نظر ڊوڙائينداسين ته ڪافي سارا عورتن تي تشدد ۽ وحشتپڻي وارا واقعا غربت ، بي ڪسي ۽ مفلسي سبب رجسٽر نه ٿي سگهندا آهن. جنهن مان معلوم ٿيو ته اڄ به اسان جي معاشري ۾ عورتن سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. اڪثر ڳوٺن ۾ اسپتالن جي اڻاٺ سبب 30 هزار عورتون موت جو شڪار بنجن ٿيون. ننڍين ننڍين ڳالهين تي عورتن مٿان تيزاب هاريو ٿو وڃي. آخر ۾ مان اهو ئي چوندس ته عورت جي عزت ڪرڻ، احترام ڪرڻ ، اُن جي حفاظت ڪرڻ، اُن جو خيال رکڻ، ان جي خواهشن ۽ احساسن کي سمجهڻ هر انسان جو فرض آهي. ڇاڪاڻ ته عورت سُونهن آهي، عورت وفا آهي، خُدارا عورت کي خُدا تعالى جي طرفان موڪليل هڪ حسين ترين تحفو سمجهيو وڃي، خُدارا عورت صرف ۽ صرف توهان جي محبتن ۽ پيار جي حقدار آهي، خُدارا کيس صرف هڪ رانديڪو سمجهي ڪجهه دير اُن سان کيڏي وري ان کي ٽڪرا ٽُڪرا ڪري ڪائنات جي هن حسين سونهن کي تباهه ۽ برباد نه ڪيو وڃي..
هاڻي پيش آهي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٽنڊومحمد خان ۾ نڪتل عورتن جي ريلي ۽ عورت ميلو جي تصويري ڪهاڻي

عورت جي وجود سان ئي ڪائنات جي هر گُل ۾ رنگ آهن، عورت جي وجود سان ئي زماني ۾ خوشبو پروان چڙهي آهي ۽ اُجالا روشن ۽ منور ٿيا آهن.
شبانه امتياز،چيئر پرسن ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان