• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاق ۽ اوگرا کان صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ گئس جا تفصيل طلب ڪري ورتا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
Hyderabad_High_Court_Sindh.jpg

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، وفاق ۽ اوگرا کان صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ گيس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته ملڪ ۾ ڪهڙو صوبو ڪيتري گئس پيدا ڪري ٿو ان جا به تفصيل عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، اهڙو حڪم ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل ڊويزن بينچ لاڙڪاڻي جي ضياءِ جلباڻي پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ڏنو آهي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته هو لاڙڪاڻي رتوديرو روڊ جي وچ ۾ سي اين جي اسٽيشن لڳائڻ چاهي ٿو ۽ هن سنڌ حڪومت کان سي اين جي اسٽيشن لڳائڻ لاءِ اجازت گهري، ۽ پوءِ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي وٽ ويو انهن چيو ته وزرير اعظم پاران نون لائسنس جاري ڪرڻ تي پابندي لڳايل آهي جنهن تي سندس درخواست رد ڪئي وئي درخواست گذار پهنجي وڪيل جي معرفت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهن ته هو نون لائسنس تي پابندي هڻي هن وڌيڪ چيو ته پابندي صرف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري بعد لاڳو ٿي سگهي ٿي.هن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ 80 فيصد گئس پيدا ڪري ٿي تنهڪري پهريان حق ان صوبي جو ٿئي ٿو ته استعمال ڪري ۽ لائينسنس جاري ڪرڻ جو اختيار به صوبي وٽ هئڻ گهرجي پر اهو ڪم اوگرا ڪري رهيو آهي. عدالت، درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ۽ اوگرا کان سمورن صوبن مان پيدا ٿيندڙ گيس جا تفصيل طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته وفاقي حڪومت ٻڌائي ته سي اين جي اسٽيشز تي پابندي جو فيصلو وزيراعظم جو آهي يا ڪابينا جو، جنهن کانپوءِ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
 
انصاف ۽ پاڪستان ٻه متضاد شيون آهن۔ عدالت ۽ مذاق جو رشتو تمام ويجهڙائپ جو ٿي ويو آهي۔۔ اها ته سڀني کي پڪ آهي ته ڪورٽ جي ڳالهه پاڻ کي ڪوڙو دلاسو ڏيڻ کان سواء ڪجهه به ناهي پر جتي پري پري تائين ڪا به مثبت اميد نظر نه اچي، اتي مايوسي جي ڪفر کان بچڻ لاء ڪوڙو دلاسو ئي سهي۔۔۔ بقول غالب ۔۔۔ هم ڪو معلوم هي جنت ڪِي حقيقت ليڪن ۔۔ دل ڪي بهلاني ڪو غالب يه خيال اڇا هي۔۔
 
Back
Top