منهنجي شاعري

بيوس بنگلاڻي

سينيئر رڪن

مايوسين جو ميلو آهي،

توبن ڪوئي اڪيلو آهي.

هوءَ نه ايندي هاڻ اچڻ جو،

يار لنگھي ويو ويلو آهي.

رات ٺري آ جذبا تڙپن،

ياد پيو ڪو _ مهلو آهي.

مان ڪيئن کاوان مرڪي ماني،

ويڙهيچن ڏي ويلو آهي.

تون ٿو جنهن کي ڪوٺين جيون،

ٻٻرن جو سو ٻيلو آهي.
 
جواب: منهنجي شاعري

تون ٿو جنهن کي ڪوٺين جيون،
ٻٻـــــــرن جو ســو ٻيــــــــــــلو آهي.

واه سائين واه، انتهائي سٺو اظهار آهي ۔۔۔
 
جواب: منهنجي شاعري

بنگلاڻي صاحب آس نه لاهجي شايد هن کي ڪا مجبوري هجي ٿورو صبر ڪيو
 
جواب: منهنجي شاعري

واهه بنگلاڻي صاحب۔۔۔ نهايت بهترين شاعري آهي۔۔۔ لگي رهو بنگلاڻي بهائي۔۔۔
 
جواب: منهنجي شاعري

سائين بنگلاڻي صاحب تمام سٺي شاعري ونڊ ڪئي اٿو۔ لک لائق اوهانجا اهڙي ڪوشش جاري رکجو مهرباني
lajwab-sharing​
 
Back
Top