عشق ۽ انٽريو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    عشق ۽ انٽريو ​



    مان بيروزگار هوس (اڃان به آهيان) ۽ محبت ڪندو هوس (هينئر جيڪي محبت ڪندا آهن، انهن جو ڪم خراب ڪندو آهيان.) مان پنهنجي ملڪ کي بدنام نٿو ڪرڻ چاهيان. ملڻ لاءِ نوڪريون ته جام آهن جھڙوڪ ڪنڊيڪٽري، ڪلارڪي، پٽيوالي، اردلي، ڀنگي، چهڙو وغيره پر مان ڪنهن خاص قسم جي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان. جئين ته ڪسٽم ۾ پروينٽو آفيسر، پوليس ۾ صوبيدار، آبپاشيءَ ۾ آبدار ۽ ڪنهن آباد علائقي جو مختيار ڪار يا تپيدار. ان چڪر ۾ اڃان تائين بيڪار آهيان.

    مان، رمل ۽ ڌنو سولجر بازار ۾ ڀنگين جي پاڙي ڀرسان هڪ کڏيءَ ۾ رهندا آهيون. پيڊرو ڊسوزا روڊ تي کڏين جي قطار آهي، جتي گھڻو ڪري ڪلارڪ، ڪنوارا ۽ بيروزگار رهندا آهن. اسان جي کڏي اولهه طرف پڇاڙيءَ ۾ آهي جتان ڊسوزا روڊ جي ٻئي پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي. ان کڏيءَ ۾ مان، رمل ۽ ڌنو گذريل ٽن سالن کان رهيل آهيون. زندگي اسان وٽ رهيل آهي. اڃان جيئرا آهيون.

    رمل ميجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وۡڪڻندو آهي ۽ هڪ ڏينهن ايس. پي جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ جا خواب ڏسندو آهي. هر آچر تي رمل پنهنجي انڌي ضعيف ماءُ کي خط لکندو آهي ته پوڙهي تون خيال نه ڪر، خوش رهه، ايندڙ آچر تي مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيندس ۽ تنهنجا ڏک سور لاهيندس.

    منهنجو پيءُ روهڙي ۾ دُرگي حلوائيءَ جي دڪان تي جليبيون تريندو آهي. مان کيس خط نه لکندو آهيان. هو منهنجا خط پڙهڻ کان اڳ ڦاڙي ڇڏيندو آهي. مون کيس هڪ ئي نموني جا ايترا خط لکيا آهن، جو هو خط کولڻ کان اڳ خط جو مضمون سمجھي ويندو آهي.

    اسان جو يار ڌنو فقط ڌنو آهي. مٿو ماڻهن جيترو اٿس، پر ماڻهو چوندا آهن ته ڌني جي مٿي ۾ اُٺ آهي. اسان جو به اهوئي خيال آهي ته ڌني جي مٿي ۾ نه فقط اُٺ آهي، پر هڪ ڏاند به ويٺل آهي. ڌنو درگاهي مجاور آهي ۽ خيرات جي پئسن مان ڪاليج ۾ پڙهندو آهي. گذريل ٽن سالن کان بي. اي جي آخري سال ۾ آهي. هو پنهنجي ڪورس جا سبق ياد ڪرڻ بدران، محبت جا ڊائيلاگ ياد ڪندو آهي.

    آچر جي ڏينهن رمل ’آف‘ هوندو آهي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي ڇا ڪندو، ان موضوع تي صبح کان رات تائين ڳالهائيندو رهندو آهي. اڪثر ٻڌائيندو آهي، ته پاڻ ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ کان پوءِ کڏين جي مسواڙ گھٽ ڪرائيندو، کڏين جي چرسي مالڪن کي مجبور ڪري کڏين ۾ رنگ روغن ۽ بجلي هڻائيندو ـــ سئنيما جي بڪنگ ڪلارڪن جون پگھارون وڌرائيندو ـــ قفط مارا ماري وارن فلمن جي حمايت ڪندو، ڇو جو لڙائي سان پرڀور فلمون ڏسڻ کان پوءِ قوم ۾ وڙهڻ جو جذبو ۽ جوش وڌي ويندو آهي، وغيره.

    جنهن آچر جي هيءَ ڳالهه آهي، ان آچر تي رمل پنهنجو پروگرام ٻڌائيندي ٻڌائيندي اوچتو خاموش ٿي ويو. ڪجھ دير تائين سوچيندو رهيو. اک نانگ ۾ اٽڪائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ کاٻي هٿ جو آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اکيون بند ڪري پيران پير دستگير ۽ ٻن چئن مقامي پيرن کي ياد ڪيائين، جيڪي پنهنجي علائقي جا نامي گرامي پير آهن، پر بين الاقوامي شهرت حاصل نه ٿي آهي. (قفط ّخواجه غريب نواز بين الاقوامي پير آهي*.) مونکي رمل جي اها حرڪت پسند نه آئي. هٿ وڌائي سندس آڱوٺي تي ٺونگو هنيم. رمل نانگ جي ڦڻ تان هٿ کڻي ورتو، ۽ ڪرڙيون اکيون ڪندي چيائين، ”وڏو ڪو واهيات آهين، ڪاريگر . مزي سان مرڻ به نٿو ڏئين.“

    ٻيهر سنڀالي نانگ جي ڦڻ تي آڱوٺو رکي ڇڏيائين.

    ڪڪ ٿيم ته چيومانس. ”يار بيزار نه ڪر رمل. جلد ڪر.“

    ”مرڻ ۾ جلد بازي فقط عاشق ۽ بيروزگار ڪندا آهن.“ رمل وراڻيو، ”مان مئجسٽڪ سئنيما جو بڪنگ ڪلارڪ آهيان، عاشقن جو دشمن آهيان.“

    ”اجائي جک نه مار.“

    ”مان جلدي مرڻ نٿو چاهيان. مان ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ ٿو چاهيان.“

    ”وڃي ڇائي پاءِ.“ مان اٿي کڙو ٿيس.

    رمل مونکي ٽنگ کان وٺي سَٽ ڏيئي ويهاري ڇڏيو. چيائين ”ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر. اڄ آچر آهي. اڄ هرڪا شيءِ سست آهي. زندگي، ٽريفڪ، موت ۽ محبت سڀ سست آهن.“

    ”تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. سخت بور ڪيو اٿئي.“

    ”آچر ڏينهن هرڪا شيءِ بور ۽ بيٺل هوندي آهي. رڳو ريس ڪورس جا گھوڙا ڊوڙندا رهندا آهن.“

    وراڻيم، ”تون ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ وارو آهين، تنهن ڪري تقرير ڪرڻ کان رهي نه سگھندين.“

    ”اڙي نه نه. ترس ظالم، ترس.“ رمل مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو. ”مون ٻن سالن کان بوٽ نه پاتو آهي. مون کي ڀلا بوٽ وٺي ڏيندين.“

    ”اڄڪلهه رشوت وانگر بوٽن جو ملهه به وڌي ويو آهي. ايندڙ ڏهن سالن تائين تون ۽ مان بوٽ پائي نه سگھنداسين.“

    ”ڀلا سليپر وٺي ڏيندين؟“

    ”سليپر جي قيمت هن کڏيءَ جي مسواڙ، راڌا ڀنگياڻيءَ جي ريٽ جيتري آهي.“

    ”ڀلا چمپل.“ رمل منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو، ”ڏس ڪاريگر، منهنجو چمپل تنهنجي دل وانگر ڇڳل کٿل آهي.“

    ”ڏاڍو ڪو واهيات آهين رمل.“

    ”سچ ٿو چوان ڪاريگر، مونکي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي.“

    ”ڪنهن مسيت مان وڃي چوراءِ.“

    ”ائين به جيڪر ڪيان، پر خدا کان وڌيڪ پوليس واري جو خوف ٿو ٿيم،“ رمل ٻيهر منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو، ”وٺي ڏيندين ڪاريگر؟“

    ”مان بيروزگار آهيان.“

    ”تون بيروزگار آهين، پر قسمت جو ڌڻي آهين.“

    ”نه يار هوءَ سڀاڻي صبح جو هلي ويندي.“

    ”ڪجھ ڏيئي ته ويندءِ.“

    هن چيو ۽ مان خاموش رهيس. دل جون ڪنگريون ڪِري پيون. رمل ڏانهن ڏٺم. هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.

    چيائين، ”خدا ته ڄاڻي ٿو، پر تون به ڄاڻين ٿو ته مون کي هڪ چمپل جي سخت ضرورت آهي.“

    ”وٺجانءِ.“

    ”جيئي تنهنجي محبت ۽ محبوبه.“ رمل خوش ٿي نعرو هنيو. آڱوٺو نانگ جي ڦڻ تان کڻي ورتائين. ڇڪو ڪاٺ جي گلاسڙيءَ ۾ وجھي زور زور سان لوڏڻ لڳو. ٻه اچنس ته نانگ. چار ته پار. گلاسڙيءَ لوڏيندي، ٻن چئن مقامي ۽ بين الاقوامي پيرن مرشدن کي ياد ڪري ڇڪو قلابازيون کائيندو، ٿڙندو، رڙهندو نانگن ۽ ڏاڪڻين جي وچ ۾ بيهي رهيو.

    رمل جي منهن جو پنو لهي ويو. پنهنجي ڳوٽ اٺانوي تان لاهي ستاويهين خاني ۾ آڻي بيهايائين، هڪ اونهو ساھ کڻندي چيائين، ”يار ڇڪي جو هڪ پاسو خالي به هجي ها، بلڪل خالي، اسان جي زندگيءَ جھڙو خالي.“

    ”۽ نوڪريون جيڪڏهن jack بدران ڇَڪي تي ملن ها، ته پوءِ هميشه ڇَڪي جو خالي پاسو اسان جي حصي ۾ اچي ها.“

    رمل راند تان اٿي ويو. پاٺو کڻي کٽ تي اڇلايائين.

    پڇيائين، ”سڀاڻي تنهنجو انٽرويو آهي نه، ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ ڪنهن پوسٽ لاءِ؟“

    ”تياري ڪئي اٿئي؟“

    ”ها. ٻارن جا سڀئي رسالا پڙهي دل سان هنڊايا اٿم.“

    رمل هڪ پير کٽ جي پاٽيءَ تي رکندي چيو، ”مان تنهنجو ڪچو انٽرويو ٿو وٺان. سمجھه ته مان انٽرويو بورڊ جو ميمبر آهيان.“

    انٽرويو بورڊ جا ميمبر ٿلها، بندرا ۽ ٺوڙها هوندا آهن. تون هينڊسم آهين.“

    ” take it granted~~`“ رمل چيو، ”سمجھ کڻي ته مان انٽرويو جو ميمبر آهيان، ۽ توکان سوال ٿو پڇان.“

    ”Yes Sir“

    ”تون ٻار گھٽ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ تجويز ڪرين ٿو؟“ رمل کهري ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ ڳالهايو.

    مان منجھي پيس. هڪ ٻن ڪنٽراسيپوٽوز جا نالا ٻڌايامانس، پر کيس جواب پسند نه آيو.

