• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نيوزلينڊ جو سري لنڪا جو دورو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
New-Zealand-v-Sri-Lanka.png


بنگلاديش هٿان ڪلين سويپ جهڙي هزيمت وٺڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ جو سري لنڪا جهڙي مضبوط ٽيم جو دورو شروع ٿي چڪو آهي۔۔۔ ڪرڪيٽ جي شوقينن هن سيريز ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۔۔۔ اهڙي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي شيڊيول پيش ڪجي ٿو۔۔۔

تاريخ | ڏينهن | ميچ | هنڌ | وقت | نتيجو
\ 10 نومبر | آچر | پهريون ون ڊي | همبن ٽوٽا | مجهند 2 وڳي | برسات ڪري نتيجو نه نڪتو
\ 12 نومبر | اڱارو | ٻيون ون ڊي | همبن ٽوٽا | مجهند 2 وڳي | نيوزيلينڊ 4 وڪيٽن تان کٽي ورتو
\ 16 نومبر | ڇنڇر | ٽيون ون ڊي | رنگيري دنبولا | مجهند 2 وڳي | سري لنڪا 36 رنسن تان کٽي ورتو
\ 19 نومبر | اڱارو | پهريون ٽي ٽونٽي | پالي ڪيلي | شام جو ساڍي 6 وڳي | برسات ڪري نتيجو نه نڪتو
\ 21 نومبر | خميس | ٻيون ٽي ٽونٽي | پالي ڪيلي | شام جوساڍي 6 وڳي | سري لنڪا 8 وڪيٽن تان کٽي ورتو
 
پهرين ون ڊي ۾ سري لنڪا ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي 288 رنسون جوڙيون ۔۔ واپسي ۾ نيوزيلينڊ اڃان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 13 اسڪور مس ڪيو هو بارش وسڻ شروع ڪيو جيڪا مقرر وقت تائين وسندي رهي ۔۔۔ نتيجو نه اچڻ نيوزيلينڊ لاءِ ڀلو ثابت ٿيو۔۔ حاضر آهن ميچ جون جهلڪيون۔۔۔

 
سائين مان رڳو پاڪستان جي ميچ ڏسندو اهيان۔باقي ٻين ملڪن جي ميچ صفا نه ڏسان۔باقي اخبارن ۾ انهن جون خبرون اينديون اهن۔ته ڪنهن هارايو ۽ ڪنهن کٽيو۔
 
بنگلاديش هٿان وائيٽ واش ٿيل نيوزلينڊ ٽيم ڇا ته راند ڏيکاري۔۔۔ ٻئي ون ڊي ۾ جڏهن سري لنڪا 23 اوورز ۾ 138 هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٺاهيون ته گذريل ميچ وانگر هن ميچ ۾ برسات وسڻ شروع ٿي۔۔۔ مينهن رڪيو ته 23 اوورز ۾ نيوزلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 198 رنس ڪرڻ جو ٽارگيٽ مليو۔۔۔ نيوزلينڊ جو اسڪور ته وڌڻ لڳو پر وڪيٽون به ڪرنديون رهيون ۔۔۔ آخر آخري اوور ۾ نيوزلينڊ کي 20 رنس ٺاهڻيون هيون۔۔۔ ميچ بلڪل به سري لنڪا جي هٿ ۾ اچي وئي هئي۔۔۔ پر ميڪ ملن اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي۔۔۔ هن بدنصيب هيراٿ جي آخري اوور ۾ 25 رنسون (2+1+6+4+6+6) جوڙي ورتيون...
جن دوستن کان هي ميچ ڏسڻ کان گُسي وئي هجي ۔۔۔ انهن لاءِ حاضر آهن مختصر جهلڪيون۔۔۔

 
Back
Top