بيوس بنگلاڻي
سينيئر رڪن
			
		مايوسين جو ميلو آهي،
توبن ڪوئي اڪيلو آهي.
هوءَ نه ايندي هاڻ اچڻ جو،
يار لنگھي ويو ويلو آهي.
رات ٺري آ جذبا تڙپن،
ياد پيو ڪو _ مهلو آهي.
مان ڪيئن کاوان مرڪي ماني،
ويڙهيچن ڏي ويلو آهي.
تون ٿو جنهن کي ڪوٺين جيون،
ٻٻرن جو سو ٻيلو آهي.
 
	 
 
		 
 
		 
 
		