    ”Rejected“، بلڪل عام ۽ واهيات جوب ڏنو اٿئي،“ رمل ڪنهن سخت ميمبر جو نقل ڪندي چيو، ”معقول ۽ عمل ۾ ايندڙ تجويز ٻڌاءِ.“

    ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ چيم، ”Sir، ملڪ ۾ عورتن بدران کدڙن کي ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏهن خواجه سرائن سان شادي جائز قرار ڏني وڃي، ته جيڪر ٻار پيدا ٿيڻ ئي بند ٿي وڃن.“

    ”Silly“ رمل کل روڪيندي ڳالهايو، ”پٽ ڪاريگر، جيڪڏهن اهو جواب انٽريو بورڊ کي ڏنو اٿئي ته پوءِ بورڊ وارا توسان به اُهائي جٺ ڪندا، جيڪا هٽلر يهودين سان ڪرائي هئي.“

    ”Sir، مون کي صحيح جواب کان آگاھ ڪيو وڃي.“

    ”O.K.“، رمل آفيسرن جي انداز ۾ ڳالهائيندي، ڀڳل ريڊيو جھڙي آواز ڪڍيو، چيائين، ”ان سوال جو جواب آهي، ته مردن کي عورتن خلاف ۽ عورتن کي مردن خلاف هر پليٽ فارم تي ڀڙڪايو وڃي، جھڙوڪ، سياسي پليٽ فارم، سماجي پليٽ فارم، ازدواجي پليٽ فارم، ريلوي پليٽ فارم وغيره. ٻنهي گروهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت پيدا ڪئي وڃي. جڏهن مرد ۽ عورتون گڏ سمهندا ئي نه، ته پوءِ ٻار پيدا ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.“

    ”واھه، رمل، واھه“ رمل جي پٺي ٺپيندي چيم، ”واھ جو جواب ڏنو ٿئي. بدبخت تون به اپلاءِ ڪرين ها نه.“

    ”مان ٿيندس ته ڊپٽي ڪمشنر، نه ته مئجسٽڪ سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو رهندس،“ پوءِ رڌڻي ڏانهن ويندي چيائين، ”مون کي چڪن بريانيءَ جو به خيال رکڻو آهي. مان وڃانءِ ٿو.“

    رمل رڌڻي ڏانهن هليو ويو. کڏيءَ ۾ مان رهجي ويس ۽ منهنجي اڪيلائي. کڏيءَ ٻاهران ڪٽهڙي وٽ ڌنو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو. مون ڌني کي ڊسٽرپ ڪرڻ نه چاهيو، ۽ کيس محبت جا ڊائيلاگ ياد ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنم. رڌڻي مان ڪفگير ۽ ديڳڙيءَ جي جلترنگ سان گڏ رمل جي ڳائڻ جو آواز اچي رهيو هو، جنهن ۾ هو ڪڪڙ جي تعريف ڪري رهيو هو.

    انٽرويو جي پڪي تياري ڪئي هيم، پر تڏهن به دور ڪرڻ لاءِ شيلف تان ٻارن جا رسالا لاهي، فرش تي تڏو وڇائي ويهي رهيس.

    بي انت نوڪرين لاءِ (خاص قسم جون) بي انت انٽرويو ڏيندي ڏيندي سمجھي ويو آهيان، ته عام معلومات General Knowledge جا ڪتاب جھڙوڪ: Pear's Encyclopedia ۽ Encyclopedia Britannica، ڊوگر جو جنرل ناليج، ٽائيمس مئگزين وغيره بيڪار ۽ بيسود ڪتاب آهن، ۽ ڪم جا ڪتاب آهن بچون ڪي دنيا، کلونا، گل ڦل (جيڪو ناياب ۽ قلمي

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ڪتابن وانگر ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو هو، ۽ اڄڪلھه ”اِنا لله وَ اِنا اليه راجعون“ ٿي ويو آهي) ۽ هالا سنڌ مان نڪرندڙ ٻارن جا رسالا. نوڪرين لاءِ انٽرويو ۾ جيڪي به سوال پڇيا ويندا آهن. انٽرويو ۾ هن قسم جا سوال پڇيا ويندا آهن: گنجن کي مٿي تي وار ڇو نه ٿيندا آهن. گڏھ ڳالهائي ڇو نه سگھندا آهن. عاشق، محبت ۾ برباد ٿيڻ کان پوءِ فلمي گانا ڇو ڳائيندا آهن. يا، موهن جي دڙي جو پهريون چيف انجنيئر ڪير هو ۽ هن رشوت جي پيسن مان ڇا ڇا اڏايو هو ۽ ورتو هو. راوڻ جو قد ڪيترو هو. انسان ۽ سوئر ۾ بنيادي مشابهت ڪهڙي آهي، وغيره.

    پر ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اهڙا ته خوفناڪ سوال پڇندا آهن، جن جا جواب شايد انٽرويو بورڊ جي ميمبرن کي به نه ايندا هوندا.

    هڪ دفعي ڪلارڪيءَ (خاص کاتي جي) واري انٽرويو ۾ هڪ ميمبر، ڪنهن سنڌي سياستدان وانگر واڇ چٻي ڪندي پڇيو هو، ”شاھ ايٿوپيا، شهنشاھه هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو ڇا آهي؟“

    مان منجھي پيو هوس. سڄو جنرل ناليج ڪنن مان سيٽيون وڄائيندو نڪري ويو هو. سنڌي سياستدان جھڙو ميمبر کلڻ لڳو هو.

    الاءِ ڇو ۽ الاءِ ڪيئن وراڻيو هئم ته، ”اجھو ڪجھ مهينا اڳ، هيل سلاسيءَ جي باڊي گارڊ ڇويھ ميلن جي ڊوڙ ۾ دنيا جو نئون رڪارڊ قائم ڪري، ڪارن جو ڪنڌ اوچو ۽ اڇن جو نيچو ڪري ڇڏيو آهي.“

    ”اسان تو کان سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو پڇيو آهي.“

    ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو هئم، ”سائين شهنشاھ هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو هيل سالي سلاسي آهي.“

    منهنجو جواب ٻڌي، انٽرويو بورڊ جا ميمبر پنهنجين پنهنجين ڪرسين تان ائين کڄي ويا، ڄڻ ته ڪرسين جي ڪشن جا اسپرنگ ڇڏائجي، سندن ويهڪن ۾ وڃي لڳا هئا. سڀئي حيرت مان هڪ ٻئي جو منهن تڪڻ لڳا هئا. منجھائن جيڪو وڌيڪ بندرو، گنجو ۽ مشڪرن جھڙو هو، تنهن پڇيو، ”توکي ڙي ڪيئن خبر پيئي ته هيل سلاسيءَ جي ساليءَ جو نالو هيل سالي سلاسي آهي؟“

    ادب سان وراڻيو هيم، ”سائين، مان هيل سلاسيءَ جو ساليءَ جو غلام آهيان.“

    ان جواب تي مون کي به جواب ملي ويو هو ۽ نوڪري نه ملي هئي.

    پر هڪ دفعي ذري گھٽ نوڪري (خاص کاتي ۾) ملندي ملندي رهجي وئي هئي. ان دفعي مون انٽرويو ۾ ڏاڍا ٺاهوڪا ۽ ٺهڪندڙ جواب ڏنا هئا. ٻارن جي رسالي مان جيڪي ڪجھ ياد هئم، مغز مان ڪڍي ميمبرن آڏو رکيم. ميمبرن به مون کي منجھائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي، پر مون به تياري تيارين جھڙي ڪئي هئي. ڪٿان ٿو وَرِ چڙهان! مون کين آمريڪا جي مرحوم و مغفور صدر حضرت جان ايف ڪينيڊيءَ جي بيگم محترم جيڪولين ڪينيڊيءَ جي جسماني خدوخال کان وٺي صدر ناصر جي خار، پوليس جي مار ۽ جمعو ڪينياتا جي بلڊپريشر تائين ٺهڪندڙ جواب ڏنا. پوءِ منجھائن جيڪو چيئرمين هو ۽ دفتريءَ مان ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿيو هو، تنهن چروٽ وات ۾ وجھي، مون کي سوال سان منجھائي ڇڏيو هو. پڇيو هئائين، ”انگريزي فلمن ۾ سيڪرٽ ايجنٽ کي گولي ڇو نه لڳندي آهي ۽ طاقتور بدمعاش کيس ڇو نه پڄي سگھندا آهن؟“ ڪجھ دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو هئم، ”ان جا ٻه سبب آهن Sir. هڪ ته فلمي بندوقون خالي ۽ ڪوڙيون هونديون آهن ۽ فقط ڦٽاڪن جھڙا آواز ڪنديون آهن. ٻيو ته سرزمين تي شوٽنگ مهل پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، ڪئميرامين، وغيره موجود هوندا آهن ۽ هيرو صاحب کي مار کائڻ نه ڏيندا آهن.“

    منهنجو جواب ٻڌي هڪ ميمبر حيرت مان پڇيو هو، ”ڀانئجي ٿو تون سيڪرٽ ايجنٽ آهين.“

    ”No Sir“ عرض ڪيم، ”مان بيروزگار آهيان ۽ نوڪريءَ لاءِ ڪينڊيڊنيٽ آهيان.“
    ساڳئي ميمبر پڇيو هو، ”تجربو اٿئي؟“

    ”ڇا جو، مارا ماريءَ جو؟“

    ”نوڪريءَ جو.“

    ”نوڪري ملڻ کان اڳ تجربو ڪٿان ايندو!“

    ميمبرن کي ڪجھ ڪجھ ڪاوڙ لڳي. هڪ پڇيو، ”سڄو ڏينهن ڇا ڪندو رهندو آهين.“

    ”نوڪرين ۽ ٽپال کاتي جا اشتهار پڙهندو آهيان، پنجابي فلمن جا گانا ڳائيندو آهيان، ۽ رات جو ڪنهن خاص کاتي ۾ نوڪريءَ جا خواب ڏسندو رهندو آهيان.“

    ”You are Dangerous“

    ”No sir, I am harmless“
    (مٿيان ٻئي جملا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي نٿا سگھن.)

    ”پيٽ ڪئين پاليندو آهين.“

    ”منهنجو هڪ دوست سئنيما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو آهي ۽ ٻيو مجاور آهي. مان ٻنهي جي رحم و ڪرم تي آهيان.“

    ”چئبو ته تون بلڪل نڪمو آهين.“

    ”نه سائين. مان بنگالي ٻولي سکندو آهيان، جئين تومي اماڪي گھيرينا ڪارو بولائي، امي تو ماڪي ڀالو ڀاشي.“ ڪئين پسند آيو جملو.“

    ”ڀلا اردو ٻولي به ڄاڻين؟“ (انٽرويو انگريزي ۾ هلي رهيو هو.)

    ”ها فلمن جي ذري گھٽ سڀئي ڊائلاگ سمجھي ويندو آهيان.“

    پوءَ ميمبرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي هئي. (اميدوارن کي ٿڏي تي جواب پئي ڏنائون) جڏهن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا، تڏهن هنن مان جيڪو وڌيڪ ٿلهو هو، تنهن چيو، ”هن نوڪريءَ ۾ توکي سڄو ڪم اردو ۾ ڪرڻو پوندو. جئين ته توکي اردو چڱي طرح نٿي اچي، تنهن ڪري اسان توکي نوڪريءَ ۾ نه کڻنداسين.“

    منهنجا ڇهه ڇڄي پيا. دل آهه ڪئي. چپ ٽڙڪي اٿيا، ۽ وراڻيو هئم، ”سائين، منهنجي پيءُ کي انگريز مائي باپ ان ڪري نوڪريءَ ۾ نه کنيو هو، جو منهنجو پيءُ انگريزي ڪونه ڄاڻيندو هو. توهان مونکي نوڪريءَ ۾ ان لاءِ نٿا کڻو، جو مان اردو نٿو ڄاڻان. ڪٿي ائين ته ناهي انگريز سوٽ لاهي، شيرواني پائي موٽي آيا آهن.“

    ميمبرن کي سخت بڇان لڳي. ساڳئي ٿلهي ميمبر چيو هو، ”تون بلڊي فول آهين. سمجھ کان ڏيوالو آهين ۽ تنهنجو general knowledge به ڪمزور آهي.“

    ”ڪئين ڪمزور آهي!“ هڪدم وراڻيو هئم،“ ”مان عورت جي چالاڪي ۽ مرد جي بيوفائيءَ کان وٺي مذهب جي مام ۽ سياست جي زهر تائين هر هڪ موضوع تي ڳالهائي سگھان ٿو.“
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ٿلهي ميمبر منهنجين اکين ۾ گھور ڪندي پڇيو هو، ”ڀلا ٻڌاءِ، هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا کائڻ جي لاءِ ٻيا ڇو هوندا آهن؟“

    ڪهڙو جواب ڏيانس ها! وراڻيو هئم، ”سائين، مان پنهنجي گذريل جنم ۾ ڏاند هوس. منهنجي ماضيءَ جا آثار موهن جي دڙي مان به مليا آهن. مان توهان جي سوال جو جواب ڏيئي نٿو سگھان.“

    ٿلهي ميمبر ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ٻانهن کان اچي ورتو هو. سٽ ڏيئي در تائين وٺي ويو هو، ۽ ٻاهر ڌڪو ڏيندي چيو هئائين، ”تون بلڊي فول آهين، ۽ ايندڙ هڪ هزار سالن تائين نوڪري ڳولي نه سگھندين.“

    ان ڳالھ جو مون کي ڏک ٿيو هو ۽ مون ان ڏينهن کا زور شور سان ٻارن جا رسالا پڙهڻ ۽ پڙهي دل سان هنڊائڻ شروع ڪيا آهن. (اڳ فقط سرسري پڙهندو هوس.)

    ٻارن روڪائڻ واري مهم ۾ نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ ٻارن جي هڪ رسالي مان هاٿيءَ تي مضمون حفظ يعني ياد ڪري رهيو هوس، جو ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. منهن ورائي ڏٺم، مائيڪل بيٺو هو ۽ چئينگم (سنڌيءَ ۾ چيغم) چٻاڙي رهيو هو.

    مائيڪل سولجر بازار جي ڪرستان ٻارن جو داداگير آهي، ۽ سڄو ڏينهن گھٽين ۾ سائيڪل هلائيندو آهي.

    چيائين، ”That lousy woman wants to see you“ (هوءَ ڇسي عورت توسان ملڻ چاهي ٿي.)“

    ”Do not be silly“ (واهيات نه ٿيءُ.)‘

    ""”I am sorry Chum“ (مونکي افسوس آهي، يار.)“

    زرينه جو نياپو کڻي آيو هو. دل عشق ۽ انٽرويو جي وچ ۾ گھڙيال جي لڏڪڻي وانگر لڏڻ لڳي. ٻارن جا رسالا شيلف تي رکي ڇڏيم.

    مائيڪل پڇيو، Why don't you are read comics“

    ٻڌايومانس ته مون انٽرويو جي تيار پئي ڪئي، نه ڪي لطيفا پئي پڙهيم.

    مائيڪل کي منهنجي ڳالھ سمجھ نه آئي. ان جو اظهار انگريز ايڪٽرن وانگر ڪلها لوڏي ڪيائين.

    مائيڪل هليو ويو.

    مون کڏيءَ جي پوئين دريءَ مان ٻاهر نهاريو، جتان پيڊرو ڊسوزا روڊ جي پوئين پاسي وارن بنگلن جي پٺ نظر ايندي آهي. اسان جي کڏيءَ جي سامهون جيڪب آباد جي هڪ ڪراڙي زميندار جو بنگلو آهي. پاڻ سال ۾ فقط آگسٽ جو مهينو گذارڻ ايندو آهي. باقي يارهن مهينا بنگلي ۾ سندس دوست، سرڪاري آفيسر *۽ پوليس وارا شراب پيئندا، جوئا ڪندا ۽ پيشو ڪرائيندڙ عورتون آڻيندا آهن.

    زميندار سٺ سالن جو آهي ۽ وارن، مڇن ۽ ڏاڙهيءَ کي ”جوڪر ڇاپ“ خضاب لڳائي، قدرت کي شھه ڏيندو آهي. سندس زال، زرينه، سورهن سالن جي آهي ۽ سانوري ۽ سهڻي آهي.

    سنڌي زميندار صاحب جڏهن حڪيمن جا نسخا ۽ ڪشتا آزمائڻ لاءِ سوسائٽيءَ جا اڏن ۽ ڪراچيءَ جي مهذب ۽ فيشن ايبل هوٽل ڏانهن هليو ويندو آهي، تڏهن زرينه بنگلي جي پوئين پڌر ۾ اچي بيهندي آهي. ڏسي وٺانس ته دريءَ مان اولڙ هڻانس، نه ته هوءَ پاڻ ئي مائيڪل هٿان نياپو ڪندي آهي. مائيڪل کي سولجر بازار جي سڀني عاشقن جي خبر آهي. ايتري قدر جو کيس پنهنجن ٽن ڀينرن جي پندرهن عاشقن جي به خبر آهي. تنهن ڪري مائيڪل هٿان نياپو موڪلڻ ۾ زرينه حجاب نه ڪندي آهي.

    مائيڪل نياپو ڏيئي، سائيڪل تي چڙهي هليو ويو. مان کڏيءَ مان نڪري، ڪٽهڙي وٽ آيس. ڌنو، اسان جو يار، محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو.

    ڌني کي ڳالهائڻ ۾ هٻڪ آهي. لفظ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ دفعي هڪ ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو هو. رمل کيس چيو هو ته جڏهن ڇوڪري وٽانئس اچي لنگھي، تڏهن هو جذباتي لهجي ۾ چئي وڃي ته، ”مان توسان محبت ڪيان ٿو“ ۽ ان لاءِ آگاھ ڪيو هئائينس، جيئن ته اڄڪلھه سينڊلن ۾ لوهي چنهنبائي کڙيون هونديون آهن، تنهن ڪري ڊائلاگ چوڻ وقت ڌني کي مٿي تي پراڻو فولادي ٽوپلو، تئو يا ديڳڙي هئڻ گھرجي. ڌني کي رمل جي پهرين ڳالھ سمجھ ۾ آئي هئي ۽ ٻي نه. پوءِ جڏهن ڇوڪري ڌني جي ڀرسان لنگھي هئي. تڏهن ڌني چوڻ شروع ڪيو هو، مممان تنتو سسا مححببت ڪڪڪيان ٿٿٿو. جيستائين ڌني ڊائلاگ پورو ڪيو تيستائين ڇوڪري کانئس اڌ ميل کن پري هلي وئي هئي. ان ڏينهن ڌني کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ۽ هن رات جي ماني نه کاڌي هئي (ٻئي ڏينهن صبح جو ڊبل نيرن ڪئي هئائين.)

    ان ڏينهن کان ڌنو واندڪائيءَ جي وقت ۾ ڪونه ڪو محبت جو ڊائلاگ ياد ڪندو رهندو آهي. مان جڏهن ڪٽهڙي وٽان لنگھيس تڏهن ڌنو ياد ڪري رهيو هو، ”ممان مممحبت. . . .“

    ”نه يار نه.“ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيم، ”چئه ته، مان، منهنجي آرزو، مان توسان محبت ڪيان ٿو، تون منهنجي روح، منهنجي زندگي، منهنجي ڪائنات آهين.“

    ڌني منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. ڪجھ چوڻ چاهيائين پر چئي نه سگھيو. تڏهن اوچتو سندس چپ ڪنبڻ لڳا ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيس.

    ڏوري کي جھليندي، دلداري ڏيندي چيومانس، ”دل نه لاھ ڌنا، مان تو کي محبت جا اهڙا اهڙا ته گر ڏسيندس جو چالاڪ کان چالاڪ عورت به تنهنجي دام ۾ ڦاسي پوندي.“

    رڌڻي جي جاري مان رمل پڇيو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين ڪاريگر؟“

    ”سرحد پار.“

    ”چڪن برياني ته ٺري ويندي.“

    ”اجھو ٿو موٽان.“

    ”ڏھ منٽ؟“

    ”ها، ڏھ منٽ؟“

    کڏيءَ مان نڪري پيڊرو ڊسوزا روڊ تي اچي بيٺس. روڊ مان ڦٽندڙ گھٽين ۾ مائيڪل پنهنجن ساٿين سميت سائيڪل هلائي رهيو هو. پريان ئي هٿ لوڏيائين. رستو پار ڪندي هٿ لوڏي کيس جواب ڏنم.

    زرينه پوئين در جي وٿيءَ مان آهستي آهستي چيو، ”الا ڪيڏو نه سڪايو ٿئي.“

    ”سچ!“

    ”توهان ڪراچيءَ وارا ڏاڍا سنگدل آهيو.“

    ”ڪراچيءَ وارا! ٻيو ڪوبه آهي ڇا؟“

    ”ڏاڍو ڀورو ٿو ٿئين! شيطان!“

    ”شيطان سڏيو اٿئي، تنهن ڪري پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجھان.“
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    وٿي وڌائيندي چيائين، ”اندر اچ ته ڪو ڏسي نه وٺي.“

    اندر ويس. هن در بند ڪري ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. منهن ورائي مونکي ڳراٽڙي پاتائين.

    چيائين، ”منهنجي قرب لاءِ تو وٽ تَر جيترو به قرب ڪونهي.“

    ”آهي، ڇو نه آهي!“

    ”ڪوڙا.“

    هوءَ مون کي ٻانهن کان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي پلنگ تي ليٽائي، پاڻ پاسي واري ڪمري ڏانهن هلي وئي.

    پلنگ جي پاسي سائيڊ بورڊ رکيل هو، جنهن تي ڪنهن ڪراڙي جي فريم ۾ جڙيل تصوير رکي هئي. هڪ نظر ۾ ڀانيم ته منهنجي ڏاڏي جي تصوير هئي. پاسو ورائي غور سان تصوير ڏانهن ڏٺم. نه. تصوير منهنجي ڏاڏي جي نه، پر زرينه جي زميندار مڙس جي هئي. تصوير جي پاسي ۾ ميڪ اپ جو سامان، ۽ مردانه طاقت وڌائڻ، پيدا ڪرڻ ۽ ديرپا جٽاءِ لاءِ دوائن جون ٻه چار شيشون رکيو هيون. ”بيمثال“ ڪيپسولن جي شيشي کڻي استعمال ۽ ترڪيب جو اشتهار پڙهڻ لڳس. سوچيم، سڀاڻي انٽرويو آهي، متان ڪو مت جو ماريل ٺوڙهو ميمبر انهن ڪيپسولن جي باري ۾ سوال پڇي ويهي! هڪدم هٿ وڌائي ”سلاجيت“ گورين جي شيشي کڻي، گورين جا حيرت انگيز ڪارناما پڙهڻ لڳس. زرينه ڪمري ۾ موٽي آئي. ان وقت مان ”نائيٽ پلز“ جي تعريف پڙهي رهيو هوس، جنهن تي آدمخور چيتي جي تصوير ٺهيل هئي. زرينه کان پڇيم، ”هي دوائن کائڻ کان پوءِ، ماڻهو انسان مان ڦري جانور ٿي پوندو آهي ڇا؟“

    جھٽ ڏيئي شيشي منهنجي هٿ مان ڦري ورتائين. چيائين، ”توکي وري هنن ڪنين گورين جي ڪهڙي گھرج!“

    جواب ڏيڻ لاءِ وات کوليم ته هن هڪ گلاب ڄمون منهنجي وات ۾ وجھي ڇڏيو، ۽ ڀرسان ئي پلٿي ماري، پلنگ تي چڙهي ويٺي.

    گلاب ڄمون اُڳري، اوڳرائي ڏيئي، نڙي صفا ڪندي چيم، ”تنهنجو مڙس منهنجي ڏاڏي جيڏو آهي.“

    زرينه هڪ ٻيو لڏون منهنجي وات ۾ وجھندي وراڻيو، ”منهنجي گھر واري کي ٽين زال مان جيڪا ڌيءَ آهي، سا مون کان وڏي آهي.“

    لڏون کائي رهيو هوس ته هن حبشي حلوي جو ٽڪر مون ڏانهن وڌايو. کيس منع ڪيم، ”نه نه ترس. اڄ اسان چڪن برياني رڌي آهي. مان هيءَ مٺائي پنهنجي کڏيءَ ۾ کڻي ويندس وڃي دوسرن سان کائيندس.“

    هن حبشي حلوي جو ٽڪر مٺائيءَ جي پيتيءَ ۾ رکندي پڇيو. ”چڪن برياني ڇا هي؟“

    ”ڪڪڙ جو پلاءُ.“

    ”ڪنهن رڌو آهي؟ تو؟“

    ”رمل.“

    ”اهو رمل ڪير آهي؟“

    ”رمل منهنجو سنگتي آهي *۽ ايندڙ آچر تي ڊپٽي ڪمشنر ٿيندو؟“

    ”تپيدار نه ٿيندو؟“

    ”نه. کيس هڪ رات ۾ تاج محل ٺهرائڻ جي تمنا ناهي.“

    هوءَ منهنجي ڀر ۾ ليٽي پيئي ۽ آڱرين سان منهنجن وارن ۾ ڦڻي ڪرڻ لڳي.

    مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. کن رکي چيم، ”هن ڪمري ۾ ڇھه دريون، اٺ روشندان، ۽ ٻه در آهن. آهن نه؟“

    ”ڇو؟ ڀڄي ويندين ڇا؟“

    ”چري، سڀاڻي مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي.“ وراڻيم. ”پنهنجي Observation يعني مشاهدي جو امتحان پئي ورتم.“

    ”اهو انٽريٽ ڇا آهي؟“

    ”ڪجھ ٺوڙها، پوڙها ۽ سياڻا ماڻهو، اسان بيروزگارن ۽ ڀوڪن کي نوڪريءَ ۾ رکڻ کان اڳ کانئن حساب ڪتاب وٺندا آهن. ان سموري جٺ کي انگريزي ۾ انٽرويو چئبو آهي.“

    ”آئي مان مٺيس! الاءِ ڇا چئي وئين!“

    ”نه سمجھيئه؟“

    ”نه.“

    ”چڱو جو نه سمجھيئه،“ وراڻيم، ”اها اسانجي ئي سمجھڻ جي ڳالھ آهي.“

    زرينه خاموش رهي. مون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي.

    پڇيومانس، ”تنهنجو ڏاڏي جيڏو مڙس ڪيڏانهن ويو؟“

    خفي ٿيندي وراڻيائين، ”مون کي گنهگار ته نه ڪر.“

    ”۽ هي جو مان تو سان گڏ سمهيو پيو آهيان، سو ڄڻ ــــــــــــ“

    هن مون کي جملو پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ منهنجي وات تي هٿ رکي ڇڏيائين.

    ڪجھ دير رکي، گھٽيل آواز ۾ چيائين، ”اسان سڀاڻي صبح جو جيڪب آباد موٽي وينداسين.“

    ”سڀاڻي صبح جو مون کي انٽرويو ڏيڻو آهي.“

    ڪو وقت ٻئي خاموش رهياسين. پوءِ جھيڻي آواز ۾ ڳالهيائين، ”اسان ايندڙ اونهاري موٽي اينداسين. تون مون کي ڏاڍو ياد ايندين.“

    هوءَ اڳتي سري آئي ۽ پنهنجو منهن منهنجي ڪلهي تي رکي ڇڏيائين.

    کانئس پڇيم، ”جيڪب آباد سڀ کان وڌيڪ گرمي ڪهڙي ڏينهن پئي هئي ۽ ان ڏينهن ٽمپريچر ڪيترو هو؟“

    ”ڏاڍي گرمي ته پوئين ٻڪر واري عيد ڏهاڙي پئي هئي.“ هن وراڻيو، ”ان ڏينهن اسان جا ٻه ڪتا ۽ هڪ ڪڙمي ڪاٺيون ڪندي مري ويو هو. پر اهو مُئو ٽپريچر ڇا آهي؟

    ”ٽمپريچر معنى بخار.“

    ”ان ڏينهن ڪنهن کي به بخار نه ٿيو هو.“

    پوءِ هن ڪيتريءَ دير تائين مون کي پنهنجين ٻانهن مان نه ڪڍيو. چيائين، ”تون گذريل سال کان ڏٻرو ٿي ويو آهين.“

    وراڻيم، ”ڏٻرا ڍور ٿيندا آهن. مان ماڻهو آهيان، ڳري ويو آهيان.“

    ”تون روز مکڻ ۽ بسري ڀوري کائيندو ڪر.“

    ”حاضر، ٻيو ڪو حڪم.“

    ”ڪڪڙ، تتر ۽ ڦاڙهي جو گوشت جام کائيندو ڪر.“

    ”ٻيو ڪجھ؟“

    چوندي رهي، ”توهان شهري ماڻهو ڊالڊو گھه کائيندا آهيو. تون نه کائيندو ڪر. تون سنڌ جو سچو گھه کائيندو ڪر.“

    ”حاضر.“

    اوچتو پڇيائين، ”مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟“

    ”نوڪري ملي ويئي ته پوءِ نه وساريندومانءِ.“

    ٻاهرين در تي کڙڪو ٿيو.

    هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي بيٺي. چيائين، ”ڀايان ٿي هو اچي ويا آهن. تون وڃ.“

    ”مٺائي جو دٻو کڻي وڃان؟“

    ”ها.“ سائيڊ بورڊ جي خاني مان نوٽن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وجھندي چيايئن، ”جيئرا رهياسين ته ايندڙ سال ملنداسين.“

    ”مان جيئرو هوندس. ان جي مون کي پڪ آهي. تون منهنجو خيال نه ڪر.“ وراڻيم، ”مصيبتون مون کي مرڻ نه ڏينديون.“

    هوءَ مون کي پڌر جي پوئين در تائين ڇڏڻ آئي. اکين ۾ آب هئس. چيائين، ”شل صوبيدار ٿئين.“

    ”واھه، پوءِ ته مان تنهنجي مڙس جو سنگتي ٿي پوندس.“

    چيائين، ”اچ ته موڪلايون.“

    موڪلايوسين. مون کيس پنهنجين ٻانهن ۾ کڻڻ چاهيو، پر کڻي نه سگھيس. پڇيم، ”تنهنجو وزن اڍائي سؤ پائونڊ کن ٿيندو؟“

    ”الاءِ، پر ٽن مڻن کان مٿي نه ٿينديس.“ هن مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ ڀيڪوريندي چيو.

    چيم، ”زور نه ڏجانءِ، مون کي سڀاڻي انٽرويو ڏيڻو آهي.“

    زرينه مون کي پنهنجي ڀاڪر مان آزاد ڪيو. مان ڊور پائي، بلٽ کولي، پيڊو ڊسوزا روڊ تي وڃي بيٺس.

    کڏيءَ جي ڪٽهڙي وٽ ڌنو بيٺو هو، ۽ محبت جو ڊائلاگ ياد ڪري رهيو هو. سندس کليل وات ۾ هڪ ڄمو وجھي ڇڏيم. هو ڄمو چٻاڙڻ لڳو ۽ محبت جو ڊائلاگ چوڻ ڇڏي ڏنائين. کيس ٻانهن کان ڇڪيندو کڏيءَ ۾ وٺي آيس.

    کڏيءَ جي وچ ۾ فرش تي رمل تڏو وڇائي ويٺو هو. اڳيان چڪن بريانيءَ جو ديڳرو ۽ خالي ٿالھه هئس.

    بک ۾ پاھه پئي ٿيس. چيم، ”يار رمل، سخت بک لڳي آهي.“

    وراڻيائين، ”اول ٽي رپيا پنجانوي پيسا ڪڍ، پوءِ مرغ بريانيءَ جو گرھه ملندءِ.“

    ”ڇو؟ ڇا جا پئسا؟“

    ”واھه پٽ ڪاريگر! ڇا جا پئسا!“ رمل نج شڪارپوري لهجي ۾ چيو، ”چمپل جا، ٻيو وري ڇا جا، ڀيٽو.“

    ”وٺ بابا وٺ، مرين ڇو ٿو،“ رمل کي ٽي رپيا پنجانوي پئسا ڏنم.

    رمل پيسا کيسي ۾ وجھي، ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڇڏيو. بکايل هئاسين. پوءِ جڏهن دال ــــــ چانور ديڳڙي مان ڪڍي ٿالھ ۾ وڌائين، تڏهن ڪجھه جھڪياسين ۽ گرھه مٿان گرهه کڻندا وياسين.
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا علي علي تمام زبردست asul matt

    تمام بهرين ادا shal judy hujeen


    shabashshabashshabashshabashshabashshabashshabashshabashshabashshabashshabashshabash


    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing




    sadayeen gud



    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو