بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏11 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي​

    حيدر بخش جتوئي صاحب آڪٽومبر 1901ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر بکوديرو ۾ جنم ورتو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي ئي شهر ۾ حاصل ڪري پوء سنڌ مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي ۽ بمبئي مان فرسٽ پوزيشن ۾ ميئٽرڪ پڻ پاس ڪيائين،باقي اچو ته جتوئي صاحب جي زندگي بابت هي وڊيو ڏسون.

    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=MhsFnzrWA5s
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    جيئي سنڌ نعري جو خالق: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي​

    [​IMG]
    ستار ڀٽي
    هي آزاد ۽ روشن خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ، انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 7 آڪٽوبر 1901 تي ڄائو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ ڦڦي کيس پاليو.
    تعليم جي ڏس ۾ پهريان پرائمري اباڻي ڳوٺ بکي ديري پوءِ ڳوٺ پٺاڻ لڳ باقراڻي شهر ۾ سال 1911ع تائين حاصل ڪئي. سال 1918ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر پوزيشن ساڻ پاس ڪيائين. موٽ ۾ سرڪار کيس اسڪالر شپ ڏني ۽ هو سنڌ مدرسته السلام لاڙڪاڻو اسڪول ۾ داخل ٿيو. هر سال جو ڪورس ڇهن مهينن ۾ پاس ڪري اڍائي سالن ۾ پنج درجا مڪمل ڪيا. تنهن بعد گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين هتي پڻ هوشيار شاگرد جي حيثيت ۾ هاسٽل مفت، بورڊنگ مفت، اسڪول جي في معاف ۽ 12 رپيا ماهوار اسڪالر شپ حاصل ڪيائين. سال 1923ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1924ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا حاصل ڪيائين. ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ به سندس ڪاليج في معاف هئي. ماهوار 30 رپيا هوشياري اسڪالر شپ کان علاوه مسلمانن ۾ پهريون نمبر هئڻ ڪري ماهوار 15 رپيا مسلم اسڪالر شپ پڻ حاصل ٿيندي هيس. ٻيا به ڪيترا انعام ماڻيائين. سال 1927ع ۾ بي اي فارسي ۾ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. سرڪاري ملازمت بحيثيت هيڊ منشي سال 1928ع ۾ شروع ڪيائين پر وري پگهار مختيار ڪار جي ملندي هئس. روينيو جي محڪماتي امتحان ۾ سڄي سنڌ جي اميد وارن ۾ پهريون نمبر آيو ۽ مختيار ڪار ٿيو. لڳاتار پندرهن سالن جي نوڪري ڪرڻ بعد آخر پنهنجي عروج ۽ جواني ۾ سال 1943ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ انهن عهدن تي انگريز نوڪريون ڪندا هئا ۽ سنڌي يا مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندو هو ۽ اڌ سنڌ نوڪرين لاءِ ڌڪا کائيندي هئي.

    حيدر بخش جتوئي سال 1945ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو، نوڪري ڇڏي سياست ۾ حصو وٺڻ جا هيٺيان خاص سبب هئا، جن کان هو تمام گهڻو متاثر هو. پهريان ته سنڌ ۾ وڏيرن جو ظالماڻو عمل، وڏيرن کي مسلسل آسائشون ۽ سندن عياشيون، قوم دشمن زندگي گذارڻ، ٻيو ڪامورا شاهي جا ظلم ۽ رشوت خوري جي گرم بازار، ٽيون هارين جي مفلسي ۽ لاوارثي کان علاوه آزادي جي جنگ جوٽيندڙ جوانن مٿان انگريز راڄ جو ڏاڍ ۽ جبر، خاص طرح ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جهڙن اڳواڻن جي قيادت ۾ سنڌ جي جاگيردارن خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جي شاندار تحريڪ ۽ وڏيون هاري ڪانفرنسون شامل آهن. ٻيو رخ ته هو سائنس ۽ فلاسافي سان دلچسپي رکندو هو. ڪاليجي زماني ۾ لڳاتار اينگر سال جا مضمون پڙهڻ، ٿياسافيڪل سوسائٽي جا سونا اصول ته سڀ انسان ڀائر آهن ۽ سچ کان مٿي ڪو مذهب ڪونهي، جرمن فلاسافر وليم هيگل جي تيوري اسٽالن، ڪارلمارڪس، لينن ۽ اينگلس جي انقلاب جو طريقو ۽ زندگي، برطانيه جي جڳ مشهور سائنسٽسٽ چارلس ڊارون پڻ شامل آهن.

    مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال 1930ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال 1945ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي ۾ وري نروار ٿي اڀري، جتوئي صاحب هن پليٽ فارم تان پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هفتيوار اخبار هاري حقدار جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائڻ، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جتوئي صاحب جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽي يا هاري پارٽي هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاريا. نتيجي ۾ پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻئي نبر تي هاري پارٽي جي حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ ملڻ لڳا. پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن نوابن ۽ سردارن کي آرام وارن بنگلن مان ٻاهر نڪري ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين پنڌ ڪرڻو پيو نه ته اڳ هو ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاص ڪندا هئا. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ حيدر بخش هي پهريون انقلاب آندو، هن اليڪشن ۽ سياست ۾ وڏيرن جو مقابلو ڀرپور ۽ شاندار نموني ڪيو پر جاگيرداري ماحول جي مضبوطي، هاري پارٽيءَ وٽ ناڻي جي کوٽ ۽ غريب طبقي ۾ تعليمي جهالت ۽ گهٽ شعور کيس ڪنهن به اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو. هن ڏس ۾ سال 1950ع ۾ ضلعي دادو ۾ پير الاهي بخش جي خالي ٿيل سيٽ تي ڪامريڊ حيدر بخش ان دور جي جابر وزير اعليٰ مسٽر محمد ايوب کهڙي جي سالي سان اليڪشن مقابلي ۾ بيٺو. ايوب کهڙو حڪومت جمهوريت دشمن طريقا استعمال ڪندي کيس اغوا ڪرايو ۽ نامينيشن فارم ڀرڻ نه ڏنو. پنهنجي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرڻ جو اعلان ڪرايو. سال 1951ع ۾ قمبر ضلعو لاڙڪاڻو ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هتي نواب سلطان احمد خان جي اشاري تي سندس راڄ جي ماڻهن جتوئي صاحب تي پٿر وسايا ۽ ورڪ ڪندڙ سڀني جيپن جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا. کيس اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد سڃ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. سندس ساٿين سان پڻ ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو. 10 مارچ ا1951ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي اليڪشن کي غلط قرا رڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته نواب چانڊيو صاحب جي عمر اليڪشن ۾ بيهڻ جي نه هئي. ڪوڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ هيڊ ماستر کي به سزا نه ملي پر سنڌ جي جاگيردارن ۾ وڏو غصو پيدا ٿيو ۽ هنن ڪامريڊ جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو.

    سنڌ ۾ هاري ڪانفرنسون هارين ۾ اتحاد ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. سال 1948ع ۾ 30 ۽ 31 مئي تي رتو ديرو ۾ سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڪامريڊ جتوئي صدر چونڊيو. جڏهن ته ڪامريڊ عبدالواحد سورمو لاڙڪاڻو ضلعي صدر ۽ ميان علي محمد عباسي ضلعي نائب صدر چونڊيا. ميان علي محمد عباسي جو لاڙڪاڻي ضلعي هاري تحريڪ کي منظم ڪري عروج تي پهچائڻ ۾ وڏو هٿ آهي. هن کان بغير لاڙڪاڻي ۾ هاري تحريڪ نامڪمل آهي ڇاڪاڻ ته وڏيرڪي گهراڻي جو فرد هو پر سندس پئسو، صلاحيتون ۽ اوطاق هاري تحريڪ لاءِ وقف هيون. ڊسمبر 1951ع تي پڻ رتوديرو ۾ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي صدارت ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر ڪئي.

    هڪ تاريخ ڪانفرنس 15 مارچ 1953ع تي تجرباغ هاڻوڪو هوشو پارڪ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب ڪئي. هي سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس هئي، جنهن کي محترم جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. وري ساڳي باغ ۾ 4 اپريل 1954ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس زير صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب جي منعقد ٿي. ون يونٽ خلاف پڻ هاري ڪانفرنس مارچ 1957ع ۾ لالو رانڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي. 15 مئي 1957ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪئي.

    حيدر بخش هڪ قانوني ۽ آئيني شخصيت جو مالڪ هو. اهو ئي سبب آهي ته هو پنهنجا مقدما ۽ سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهيو. هن سنڌ مٿان ٿيندڙ رياستي ڏاڍ ۽ حڪومت جي غير آئيني مسئلن بابت عدالتن ۾ تمام گهڻا مقدما داخل ڪيا، وڙهيا ۽ عدالتن مان آئيني فيصلا حاصل ڪيا. اهو ئي سبب آهي ته وقت جا حڪم وزير ۽ اعليٰ ڪورٽن جا جج صاحب سندس پاران داخل ڪيل مقدمن ۾ پاڻ ئي دفاع ڪرڻ وقت ڪيس جي ڏس ۾ پنجاهه کان وٺي ٻه سئو صفحن تي پيش ٿيندڙ دليلن يا ڪنڊن وانگر چڀندڙ تيز ۽ سچين حقيقتن تي مشتمل مواد مان گهڻو پريشان ٿيندا هئا. جتوئي صاحب پاڪستان ۾ وڏن وڏن آئيني بحرانن تي عدالت سڳوري مان فيصلا ورتا. سندس پاران ٻن حصن ۾ انگريزي ڪتابن ان وقت جي سرڪار کي لوڏي ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي سربراهه خان بهادر محمد ايوب کهڙي کيس سال 1954ع ۾ گرفتار ڪيو پر عدالت مان هن کي نيٺ آزادي حاصل ٿي.

    پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ وڏو آئيني بحران پيدا ٿيو جنهن ملڪ ۾ موجود جمهوريت سياست کي پهريون ڀيرو ڪاپاري نقصان رسايو ۽جمهوري سياست کي روڪي آمريت جي مصيبت ۾ مبتلا ڪيو. اهڙي طرح پاڪستان جي عدالت ۾ هن وڏي قانوني ويڙهه بابت جسٽ سجي سربراهي ۾ عدالت سڳوري پنهنجي فيصلي ۾ ٻي آئين ساز اسيمبلي لاءِ اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ جتوئي صاحب هي جنگ فتح ڪئي. 15 آڪٽوبر سال 1955ع ۾ سنڌ جي ويڪو وڏيرن سياستدانن سنڌ ڌرتي ساڻ وڏي ويڌن ۽ ظلم ڪيو. هنن مسلمان ڀائر جي نالي ۾ پنهنجي سياسي مايوسي ۽ ناڪامين جو بدلو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم کان ورتو ۽ ملڪ ۾ ون يونٽ قائم ڪري سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي آزادي ثقافتي ۽ تهذيبي شناخت ختم ڪري مرڪز حوالي ڪيو ويو جنهن وري سنڌ صوبي کي مغربي پاڪستان صوبي جو هڪ حصو قرار ڏنو نه صرف ايترو پر ان وقت صوبائي سرڪار وٽ موجود خزاني ۾ ڪروڙين رپيا پڻ مرڪز جي حوالي ڪيا. سنڌ ڌرتي مٿان پنهنجن ايڏو وڏو ڌاڙو خان بهادر محمد ايوب خان کهڙي وڏي وزير جي قيادت ۾ هنيو. ڪجهه سياستدانن اڳ مخالفت ڪئي پر پوءِ خاموش ٿيا. حيدر بخش پهريون سنڌي سياستدان هو جنهن ون يونٽ جي کلي عام مخالفت ڪئي. هن ڏس ۾ هن سنڌ جو دورو ڪيو، پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهائيا، ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ هي پهريون دفعو ڪنهن قومي مقصد لاءِ سڌو سنئون عوامي رابطا مهم جو آغاز هو. اهڙي طرح پهريان جتوئي صاحب اڪيلي سر سنڌ ۾ عوامي شعور پيدا ڪري ون يونٽ خلاف ماحول پيدا ڪيو ۽ انڊر گرائونڊ ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي بک هڙتال ڪئي. سڄي سنڌ جي شاگردن، شاگرد تنظيمن، ليڊرن، قومي ورڪرن، ادبن ۽ دانشورن، سندس سڏ تي آواز ڏنو. سندس پاران انگريزي ۾ جاري ڪيل هڪ پمفليٽ تمام گهڻو تحريڪ کي منظم ڪيو ۽ طاقت وڌائي ڇاڪاڻ ته انگريزي ٻولي ۾ حقيقتون جڏهن ننڍن صوبن سرحد ۽ پوءِ بلوچستان جي اڳواڻن خان عبالولي خان، نواب اڪبر خان بگٽي، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ سردار خير بخش خان مري ۽ مير غوث بخش خان بزنجو جهڙن سياستدانن جي ٽيبل تائين پهتيون ته هنن جتوئي صاحب جي هلايل تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي. ون يونٽ تحريڪ ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ شاهي قلعي لاهور جي اونداهه قيد ۾ رکيو ويو، هتي مٿس وڏا ٽارچر ٿيا ۽ کيس تمام گهڻيون اذيتون ڏنيون ويون ۽ سخت تشدد ڪيو ويو پر هن مجاهد حوصلو نه هاريو. آخرڪار کيس آزاد ڪيو ويو. سال 1957ع ۾ جنرل محمد ايوب خان پاڪستان ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ حيدر بخش جتوئي صاحب کي گرفتار ڪري 2 سال سزا ڏني وئي. جنرل محمد ايوب خان جي ڏنل آئين خلاف انگريزي ۾ پمفليٽ ڪڍيو ۽ جدوجهد ڪئي. آخر جنرل محمد ايوب خان هن کي ڊسمبر 1947ع کان اپريل 1948ع تائين قيد ۾ رکيو . ڪيس هلندي ڪورٽ ۾ جتوئي صاحب پنهنجي مشهور شعر جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ پڙهيو، جنهن تي اٿارٽي جنرل اعتراض ڪندي چيو ته ڪندي چيو ته هي اکنڊ ڀارتي آهي پر جج صاحبن قرار ڏنو ته جيئي سنڌ چوڻ ڏوهه ناهي ۽ هي هڪ ثقافتي نعرو آهي.

    سنڌ ۾ هاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽ وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو، پاڻ سال 1948ع ۾ پهريان پنج سمي يا اڌو اڌ بٽئي تحريڪ هلائي جنهن لاءِ ان وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڏي اناج منڊي شهدادڪوٽ ضلعو لاڙڪاڻو کي منتخب ڪيو ويو. هن تحريڪ ۾ جتوئي صاحب ساڻ مولوي نذير حسين جتوئي، مولوي عزيز الله جروار، ڪامريڊ عبدالواحد سومرو رتو ديرو وارو ۽ ٻيا شامل هئا. در اصل بٽئي مان جيڪڏهن پنج خرار ان هوندو هو ته وڏيرو يا ذميندار ٽي خرار کڻندو هو باقي بچيل ٻن خرارن مان ٻج، ٽويا ۽ اوطاق جو حصو ڪڍي اوڌر يا قرض اڳاڙي هاري کي ڏيندو هو. اڌو اڌ بٽئي تحريڪ هلي ۽ پوءِ شهدادڪوٽ ۾ عهديدار ۽ هاري گرفتار ٿيا پر سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن ۾ ڄڻ ته ٿرٿلو مچي ويو. ڪو اوچتو طوفان اچي ويو. هن وڏي حقن جي جنگ ۾ آخر هاري حقدار سوڀ ماڻي ۽ زميندار شڪست مڃي، ان کان پوءِ سنڌ ۾ بٽئي اڌو اڌ رواج شروع ٿيو. سال 1929ع ۾ ٻي تحريڪ هارپ ائڪٽ شروع ٿي جنهن لاءِ سرڪار ڪميٽي جوڙي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ زميندارن ۽ هارين جون گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون. 15 اپريل 1929ع تي درٻار هال لاڙڪاڻي ۾ اجلاس زير صدارت سيد ميران محمد شاهه جي منعقد ٿيو، جنهن ۾ زميندارن جي بيگر ڇيڙ ۽ لاپو متعلق هارين بيان ڏنا جڏهن ته وڏيرن پاران محمد ايوب کهڙو، فقير محمد انڙ، محمد خان چانڊيو ۽ نواب غيبي خان چانڊيو جو پٽ ۽ ٻين هارين جي مخالفت ۾ دليل ڏنا. هن موقعي تي ڌامراهن جي ڳوٺ جي وڏيري محمد پناهه جوڻيجي پنهنجي روشن خيال ۽ حق پرستي جو مظاهرو ڪدني سر عام اجلاس ۾ هارين جي حقن ۽ مطالبن جي حمايت ڪري اجلاس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. حيدر بخش جي ڪوشش سان سال 1950ع سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو، حيدر بخش جتوئي 3 اپريل 1950ع ۾ سڄي سنڌ جي هارين کي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڪراچي پهچڻ جي اپيل ڪئي ۽ نتيجي ۾ اٽڪل پندرهن هزارن جي تعداد ۾ هارين مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي ويٺا. هن هاري مظاهري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي قوت اهميت ۽ اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪيو، ڪيترن هارين ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو. هارين پاران اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس جو گهيراءُ ختم ڪرڻ لاءِ پهريان ته حڪومت پوليس ۽ فوج کي وڏي تعداد ۾ گهرايو هو پر پوءِ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد ان وقت جي وزير اعليٰ مسٽر يوسف هارون ملاقات ڪرڻ لاءِ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه اڳواڻن کي اسيمبلي ۾ گهرايو. مذاڪرات ٿيا ۽ آخر اسيمبلي 3 اپريل 1950ع تي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بحيثيت قانون پاس ڪيو. اها صرف ۽ صرف حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪرشما ساز شخصيت ۽ ولوله انگيز قيادت جي ڪاميابي هئي. شاعري ۽ا دب جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ نوڪري تان استعيفيٰ ڏنائين پر انگريز ڪليڪٽر مئڪملن حيدر بخش ۽ سندس والد کي گهرائي هيڊ منشي جي عهدي تان استعيفيٰ واپس وٺرائي. هن شاعر اسڪول جي زماني ۾ امام حسين جي شهادت بابت مرثيه پڙهي شروع ڪئي.

    حيدر بخش جتوئي صحافت ڏانهن پڻ هاري انقلاب خاطر لاڙو کاڌو. 1945ع ۾ هاري حقدار اخبار جاري ڪيائين پوءِ سال 1946ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”ڪسان“ ڪڍيائين، جيڪا قسمت ڇڳاڻي جي پريس مان ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالواحد سومرو ۽ سب ايڊيٽر نبي بخش تونيي جي قيادت ۾ سال 1950ع تائين جاري رهي. پاڻ سنڌ جو ڪيس قلم، ادب، صحافت، قانون، عقل ۽ ڏاهپ سان ڳايو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان پوءِ حيدر بخش جتوئي ٻئي نمبر تي سنڌ جو عاشق هو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ سنڌ سان سچو عشق ڪيو.

    ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جتوئي جو نالو شاعري ۾ مشهور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي هڪ جماعت نالي ”سرسوتي گروپ“ هئي اتي مشاعره ٿيندا هئا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پهريون ڪتاب تحفه سنڌ شايع ٿيو، جنهن ۾ شڪوه جو انساني انداز پنهنجي مالڪ سان پيش ڪيو، هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چڙهڻ جي فتويٰ پڻ شامل هئي. ان ڏس ‎۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوه مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران مخدوم شاهه، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جهڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا اديب شامل هئا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ به دانهين ٿيا جنهن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو ته اهو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پهتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاهه نواز خان ڀٽو ڏانهن موڪليو، جنهن تي سر شاهنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو ته سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل لائق ۽ هوشيار مسلمان آفيسر آهي، قابليت کان علاوه ايماندار ۽ ديانتدار به آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آهن، جن تي ڪو به قدم کنيو ناهي ويو. لحاظه هن ڪيس ۾ به خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناهي. شاعري ۾ خاص طرح تحفه سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري نظم، حيوان نظم، اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي نظم، اي مٺي جيجل سونهاري سنڌ ضبط ٿيل بلوچستان زندهه آباد، ضبط ٿيل، هاري انقلاب نثر ۾ هاري گيت شعر، ڪمدار جا ڪارناما نثر سال شامل هئا. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاهڪار شامل آهن، ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجهد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 17 آهي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن، بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ سال 1950ع ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽر شپ ان پاڪستان، ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سال 1956ع، لينڊس ان سنڌ، هوشڊ اون ڊيم، شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آرناٽ، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي سال 1957ع ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي سال 1922ع ان جسٽس ٽو سنڌ، ان کان علاوه رويو آف قرآن شريف شامل آهي، جيڪو شايع نه ٿيو. هن پاڻ هٿن ۾ زنجير پائي قوم کي هٿڪڙين کان آزاد ڪرايو، جيسين سنڌ سر زمين تي سنڌي قوم جو وجود آهي بابائي سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو ڌرتيءَ جي مرد مٿيرن ۾ هوندو. مون ناچيز کي هن عظيم شخصيت کي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جو زندگي ۾ هڪ دفعو موقعو مليو. پاڻ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سال 1970ع ۾ لاڙڪاڻي آيو ته ريلوي اسٽيشن تي تمام سياسي پارٽين ۽ شاگرد تنظيمن سندس شاندار استقبال ڪيو. هو گاڏيءَ ۾ نه ويٺو ۽ جلوس جي صورت ۾ پنڌ غريبو مقام ميدان تي جلسي ۾ پهتو. مان سندس خطاب ٻڌو. اسان استاد عبدالوحيد ڪٽبر جي قيادت ۾ سندس استقبال ڪيو. پاڻ ڪامريڊ دوست محمد ابڙو وڪيل وٽ مهمان هئا. مون گذارش ڪئي ته ڪامريڊ جيل جي تجربن بابت ڪجهه ٻڌايو. حيدر بخش چيو ته مون مختلف موقعن تي جيل ۾ آرام سان سنڌي انگريزي ڪتاب لکيا. تقريبن شاعري جيل ۾ ڪئي ۽ لکي اٿم، مون جيلن ۾ رهي ڪري سنڌ جو مقدمو وڙهيو آهي. جيل ۾ وڃڻ بعد يار دوست، مٽ ۽ مائٽ ته ملڻ ئي ڪو نه اچن. لڳاتار جيلن ۾ وڃڻ ڪري هي منهنجو پٽ دادن پڻ ملڻ ڪو نه ايندو هو. هو چوندا هئا ته پاڻ ئي بابو آزاد ٿي ايندو. مان جيل مان پنهنجي ڪيس به وڙهيا آهن ڇاڪاڻ ته مان سنڌ ۽ سنڌين جو وڪيل آهيان. اڄ هڪ قوم پرست ٽولو حيدر بخش جي ڪردار کي مٽائڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڌرتي دوست جو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن وٽ رتبو ۽ حيثيت نه پر تحريڪ ۽ نظريي ساڻ وفاداري اتم آهي. هو انهن آدرشوادي انسانن مان ڪو نه هو جيڪي صرف سماجي براين تي تنقيد ڪندا وتن پر هو هڪ سچو سماجي انقلاب آڻيندڙ انسان هو. ڇاڪاڻ ته جيسين سماج جا بنياد نه بدلبا تيسين شخصي نيڪي ڪنهن ڪم جي ڪونهي، پورهيت ۽ هاري جي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوان، پنهنجي جسم، خواهشن کي ڏک، ڏولاوا، تڪليفون ڏنيون، ڪاش اڄ جديد سهولتن ۽ شعوري دور ۾ ڪامريڊ جتوئي جو نظريو ۽ پارٽي ڪنهن ڪنڊ تان عملي جدوجهد ۾ نظر اچي ها هاري حقن جا ڏيئا ٻاري ها ته جتوئي مرحوم جي زندگي جو خواب سجايو ٿئي ها. سندن زندگي جي جدوجهد لاڀ ماڻي ها. 1970ع کان هي انقلاب جو باب ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪاش ڪو حيدر بخش جتوئي اڄ پيدا ٿئي ۽ هاري حقدار جو نعرو هڻي.




    بشڪريه عوامي آواز
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جون ساروڻيون​

    [​IMG]

    سوڀو گيانچنداڻي
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بابت ڄاڻ مون کي 1930ع کان وٺي 1945ع تائين ايتري هئي ته هو ڏوڪري تعلقي جو هو ۽ ان لحاظ کان پاڙيسري هو، سندس ڳوٺ ۾ منهنجا چاچا ريزڪي دڪان هلائيندا هئا، جن کان اهو معلوم ٿيندو رهندو هو ته هو هڪ ايماندار نيڪ ۽ بي تعصب ماڻهو هو، شايد 1931ع ۾ هو اسان جي ڳوٺ ڍل جي وصوليءَ لاءِ آيو هو ۽ رات اسان جي اوطاق تي ٽڪيو هو، معلوم اهو ٿيو ته ننڍن کاتيدارن جن تي بقايا هئي، انهن جا برتڻ ۽ وهرا به ڪوٽوار ۽ تپيدار ڪاهي آيا هئا، جي حيدر بخش موٽائي مالڪن کي ڏنا ۽ تپيدار کي تنبيهه ڪئي ته هر جا اوزار ڏاند ۽ کاڌي پيتي جا برتڻ ۽ سامان ضبط نه ڪرڻا آهن.
    حيدر بخش جو لاڳاپو هاري تحريڪ سان 1935-1936 کان ٿيو جڏهن هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس ٽنڊي ڄام ۾ هئي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هو ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ ڪتاب پڙهڻ لڳو. ان کان اڳ هن جو واسطو ٿياسافي وارن سان به هو، جيڪي به سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙ هئا، انهيءَ سان لهه وچڙ هئي، ان دور جي دوستن ۾ چيٺمل گلراجاڻي، جمشيد نسروانجي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پروفيسر واسواڻي، ڪامريڊ عبدالقادر ميوو خان، صدر هاري ڪميٽي ۽ محمد امين کوسو ۽ ٻيا ڪامريڊ حيدر بخش سان ملندا جلندا رهندا هئا ۽ انهن سان حيدر بخش جي ڏي وٺ هئي، پر نوڪريءَ ۾ هوندي به سندس خيالات گهڻو اڳتي ۽ انقلابي هئا، ان دور ۾ به هن نوڪري ڇڏي ڪل وقتي ڪارڪن ٿيڻ جو سوچيو پر دوستن جي چوڻ تي اهو پروگرام ٽاريندو رهيو.
    1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم جي خاتمي دنيا ڀر جي ملڪن ۾ انقلابن ۽ ڪميونسٽ تحريڪن ڀڙڪو کاڌو ۽ ان اڀار واري دور کان حيدر بخش به شدت سان متاثر ٿيو ۽ هن ۾ عوام جي خدمت لاءِ نڪري پوڻ جو اجهل جذبو پيدا ٿيو ۽ دوستن ۽ ساٿين جي سمجهاڻين ۽ جهلڻ جي باوجود هن نوڪري ڇڏي ۽ هاري تحريڪ ۾ ٽپي پيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين هو هاري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ رهنما رهيو ۽ هاري ڪميٽيءَ کي قومي ڪردار عطا ڪرڻ ۾ هن جو نمايان حصو هو. هاري ڪاميٽي هارين جي طبقاتي گهرجن کان گهڻو مٿي نڪري سنڌ جي قومي تحريڪ جو اڳواڻ دستو بڻجي وئي.
    1954ع کان 1969ع جو ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول ۾ ون يونٽ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي خاتمي تائين حيدر بخش سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏ سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار رهبر ٿي انهن پندرهن سالن ۾ حيدر بخش جتوئي ايوب شاهي ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري نوڪر شاهي سازشن کي بي نقاب ڪندو رهيو جنهن ڪري هو گهڻو وقت جيلن ۾ رهيو، پر جنهن وقت به هو ٻاهر رهيو ته جاگيرداري، سرمائيداري نظام خلاف قلمي ۽ تنظيمي جهاد ڪندو رهيو، ان دور ۾ هن ”جمهوريت يا ڊڪٽيٽرشپ پاڪستان ۾“ ٽن حصن ۾ شايع ڪيو.
    جسٽس منير جي فيصلي خلاف ”ڊيموڪريسي ۽ جسٽس آف دي چيف جسٽس لکيو ۽ سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير ۽ سنڌ مٿان ڍلن جو بار ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيا جن ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي، جنهن ڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ کيس سزائون مليون.
    جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ رهيو، نه پاڻ آرام ڪيائين ن حاڪمن کي آرام سان ويهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي ٿائينڪو ٿي، ٿڌو ٿي ويهڻ ڏنائين يا ساهي کڻڻ ڏنائين.
    ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي“
    1958ع کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين هو سنڌ، سنڌي قوم سنڌ جي هارين جو علمبردار ۽ اڳواڻ ۽ هاري پورهيت تحريڪن جو اڻ ٿڪجندڙ انجڻ جو ڪم ڏيندو رهيو.
    هن جي وفات کان پوءِ هاري تحريڪ ۽ سنڌ جي وجود لاءِ جدوجهد ۾ جيڪا ماٺائي آئي ان مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪي انسان پنهنجي شخصيت پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ٿين ٿا.
    حيدر بخش جتوئي جهڙو بهادر، مظلومن جو حمايتي، سنڌ ۽ هارين جي حقن لاءِ بي خوف ۽ ڊائينمو جي حيثيت رکندڙ شخصيت اسان هن وقت تائين وري نه پيدا ڪري سگهيا آهيون. حيدر بخش جي همگير شخصيت، خلوص، شريف طبيعت ۽ قوتن سان سنڌ جي مظلوم ۽ پيڙهيل عوام ۽ خاص طور هارين لاءِ جهاد ڪيو.
    حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. 1945 کان 1953ع تائين هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريه ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڌو اڌ بٽئي بئراجن جي زمين هارين کي ڏيارڻ، پراڻي زمينداري سرشتي هيٺ هارين جي حقن کي مڃرائڻ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي رعب ۽ دٻاءُ کي للڪارڻ ۽ مقابلن جو دور ليکجي ۽ ٻيو دور 1954ع کان وٺي 1970 تائين جنهن دور ۾ حيدر بخش جي جاکوڙ هاري تحريڪ کي سنڌ جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ جنهن سبب کيس ”باباءِ سنڌ“ به ڪوٺجي ٿو.
    باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سان وقت بوقت ڪي سنها ٿلها اختلاف به ٿيا، پر شابس آهي هن مرد مجاهد کي جو ڪڏهن به ذاتي بغض يا سياسي بغضن تي وقت نه وڃايائين ۽ اسان سان هميشه ساٿين دوستن ۽ ڀائرن وانگر نڀايو، هو مون کان عمر ۾ ويهه سال وڏو هو پر ڪڏهن به هن مون کي اهو سوچڻ جو موقعو نه ڏنو ته سندس ”ننڍو ڀاءُ“ آهيان يا هو ”وڏو“ هو. 1945ع ۾ جڏهن مان گوبند مالهيءَ سان گڏجي ”نئين دنيا“ رسائي لاءِ لکيل مواد وٺڻ لاءِ وڌي ويس، تڏهن کان هو منهنجو مهربان دوست، ساٿي ۽ جدوجهد ۾ ساٿي ۽ سرواڻ رهيو.
    باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ وقت بوقت پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪمت عملي ۽ طريقيڪار جو نڪته چين به رهيو جنهن ڪري هن کي ”ڊسپلين“ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو هو پر ڪميونسٽ پارٽي ڪڏهن به هن کي پاڻ کان الڳ يا جدا نه سمجهيو وقت بوقت هن سان صلاح مشورو ۽ تنظيمي رابطو برقرار رهيو. حيدر بخش جتوئي پاڻ کي فخريه ڪميونسٽ سڏايو ۽ پنهنجي آخري انٽرويو ۾ به پاڻ مرادو چيو هو ته مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن کان متاثر هو ۽ انهن مان ئي هن علم پرايو هو.
    باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي هڪ اعليٰ درجي جو مفڪر، انقلابي جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ تحريڪن کي منظم ڪندڙ ۽ ”سنڌ جي قومي وجود“ ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جو سرواڻ ۽ انهن ٻنهي تحريڪن کي ڳنڍيندڙ پل جو ڪم ڏيندڙ اڳواڻ هو. ڇو ته سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ۾ هنن ٻنهي جهدن کي گڏڻ جي اشد ضرورت هئي ۽ آهي ڇو ته انهن ٻنهي تحريڪن جي گڏجي هلڻ ۾ ئي اسان جي نجات آهي.
    بشڪريه عوامي آواز
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    واھ واھ ادا ممتاز بهترين ونڊ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    340
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    ادا تمام بهترين.
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    محترم مرحوم حيدر بخش جتوئي سنڌ جي سونهري تاريخ آهي، هي قومپرست ۽ ارڏو انسان سنڌ سان وفاداري، وفاشعاري ۽ همٿ سبب سنڌي قوم جي سياسي افق تي هڪ ستاري جيئان هميشه چمڪندو رهندو، ڪوجهيون هونديون آهن اهي قومون جي پنهنجن مانجهي مڙسن کي وساري ويهنديون آهن، سوڀاريون قومون هميشه پنهنجن تاريخ ساز شخصيتن کي ياد ڪري انهن جي هلايل هلچل ۽ ٻڌايل مقصد کي اڳرو ڪنديون رهنديون رهنديون آهن ۔۔۔

    رب العالمين کان دعا آهي ته انساني کيتر ۾ سنڌ جي نصر ڪندو رهي ۽ اهڙا ارڏا، بهادر، سورهيه ۽ سهڻا انسان پئدا ڪندو رهي، جيڪي پنهنجي رت ست سان سنڌ جي اجڙيل باغ جي آبياري ڪن ۔۔۔ آمين
     
  7. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    تمام بهترين ونڊ آهي۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بابائي سنڌ جناب حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪهاڻي

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي باري ۾ اهڙي بهترين ڄاڻ ڏيڻ تي اوهان جي مهرباني ادا ممتاز۔۔ منهنجي معلومات موجب سندن سالگرهه اڄ 7 آڪٽوبر تي آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو