نيوزلينڊ جو سري لنڪا جو دورو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]


    بنگلاديش هٿان ڪلين سويپ جهڙي هزيمت وٺڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ جو سري لنڪا جهڙي مضبوط ٽيم جو دورو شروع ٿي چڪو آهي۔۔۔ ڪرڪيٽ جي شوقينن هن سيريز ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۔۔۔ اهڙي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي شيڊيول پيش ڪجي ٿو۔۔۔

    تاريخڏينهن ميچهنڌوقتنتيجو
    10 نومبر آچر پهريون ون ڊي همبن ٽوٽا مجهند 2 وڳي برسات ڪري نتيجو نه نڪتو
    12 نومبر اڱارو ٻيون ون ڊي همبن ٽوٽا مجهند 2 وڳي نيوزيلينڊ 4 وڪيٽن تان کٽي ورتو
    16 نومبر ڇنڇر ٽيون ون ڊي رنگيري دنبولا مجهند 2 وڳي سري لنڪا 36 رنسن تان کٽي ورتو
    19 نومبر اڱارو پهريون ٽي ٽونٽي پالي ڪيلي شام جو ساڍي 6 وڳي برسات ڪري نتيجو نه نڪتو
    21 نومبر خميس ٻيون ٽي ٽونٽي پالي ڪيلي شام جوساڍي 6 وڳي سري لنڪا 8 وڪيٽن تان کٽي ورتو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهرين ون ڊي ۾ سري لنڪا ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي 288 رنسون جوڙيون ۔۔ واپسي ۾ نيوزيلينڊ اڃان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 13 اسڪور مس ڪيو هو بارش وسڻ شروع ڪيو جيڪا مقرر وقت تائين وسندي رهي ۔۔۔ نتيجو نه اچڻ نيوزيلينڊ لاءِ ڀلو ثابت ٿيو۔۔ حاضر آهن ميچ جون جهلڪيون۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين مان رڳو پاڪستان جي ميچ ڏسندو اهيان۔باقي ٻين ملڪن جي ميچ صفا نه ڏسان۔باقي اخبارن ۾ انهن جون خبرون اينديون اهن۔ته ڪنهن هارايو ۽ ڪنهن کٽيو۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بنگلاديش هٿان وائيٽ واش ٿيل نيوزلينڊ ٽيم ڇا ته راند ڏيکاري۔۔۔ ٻئي ون ڊي ۾ جڏهن سري لنڪا 23 اوورز ۾ 138 هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٺاهيون ته گذريل ميچ وانگر هن ميچ ۾ برسات وسڻ شروع ٿي۔۔۔ مينهن رڪيو ته 23 اوورز ۾ نيوزلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 198 رنس ڪرڻ جو ٽارگيٽ مليو۔۔۔ نيوزلينڊ جو اسڪور ته وڌڻ لڳو پر وڪيٽون به ڪرنديون رهيون ۔۔۔ آخر آخري اوور ۾ نيوزلينڊ کي 20 رنس ٺاهڻيون هيون۔۔۔ ميچ بلڪل به سري لنڪا جي هٿ ۾ اچي وئي هئي۔۔۔ پر ميڪ ملن اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي۔۔۔ هن بدنصيب هيراٿ جي آخري اوور ۾ 25 رنسون (2+1+6+4+6+6) جوڙي ورتيون...
    جن دوستن کان هي ميچ ڏسڻ کان گُسي وئي هجي ۔۔۔ انهن لاءِ حاضر آهن مختصر جهلڪيون۔۔۔

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو