رليءَ جو هنر آڳاٽي توڙي هاڻوڪي دور ۾ ، سنڌ جي عورتن جي سگهڙپائي ۽ ڏاهپ جو ضامن رهندو آيو آهي ۽ اڳتي به رهندو. سنڌي عورتون رلين کي مٽي ۽ دز کان بچائڻ لاءِ انهن کي ڪنهن پراڻيءَ وڏي رليءَ ۾ ٻوجهن جي شڪل ۾ سبي رکن ٿيون . جن کي هونءَ ته رلين جي ڳٺڙي چئي سگهجي ٿو ، پر عورتون پنهنجي مخصوص زبان ۾ اهڙي ڳٺڙيءَ کي لوندو يا رلين جو لوندو چون ٿيون. جنهن ۾ ڏهن کان ويهن تائين رليون اچي وڃن ٿيون. رلين جي تياريءَ جي سلسي ۾ گهر ۾ پيل پراڻن ڪپڙن کي گڏ ڪري انهن جا ٽڪر ڪٽي رلي ٺاهڻ جي ڪرتب آندا وڃن ٿا ، پر اڄڪلھ جي زماني ۾ نوان ڪپڙا به رلي ٺاهن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. رليءَ ٺاهڻ مهل سڀ کان پهرئين مٿيان پُڙ تيار ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ هيٺيان پُڙ تيار ڪبا آهن. ان کانپوءِ هيٺيون پُڙ زمين تي پٿاري ان جي مٿان لِھُ جو تھ ( ڪپھ جو تھ ) وڇائي تنهن جي مٿان مٿيون پُڙ پکيڙي ، ٽنهي تهن کي گڏي ، ڇڊا ڇڊا کڻ هڻي لھ کي قابو ڪبو آهي . انهن ڇڊن کڻن کي " ڦانٽيا " چئجي ٿو. ڦانٽين کانپوءِ ٻنهي پُڙن جي ڪنارن کي اندر موڙي کڻ هڻي رليءَ کي رکي ڇڏبو آهي . ان کانپوءِ گهر ۾ گڏ ٿيل ڪپڙن جا سمورا ٽڪر ۽ لِھُ کپي ويندا آهن ، تڏهن پاڙي وارين عورتن کي سڏي رليون سبيون وينديون آهن. رلين سبڻ جو اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي .جنهن ۾ کڻ ڪاريگري ۽ سڌائي سان گڏ تکائي جو به مقابلو هوندو آهي . انڪري مقابلي واريون ڦانٽيا وِرهائي رکنديون آهن ۽ پوءِ ٿيندو آهي سندن مقابلو . جنهن ۾ " جانهجريون " عورتون ٻه ٻه ـ ٽي ٽي سُيون گڏ استعمال ڪنديون آهن ۽ وري سُين ۾ ڌاڳا وجهڻ لاءِ سندن مددگار ننڍيون ننڍيون نينگريون ۽ نڪميون عورتون هونديون آهن. رلين سبڻ جا اهي معرڪا گهڻو ڪري اهڙين مندن ۾ ٿين جن ۾ لائي ، لاباري يا پوک جو ڪم نه هوندو اهي، ۽ انهيءَ طريقي سان روزانو ڪيئي رليون تيار ٿي وينديون آهن، ۽ ڀاڳين جا ڀار وڌندا ۽ مٿي ٿيندا رهندا آهن. رلين جي اهڙي هنر کي اک ۾ رکندي مختلف قسم جون رليون تيار ڪيون وڃن ٿيون جن مان خاص قسم هي آهن، 1 ـ سادي رلي 2 ـ پٽين واري رلي 3 ـ دٻلين واري رلي 4 ـ ٽِڪ واري رلي 5 ـ جهومر واري رلي اسان وت اڳ اهو رواج هوندو هو ته هر سگهڙ عورت جي ڀار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ رلي رکيل هوندي هئي . مگر هن وقت ان جو نمونو ملڻ محال ٿي پيو آهي ، ڇو ته اڄڪلھ جي جديد دور ۾ جتي وقت جي اهميت ۽ نزاڪت کي ڏسندي هر ڪم جلد از جلد اپلائڻ جا نوان نوان طريقا سامهون آيا آهن اتي ئي رليءَ جهڙي صنف ڏينهون ڏينهن گهٽبي ٿي وڃي ،انهيءَ ڪري آئون سنڌ جي سڄاڻ ۽ ذهين عورتن کي عرض ڪندس ته اهي انهيءَ طرف توجه ڏين ۽ ٻئي طرف اختياريءَ وارن کي به اپيل ڪندس ته اهي ڪوشش ڪري سنڌ جي هِن ثقافت کي هٿي وٺائين ۽ دستڪاري جي اسڪولن ۾ هن قيمتي هنر کي ايندڙ نسل تائين پهچائين .... شاهنواز ڪالرو ، مددي ڪتاب ڪائو ڪمايو مِ ، تاريخ تمدن سنڌ ، قديم سنڌ
اسان وٽ کڻي قدر گهٽ ئي هجي پر ڌاريا ته رلين جي نمونن کي ديوارن تي ئي ٽنگيو ڇڏين۔۔۔ مون کي ڪئي دفعا ٽونڪ به ڪئي اٿن جڏهن سندن جي بيشمار فرمائشن تي پڻ کين سنڌي رلي تحفي طور نه ڏني اٿم۔۔۔
تُرڪي جي تياري مهل جتي پنهنجي ۽ فئملي جي ضرورت جي شين جي خريداري پئي هيل ته عين اُن مهل هتي پنهنجي ٽيچر مزس منور سوڪمين لاءِ به ڪُجهه وٺي هلڻ جو سوچيوسين پئي۔ هڪ دوست جيڪو هتي رهي ويو آهي تنهن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ ڪپڙا لٽا سستا آهن۔ تنهنڪري اهي نه وٺي وڃجو۔ تُرڪ سمجهن ٿا ته سستي هُجڻ ڪري وٺي آيا آهن۔ نيٺ طئي ٿيو ته رَلي ٺاهي کڻي هلبي۔ هونئن ته تُرڪي جي ٻين شهرن ۾ رَلي جي ضرورت گهٽ ئي پوندي آهي جو سردي گهڻي آهي پر ترابزون ۾ گرميون به ٿين سو رَلي جي چونڊ صحيح هئي۔ رَليون ملڪاڻي ۾ ته هر وقت تيار ملن ٿيون۔ پر ڳالهه تُرڪي جي هئي سو زائفن چيو اسان نئين ٺاهيندايوسين۔ هفتي جي نوٽس تي تيار ٿيل رَلي ۾ مقابلو ڏسڻ وٽان هو۔ رَلي ڏسي ميڊم جو ردِعمل ڏسڻ وٽان هو۔ کيس ڏاڍي پسند آئي۔ ادي سنڌي نور پاران رَلي تي لکيل هي جامع ليک تازو ٺهرايل ۽ آندل رلي جي تجربي جي ڄڻ ته لکت ۾ ثبوت آهي۔
مون سمجهيو پئي ته اها سوکڙي ڏيڻ واري سوچ صرف منهنجي ٿي سگهي ٿي۔ ڏاڍي خوشي ٿي۔ مون کي اميد آهي ته عبدالحفيظ جو هفتيوار هڪڙو ليک ضرور ايندو۔
رلي جو هنر سنڌ جو قديم هنر آهي هاڻوڪي مڊل اسڪولن جي نصاب ۾ به هڪ سبق رلي جو هنر نالي سان شامل ڪيل آهي ۔ اديء سنڌي نور جي شيئر ڪيل رلي ۽ اسان جي دوست محترم حفيظ جن جي تيار ڪرايل رلي ديده زيب آهن ليڪن اڃا ٽُڪ جون رليون وڌيڪ خوبصورت به ٺهن ٿيون۔