سنڌ جو گهرو هنر رليءَ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سنڌي نور طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2013۔

  1. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي

    رليءَ جو هنر آڳاٽي توڙي هاڻوڪي دور ۾ ، سنڌ جي عورتن جي سگهڙپائي ۽ ڏاهپ جو ضامن رهندو آيو آهي ۽ اڳتي به رهندو.
    سنڌي عورتون رلين کي مٽي ۽ دز کان بچائڻ لاءِ انهن کي ڪنهن پراڻيءَ وڏي رليءَ ۾ ٻوجهن جي شڪل ۾ سبي رکن ٿيون . جن کي هونءَ ته رلين جي ڳٺڙي چئي سگهجي ٿو ، پر عورتون پنهنجي مخصوص زبان ۾ اهڙي ڳٺڙيءَ کي لوندو يا رلين جو لوندو چون ٿيون. جنهن ۾ ڏهن کان ويهن تائين رليون اچي وڃن ٿيون. رلين جي تياريءَ جي سلسي ۾ گهر ۾ پيل پراڻن ڪپڙن کي گڏ ڪري انهن جا ٽڪر ڪٽي رلي ٺاهڻ جي ڪرتب آندا وڃن ٿا ، پر اڄڪلھ جي زماني ۾ نوان ڪپڙا به رلي ٺاهن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا.
    رليءَ ٺاهڻ مهل سڀ کان پهرئين مٿيان پُڙ تيار ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ هيٺيان پُڙ تيار ڪبا آهن.
    ان کانپوءِ هيٺيون پُڙ زمين تي پٿاري ان جي مٿان لِھُ جو تھ ( ڪپھ جو تھ ) وڇائي تنهن جي مٿان مٿيون پُڙ پکيڙي ، ٽنهي تهن کي گڏي ، ڇڊا ڇڊا کڻ هڻي لھ کي قابو ڪبو آهي . انهن ڇڊن کڻن کي " ڦانٽيا " چئجي ٿو. ڦانٽين کانپوءِ ٻنهي پُڙن جي ڪنارن کي اندر موڙي کڻ هڻي رليءَ کي رکي ڇڏبو آهي . ان کانپوءِ گهر ۾ گڏ ٿيل ڪپڙن جا سمورا ٽڪر ۽ لِھُ کپي ويندا آهن ، تڏهن پاڙي وارين عورتن کي سڏي رليون سبيون وينديون آهن. رلين سبڻ جو اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي .جنهن ۾ کڻ ڪاريگري ۽ سڌائي سان گڏ تکائي جو به مقابلو هوندو آهي . انڪري مقابلي واريون ڦانٽيا وِرهائي رکنديون آهن ۽ پوءِ ٿيندو آهي سندن مقابلو . جنهن ۾ " جانهجريون " عورتون ٻه ٻه ـ ٽي ٽي سُيون گڏ استعمال ڪنديون آهن ۽ وري سُين ۾ ڌاڳا وجهڻ لاءِ سندن مددگار ننڍيون ننڍيون نينگريون ۽ نڪميون عورتون هونديون آهن. رلين سبڻ جا اهي معرڪا گهڻو ڪري اهڙين مندن ۾ ٿين جن ۾ لائي ، لاباري يا پوک جو ڪم نه هوندو اهي، ۽ انهيءَ طريقي سان روزانو ڪيئي رليون تيار ٿي وينديون آهن، ۽ ڀاڳين جا ڀار وڌندا ۽ مٿي ٿيندا رهندا آهن.
    رلين جي اهڙي هنر کي اک ۾ رکندي مختلف قسم جون رليون تيار ڪيون وڃن ٿيون جن مان خاص قسم هي آهن،
    1 ـ سادي رلي
    2 ـ پٽين واري رلي
    3 ـ دٻلين واري رلي
    4 ـ ٽِڪ واري رلي
    5 ـ جهومر واري رلي
    اسان وت اڳ اهو رواج هوندو هو ته هر سگهڙ عورت جي ڀار تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ رلي رکيل هوندي هئي . مگر هن وقت ان جو نمونو ملڻ محال ٿي پيو آهي ، ڇو ته اڄڪلھ جي جديد دور ۾ جتي وقت جي اهميت ۽ نزاڪت کي ڏسندي هر ڪم جلد از جلد اپلائڻ جا نوان نوان طريقا سامهون آيا آهن اتي ئي رليءَ جهڙي صنف ڏينهون ڏينهن گهٽبي ٿي وڃي ،انهيءَ ڪري آئون سنڌ جي سڄاڻ ۽ ذهين عورتن کي عرض ڪندس ته اهي انهيءَ طرف توجه ڏين ۽ ٻئي طرف اختياريءَ وارن کي به اپيل ڪندس ته اهي ڪوشش ڪري سنڌ جي هِن ثقافت کي هٿي وٺائين ۽ دستڪاري جي اسڪولن ۾ هن قيمتي هنر کي ايندڙ نسل تائين پهچائين ....
    شاهنواز ڪالرو ، مددي ڪتاب ڪائو ڪمايو مِ ، تاريخ تمدن سنڌ ، قديم سنڌ
    [​IMG]
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ادي رلھين بابت تفصيل ڏيڻ جي مھرباني، واقعي سنڌي عورتن جو رلھي ويھاڻا ڀرت سگڙائپ آ۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,637
    ورتل پسنديدگيون:
    5,636
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسان وٽ کڻي قدر گهٽ ئي هجي پر ڌاريا ته رلين جي نمونن کي ديوارن تي ئي ٽنگيو ڇڏين۔۔۔ مون کي ڪئي دفعا ٽونڪ به ڪئي اٿن جڏهن سندن جي بيشمار فرمائشن تي پڻ کين سنڌي رلي تحفي طور نه ڏني اٿم۔۔۔
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,769
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تُرڪي جي تياري مهل جتي پنهنجي ۽ فئملي جي ضرورت جي شين جي خريداري پئي هيل ته عين اُن مهل هتي پنهنجي ٽيچر مزس منور سوڪمين لاءِ به ڪُجهه وٺي هلڻ جو سوچيوسين پئي۔ هڪ دوست جيڪو هتي رهي ويو آهي تنهن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ ڪپڙا لٽا سستا آهن۔ تنهنڪري اهي نه وٺي وڃجو۔ تُرڪ سمجهن ٿا ته سستي هُجڻ ڪري وٺي آيا آهن۔
    نيٺ طئي ٿيو ته رَلي ٺاهي کڻي هلبي۔ هونئن ته تُرڪي جي ٻين شهرن ۾ رَلي جي ضرورت گهٽ ئي پوندي آهي جو سردي گهڻي آهي پر ترابزون ۾ گرميون به ٿين سو رَلي جي چونڊ صحيح هئي۔ رَليون ملڪاڻي ۾ ته هر وقت تيار ملن ٿيون۔ پر ڳالهه تُرڪي جي هئي سو زائفن چيو اسان نئين ٺاهيندايوسين۔ هفتي جي نوٽس تي تيار ٿيل رَلي ۾ مقابلو ڏسڻ وٽان هو۔
    رَلي ڏسي ميڊم جو ردِعمل ڏسڻ وٽان هو۔ کيس ڏاڍي پسند آئي۔
    ادي سنڌي نور پاران رَلي تي لکيل هي جامع ليک تازو ٺهرايل ۽ آندل رلي جي تجربي جي ڄڻ ته لکت ۾ ثبوت آهي۔

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    ادا حفيظ مان هي آرٽيڪل شيئرنگ ڪيو آهي، لکيل ڪنهن ٻئي جو آهي، مون صرف چونڊ ڪئي آهي۔
     
  6. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    385
    ورتل پسنديدگيون:
    874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    SSA Thatta USAID Pakistan Reading Project
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    تمام بھترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    333
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    مون سمجهيو پئي ته اها سوکڙي ڏيڻ واري سوچ صرف منهنجي ٿي سگهي ٿي۔ ڏاڍي خوشي ٿي۔

    مون کي اميد آهي ته عبدالحفيظ جو هفتيوار هڪڙو ليک ضرور ايندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    رلي جو هنر سنڌ جو قديم هنر آهي هاڻوڪي مڊل اسڪولن جي نصاب ۾ به هڪ سبق رلي جو هنر نالي سان شامل ڪيل آهي ۔ اديء سنڌي نور جي شيئر ڪيل رلي ۽ اسان جي دوست محترم حفيظ جن جي تيار ڪرايل رلي ديده زيب آهن ليڪن اڃا ٽُڪ جون رليون وڌيڪ خوبصورت به ٺهن ٿيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو